عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ڪاڪ ڌڻي او ڪاڪ ڌڻي، ڪيسين رهندين ڪاڪ ڌڻي؟
نيٺ ته ٻالڪ وڏڙو ٿيندو، ويندو توکان راند کڻي.
1؛ توق گلي جا بدلي ٽوڙي، عيسيٰ دار تي رسڻو آ،
پيتو ٿي سقراط سدائين، اهڙو زهر به پيئڻو آ،
آزادي جي ميدانن کي، ميندي رتڙو ڪرڻو آ،
نيٺ ته جوڌا ڳولي ايندا، واچوڙن مان قرب ڪڻي.
2؛ حسن تي پهرا رهندا آيا، توڙي ويو آ وقت ڳري،
مارئي پنهنجو ڀرم وڃائي، جهڻڪارن تي ڪئين مري!
ڪارنهن جو الزام لڳائي، چنڊ ستارن ڪئين چري!
ڪيسين رهندا نيٺ ته ٿيندا، ظلم جا سايا ڪڻي ڪڻي.
3؛ باه وسائي ماڪ جا موتي، ٻالڪ مکڙيون ٽڙينديون پو،
کير جي ڇاتي خون پياري، ڪوڙيون ڇاتيون کلنديون پو،
ماضي ملندو مسقبل سان، راهون روشن ٿينديون پو،
مومل پاڻهي ڪاڪ ڇڏيندي، جڏهن پوندا ڇاڪ ڇڻي.
4؛ منهنجا ٻالڪ! دوور افق تي سرخي ساز وڄائي ٿي،
ڳاڙها ڳاڙها کهنبي جهڙا، ڪنوارا گيت ٻڌائي ٿي،
تنهنجي منهنجي آس اڀامي، پنهنجو پير وڌائي ٿي،
راند رسائي ويٺين ساٿي، هاڻ پيارا مرڪ کڻي!