سنڌ کي اين ايف سي ۾ ڏنل حق نه ڏئي ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اڄوڪي اخبار جي هي ڳاله آهي پر مون نوٽ ڪيو آ ته ڪافي عرصي کان محترم علي قاضي جن اها ڳاله ڪندا پئي آيا پر ٻي ميڊيا جي ٿرو اسان جا سنڌ جا حڪمران انهن خبرن کي بي بنياد چوندا ٿي آيا
    پر هي وري ڪهڙي فلم آهي جو اڄ وري هو خود اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جن جي هو خود ڪجه عرصو اڳ ترديد ڪندا ٿي آيا؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!

    سنڌ کي اين ايف سي ۾ ڏنل حق نه ڏئي ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي:ماروي ميمڻ

    ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز رپورٽ) (ق) ليگ جي عورت ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت وسيلن جي ورڇ ۾ حصو نه مليو آهي ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده وفاقي بجيٽ عوامي بلڪل نه آهي، کيسي جي سياست ٿي رهي آهي، حڪومت کي جيڪڏهن اين ايف سي ايوارڊ کي لاڳو ڪرڻو هو ته هن بجيٽ ۾ لاڳو ڪري ها، ڇو عملدرآمد ناهي ڪيو ويو، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي مليل مالياتي اختيارن جو ڪو به استعمال ناهي ڪيو ويو، جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي، جيڪڏهن ٻين صوبن کي آئين ۽ اين ايف سي ۾ ڏنل فائدا ملي رهيا آهن ته سنڌ کي ڇو نه ٿو ان جو جائز حق ڏنو وڃي، سنڌ جي پاڻي لفٽ مشين ذريعي چوري ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صوبي اندر به پاڻي جي منصفاڻي ورڇ به نه پئي ٿئي، سنڌ کي 55 سيڪڙو ملڻ کپي، ساڳيو 23 سيڪڙو پيو ملي ۽ اهو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي، پنجاب تي سنڌ پاڻي چوري جا الزام اجايا نه پيو هڻي 60 سالن کان وٺي اهو مسئلو هلندو پيو اچي، ننڍن هارين جي زمينن ۾ پاڻي نه ٿو اچي، ڇو ته وڏا وڏيرا زوري پاڻي پنهنجن زمينن لاءِ کڻي رهيا آهن، انهن کي ڇو نه ٿو هٿ لڳايو وڃي.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو