• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اياز دانش

صاحبڏنو شيخ

سينيئر رڪن
اياز دانش نئين ٽهي جو بهترين شاعر آهي لاڙ جو هي جوشيلو ۽ خوبصورت لفظن جون مالهائون شاعري ۾پُوئندڙ شاعر جنهن جي شاعري هن دور جي اعليٰ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي.سندس بهترين تخليق جو اندازو هن شاعري مان خُوب ڪري سگهجي ٿو.

شام لڙي جو سج لهي ٿو،
من ڪيڏو سور سهي ٿو.
ڏينهڙا گذرن تڪڙا ڪيڏا،
وقت هٿن مان ڪئين وهي ٿو.
ڪيڏو تنگ زمانو ٿيو آ،
ڪير به ڪيڌانهن ڪونه ڪهي ٿو.
“دانش” هر ماڻهو جي من ۾
هڪڙو ماڻهو ٻيو به رهي ٿو
شام لڙي جو سج لهي ٿو ،
من ڪيڏو سور سهي ٿو.
 
Back
Top