غزل
حسن درس
سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون،
پرين لا۽ پوريون پٽيون سين اکيون.
رڳو لُڙڪ هاري رُناسين لِڪي،
کٽڻ لا۽ ڪهڙيون کٽيون سين اکيون.
نپُوڙي نپُوڙي نگاهون نچُوڙي،
سُڪا لڙڪ پوڀي وٽيون سين اکيون.
پرين پوک تنهنجي لا۽ پاڻي ٿياسين،
کُٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون.
"حسن" هي اسان جو تو گذرڻ ڏٺو،
گهٽي مان گهيلجي مٽيون سين اکيون.