ٻوليءَ جي سَهنجائي : فهميده حسين

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻوليءَ جي سَهنجائي : فهميده حسين

    گذريل هفتي مون سنڌيءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ اکرن جي اکيڙ ڪري ڪن اکرن ۾ ضروري بلڪ اڻٽر تبديليون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ظاهري طور نه سهي ڪمپيوٽر جي ڪنجين کي User Friendly يا سهنجو بڻائڻ لاءِ ۽ يونيڪوڊ ۾ داخله لاءِ ڊيٽا بيس ۾ داخل ڪرڻ خاطر. لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته ڪابه مڪمل ۽ آدرشي آئيويٽا ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته هر هڪ آواز يا صوتيي (Phoneme) لاءِ هڪ ئي اکر (grapheme) مقرر هئڻ گهرجي، پر هن وقت دنيا ۾ ڪابه اهڙي ٻولي ڪانهي جنهنجي الفابيٽ ان اصول تي پوري لهي ۽ ڪابه ٻولي اهڙي هام هڻي نٿي سگهي ته ڪو ان ۾ موجود سمورا لفظ ان جا پنهنجا آهن. هاڻي ٿئي ڇا ٿو ته جڏهن ڪا ٻولي ٻي ٻوليءَ کان لفظ اڌارا وٺندي آهي ته اها ان سان گڏ اول ان جي اها صورت جيئن جو تيئن قبول ڪندي آهي، پر پوءِ لاڳيتي استعمال کانپوءِ جيڪڏهن ان جي اُچار يا صورتخطيءَ جو ٽڪراءُ ميزبان ٻوليءَ جي اُچارن ۽ صورتخطيءَ سان ٿيندو آهي ته آهستي آهستي اها ان لفظ کان پنهنجو ڪرڻ لاءِ اُچار به بدلائيندي آهي جيڪو فطري عمل هوندو آهي پر جيئن ته لکت جو نظام فطري نه پر شعوري طور مقرر ڪيل هوندو آهي ان ڪري اچار ۽ آواز جي تبديليءَ جي باوجود صورتخطيءَ کي بدلائڻ جو عمل به شعوري طور ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. ته جيئن صوتيي ۽ اکر جو تعلق قائم ڪجي پر ان عمل تي عالمن ۾ اختلاف هئڻ سبب اهڙي تبديلي نه ڪئي ويندي آهي. تنهن ڪري الفابيٽ ۾ موجود اکرن ۽ صوتين جي تناسب ۾ فرق ٿي پوندو آهي. ان صورت ۾ جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ موجود اکرن (الف ب) مان ڪم هلي وڃي ته انهن لفظن کي پنهنجي ڌاتوءَ سان جوڙي رکڻ لاءِ مختلف هِجي (Spelling) قائم رکي ويندي آهي. پر پوءِ به ڪو اکر اڌارو ڪونه ورتو ويندو آهي ۽ پنهنجي مقرر الفابيٽ مان ئي ڪم هلايو ويندو آهي. ان جو مثال انگريزي زبان مان هتي ڳالهه کي واضح ڪندو. انگريزيءَ ۾ ”ف“ جي آواز لاءِ پنج صورتون ڪتب اينديون آهن، ٻه صورتون ته عام طور هر ڪو ڄاڻe ٿو ننڍي يا لوئر ڪيس ‘f’ ۽ ڪيپيٽل يا اپر ڪيس ‘F’ جيڪا اسم خاص، جملي جي شروعات وغيره ۾ ايندي آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو فرق ڪونهي. ان کانسواءِ ڪن لفظن ۾ ڊبل ايف “ff” به هوندي آهي ته ڪي ٻيا لفظ “ph” سان به لکبا آهن ۽ ٻيون ڪي دلچسپ صورتون آهن “augh” “gh” ۽ “ough” واريون، مثلاً: Laugh ۾ ”ف“ جو اچار ته tough ۾ به ”ف“ جو اچار. هتي هِجي جو فرق لفظ جي ڌاتو مختلف هئڻ جو اشارو به آهي ته ساڳئي وقت ان کي انگريزيءَ جي پنهنجي الفابيٽ مان ئي جوڙيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن انهن جي آواز ۾ ڪو بنيادي فرق به هو (يوناني، لاطيني، فرينچ وغيره ۾) ته به انهن آوازن لاءِ انهن ٻولين جا اکر (يا الف ب) کڻي اچي انگريزيءَ ۾ ڪو نه وڌا ويا، نه ته انهيءَ جي الفابيٽ به ٻاونجاهه اکري ٿي پوي ها. مزي جي ڳالهه ته اهو مٿي بيان ڪيل لفظي جوڙ ough به هر هنڌ ساڳيو اچار نٿو رکي ۽ نه ئي هر هنڌ ڪنهن حرف صحيح (consonant) جي نمائندي ٿو ڪري بلڪ ڪيترن هنڌن تي اهو حرف علت (Vowel) جو ڪم ٿو ڪري. مثلاً: “though” ۾ ”اُو“ جو آواز، Plough ۾ ”آئو“ جو آواز!

    انگريزيءَ ۾ پنج حرف علت (vowel) پنهنجو پنهنجو آواز رکن ٿا، اهي سڀ ڪنهن کي معلوم آهن پر ٻيا به ڪيترا لفظي جوڙ آهن جيڪي مختلف آوازن لاءِ ڪتب اچن ٿا، جن کي سولائيءَ سان انهن پنجن حرف علتن سان به لکي اچاري ٿو سگهجي پر ڌار معنيٰ قائم رکڻ لاءِ مختلف رکيو ويو آهي. مثلاً: ”او“ جي ڊگهي سر آواز لاءِ مختلف ڇهه صورتون آهن. “too”، “True”، “Shoe”، “flew”، ۽ “through” هنن لفظن ۾ “oo”، “ue”، “oe”، “ew”، “ou”، ۽ “ough”
    جون بناوتون ساڳيو آواز پيدا ڪن ٿيون، جنهن کي صرف ”ڊبل او“ سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو، پر لفظن جي معنائن ۽ ڌاتن کي ڌار ڪرڻ لاءِ اهي قائم رکيل آهن، پر اهي آهن وري به انگريزيءَ جي الفابيٽ مان ورتل اکرن تي مشتمل-جيڪڏهن انهن مان ڪن جو بنياد لاطيني، فرينچ يا يونانيءَ ۾ آهي ته به اکر پنهنجا ئي استعمال ٿيل آهن.

    وري هڪ ٻيو مثال ڏسو: اکرن جو هڪ ئي جوڙ يا (digraph) آهي “ou” ان جا مختلف اچار هي آهن: should (شُڊ)، mould (مولڊ)، famous (فيمس)، cloud (ڪلائوڊ) ۽ you (يُو). هڪڙي بناوت يا جوڙ “ou” مان اُ-او-اَ-آئو ۽ اُو جا آواز پيدا ٿين ٿا. اهڙا ٻٽا اکر (digraph) صرف حرف علت (Vowel) نه پر حرف صحيح (consonants) لاءِ به ڪم اچن ٿا جيئن چ لاءِ ch ۽ ش جي آواز لاءِ “sh”، ”گهه“ لاءِ gh، ٿ لاءِ ‘th’ يا ف لاءِ ‘ph’ يا و لاءِ “wh” (جيئن what ۾). انگريزي الفابيٽ ۾ ‘g’ جا ٻه آواز ”گهه“ ۽ ”ج“، ساڳيءَ طرح “c” جا ٻه آواز ”س“ ۽ ”ڪ“ آهن. ۽ اهڙا ڪيترائي سمجهه ۾ نه ايندڙ معاملا آهن پر جيئن ته انگريزي ٻولي هڪ گلوبل يا بين الاقوامي ٻوليءَ جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي ان ڪري دنيا جي هر خطي ۾ پنهنجي پنهنجي انداز، اچارن ۽ لهجن ۾ ڳالهائجي ٿي، بلڪ خود انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪ انگلينڊ ۽ امريڪا (۽ انهن جي پٺيان هلندڙ آسٽريليا، ڪيناڊا وغيره) پڻ ان کي مختلف انداز ۾ ڳالهائين ۽ اچارين ٿا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا انهن پنهنجي لفظن جي املا يا هِجي (spelling) ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن؟ يقين سان چئي سگهجي ٿو انهن وٽ اهڙيون ڪوششون ضرور ٿيون آهن. انگليڊ ۾ Simplified Spelling Society ته وري امريڪا ۾ 1906 ۾ هڪ بورڊ ٺاهيو ويو هو جنهن جو نالو هو Simplified Spelling Board رکيو جنهن پندرنهن سال ڪم ڪيو ۽ تمام گهڻين مخالفتن کي منهن ڏئي لفظن جي هِجي کي سولو ۽ سادو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙو عمل ڪرڻ کانپوءِ هڪڙو Handbook of Simplified Spellings تيار ڪيو. برطانيا طرفان شروع ۾ امريڪي هِجي جي مزاحمت به ٿيندي رهي پر جڏهن ڪمپيوٽر جو استعمال وڌيو ۽ امريڪي ڪمپني مائڪرو سافٽ وٽ معاملا پهتا ته انهن کي قبول ڪرڻو پيو ۽ هاڻي ٻنهي وٽ ٻئي نمونا قابل قبول آهن. معاملو سڄو هو لفظن جي يوناني، لاطيني، فرينچ يا جرمنڪ بنيادن جو، جتان مختلف صورتون آيل هيون، پر ڇوته هاڻي لفظن جا اچار بنهه بدلجي ويا آهن ان ڪري بنياد ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي. بهرحال جيڪي لفظ امريڪي هِجي ۾ بدلايا ويا آهن انهن ۾ “our” وارن لفظن مان واڌو “u” خارج ڪيائون جيئن Colour مان Color ۽ honour مان honor وغيره، ٻيو re واري پڇاڙي ڦيرائي ‘er’ ڪيائون جيئن centre مان center ۽ metre مان meter وغيره، لفظ جي وچ ۾ ايندڙ ٻٽا اکر ڪڍڻ جيئن Archaeology کي ڦيرائي Archeology ۽ encylopaedia کي ڦيرائي encyclopedia ڪيو ويو ۽ doughnut مان donut ٿي ويو. Program-Madam جي هِجي وانگر اهڙا ڪيترائي سڌارا ڪن اصولن تي ڪيا ويا جن جي ڊگهي فهرست آهي ۽ نيٽ تي موجود آهن.

    هاڻي اچو ته سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر تي گهربل سڌارن تي نظر وجهون، انهن مان ڪن تي اڳئي بنا ڪنهن رٿا يا اجازت جي ضرورت آهر عمل ٿي رهيو آهي. مثلاً هي لفظ ڏسو فوراً مان فورن، غالباً مان غالبن، استعفيٰ مان استعفا، دعويٰ مان دعوا، آءٌ مان آئون، گهڻو ڪري تنوين وارا لفظ هاڻي ”ن غني سان ٿا لکجن ۽ عربيءَ جا لفظ هوندي به انهن جي صورتخطي بدلائي وئي آهي. ان لاءِ ڪنهن اداري نه پر خود ڪمپيوٽر آپريٽرن اهڙو فيصلو ڪيو ۽ اهڙي سهنجائيءَ ڪري ٻيا به ايئن ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ ريت ”۾“-”۽“ لاءِ به تجويز ڏئي سگهجي ٿي، جيئن امريڪين photo کي ڦيرائي foto ۽ اچار موجب analise کي analize ڪيو ۽ اهڙا سمورا لفظ هاڻي “ise” بدران “ize” سان ٿا لکجن يا plough کي plow ۽ sceptic کي Skeptic، Cheque کي Check لکيو ٿو وڃي، ته اسان جا ماهر ويهي ”جهه“ ۽ گهه جا متبادل ٺاهن يا ڪمپيوٽر جي فونٽن تي ڪم ڪندڙ تجويزون ڏين ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پوندي. لفظن جي صورتخطيءَ ۾ ڪي تبديليون بنا ڪنهن عالماڻي راءِ جي پيون ٿين مطرقو-مترڪو، قينچي-ڪينچي، ڪارروائي-ڪاروائي، صبحاڻي-سڀاڻي، يادداشت-ياداشت، بدمعاش-بدماش وغيره ان ڪري اهڙا معاملا به طئي ٿيڻ کپن. سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ (ملا-هِجي) جي مسئلي تي ڊاڪٽر الانا جو ڪتاب ”صورتخطي“ ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ ۽ ڪيترائي مضمون لکيا ويا آهن. ٻولي اٿارٽيءَ ۾ هڪ تمام اهم سيمينار انهيءَ مسئلي تي ڪرايو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٻوليءَ جي ماهرن کان تجويزون گهريون ويون هيون ۽ ”سنڌي ٻولي“ جرنل ۾ به انهن کي شامل ڪيو ويو هو پر عملي طور اڃا به مختلف صورتون رائج آهن مثلاً عالمن طرفان اهو طئي ڪيل آهي ته ”اما“، ”اڃا“، ”لڱا“، ”ماڻهو“ جهڙن لفظن جي آخري ڊگهي آواز جي گُهڻي هئڻ جي ڪري انهن ۾ آخر ۾ ”ن“ جو استعمال غلط آهي ۽ پراڻا سمورا استاد به اهو ئي سيکاريندا هئا، پر اڄ به ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ”امان“، اڃان، ماڻهون وغيره لکندا آهن. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جي سماج ۾ ٻولي ۾ اهڙن سڌارن (reforms) جي مخالفت ضرور ٿيندي آهي پر پوءِ به ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. خاص ڪري ڪمپيوٽر ۾ ڪمپوزنگ جي سهنجائي يونيڪوڊ وغيره جي ڪارڻن کي نظر انداز نه ڪجي ته بهتر ٿيندو.

    روزانه عوامي آواز 16 ڊسمبر 2015
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهترين آرٽيڪل... لفظن جي جوڙ جڪ کي مثالن جي گهرائي ڏيڻ باوجود اصل مقصد کان آرٽيڪل بلڪل ناهي هٽيو.. توڙي جو ڪمپيوٽر جا ماهر ان ڳالهه جو ذڪر جذباتي انداز سان ڪندا رهيا آهن پر جهڙي نموني سان ميڊم ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش آهي... يقينن اهي سمجهائي نه سگهيا آهن.. اهو ئي سبب آهي جو وڏا وس ڪرڻ باوجود نتيجا ساڳيا آهن.. خير اميد ته ميڊم طرفان اٿاريل نقطن تي غور ڪيو ويندو جيئن سنڌي ٻوليءَ کي يونيڪوڊ جي مڪمل سپورٽ حاصل ٿيندي رهي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو