حسن درس سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

غزل

حسن درس

سڄي رات بيٺي ڪٽيون سين اکيون،
پرين لا۽ پوريون پٽيون سين اکيون.

رڳو لُڙڪ هاري رُناسين لِڪي،
کٽڻ لا۽ ڪهڙيون کٽيون سين اکيون.

نپُوڙي نپُوڙي نگاهون نچُوڙي،
سُڪا لڙڪ پوڀي وٽيون سين اکيون.

پرين پوک تنهنجي لا۽ پاڻي ٿياسين،
کُٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون.

"حسن" هي اسان جو تو گذرڻ ڏٺو،
گهٽي مان گهيلجي مٽيون سين اکيون.​
 
Back
Top