سنڌي ڪلچر ۽ ان جا قومي ڪردار، سيد جلال محمود شاه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سنڌي ڪلچر ۽ ان جا قومي ڪردار،
    سيد جلال محمود شاه

    ڪجهه سالن کان وٺي، سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پهل ۽ مدد وسيلي، سنڌ ۾ ڪلچر جي حوالي سان خصوصي ڏينهن ڪري ملهايا پيا وڃن، جنهن ۾ سنڌي قوم جا ماڻهو فخريا طور ٽوپي، اجرڪ، راڳ ۽ رقص ڪري ان ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ياد رهي ته هن کان اڳ سڄي سنڌ ۾ مختلف وقتن تي اهڙي طرح ”لطيف ڊي“ جي نالي ۾ مختلف جماعتن پاران اهي ڏهاڙا ڪري ملهايا ويندا رهيا آهن، جنهن ۾ ڪلچر جو هڪ اهم جز يعني رسم و رواج تي خصوصي طور زور ڏنو پيو وڃي. جنهن ۾ ماڻهو جي رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا، لباس ۽ (راڳ رنگ) اچي وڃن ٿا. اهي مڙيو ئي ڳالهيون يعني لباس ۽ ”رهڻي ڪهڻي“ جا طريقا ۽ ”رسم و رواج“ تمدن جي دائري اندر اچي وڃن ٿا. پر اڄ اسان وٽ شايد اهو ڄاتو وڃي ٿو ته اهو ڪل معنيٰ ۾ سنڌي ڪلچر آهي. اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ”ڪلچر“ ۽ ”سنڌي ڪلچر“ جي جزن ۽ سنڌي ڪلچر جي خصوصيتن ۽ سنڌ جي ”قومي ڪردار“ ۾ پيوست ڳالهين کي سمجهڻو پوندو.
    ڪلچر ڪجهه ماڻهن پاران قائم ڪيل زندگي گذارڻ جو اهڙو ڍنگ آهي، جنهن ۾ هو زندگي جي رهڻي ڪهڻي، طور طريقن، ريتن رسمن، خيال، اخلاقيات، روين، مذهبي عقيدن، قدر ۽ علامتن، سماجي گروهن جي تجربن کي سراسري طور بنا سوچڻ جي مڃيندا هجن ۽ جيڪي ڪنهن رابطي يا نقل ذريعي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندڙ هجن.
    دنيا جي اڪثريتي سماجن جي ڪلچرس جا مکيه طور هيٺيان ست جز ڄاتا وڃن ٿا.
    (1) سماجي ادارا: جنهن ۾ خاندان، دوست، مذهبي گروپ، ڪاروباري ۽ مختلف مفادي گروپ اچي وڃن ٿا.
    (2) رسم و رواج ۽ روايتون (تمدن):جنهن ۾ (i) کاڌو، لباس ۽ گهر (ii) باهمي تعلقات ۽ رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا (iii) سماجي دستور يعني رسم و رواج ۽ روايتون اچي وڃن ٿا.
    (3) زبان: زبان هميشه ڪلچر جو سنگ بنياد هوندي آهي، جنهن کانسواءِ ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ساڳئي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو، ساڳئي ڪلچر جي ڀائيواري ڪندا آهن.
    (4) آرٽ ۽ ادب: هر اها شيءَ يا ڳالهه جا دماغي يا جسماني ڪوشش سان پئدا ڪئي وڃي ٿي، جيڪا گهڻو ڪري انساني تخيل جي پئداوار هجي ٿي، ان کي آرٽ ۽ ادب چئجي ٿو، جنهن جو ڪلچر تي گهرو ۽ بنيادي اثر هجي ٿو. آرٽ ۽ ادب اسان جي مدد ڪندا آهن، ته جيئن ان کي ڪلچر جي بنيادي خيالن ۾ شامل ڪري سگهجي.
    آرٽ ۽ ادب جا ٻه قسم هجن ٿا (1) دماغي آرٽ ۽ ادب (2) جسماني آرٽ.
    ٽيپ، فلسفو، فن تقرير، حساب، ”راڳ، ساز، ڊراما ۽ رقص“، ادب ۽ تاريخ هجن ٿا، اهي سڀ دماغي آرٽ ۽ ادب ڪوٺجن ٿا.
    هنر، فن تعمير، دستڪاري، مصوري، نقاشي، فن لباس، فن طعام، فن آرائش ۽ رانديون جسماني آرٽ جونمونو هونديون آهن.
    (5) مذهب: مذهب انسان جو بنيادي سوال يعني زندگي جو مقصد سيکاري ٿو ۽ سماجي قدرن جي مدد ڪري ٿو. مذهب ۾ هڪ خدا، گهڻا خدا، ڪو به خدا نه جو تصور جهڙا مختلف مذهبن جا تصورات، قومن جي ڪلچر تي گهرا اثر ڇڏين ٿا.
    (6) حڪومتي نظام: رياست جي ڪارونهوار هلائڻ جي منظم نظام ۽ سياسي اختيار يعني حڪومت هلائڻ جي مختلف قسمن کي حڪومتي نظام چئجي ٿو.
    جهڙوڪ. جمهوريت، ريپبلڪ، ڊڪٽيٽرشپ وغيره. اهڙن مختلف قسم جي حڪومتي و رياستي نظامن جا ڪلچر تي گهرا اثر ٿين ٿا.
    (7) اقتصادي نظام:ڇا پئدا ڪجي؟ ڪئين پئدا ڪجي، ڪنهن جي لاءِ پئدا ڪجي؟ جهڙن بنيادي سوالن جا جواب انهن جي اقتصادي نظام ۾ لڪل هوندا آهن. دنيا ۾ گهڻو ڪري هيٺين قسم جا اقتصادي نظام مروج آهن.
    جهڙوڪ. روايتي معيشيت، مارڪيٽ واري معيشيت، رٿابنديءَ واري معيشيت، گڏيل معيشيت وغيره.
    اهڙي طرح مختلف معيشيت جي نظامن جا پڻ اوهان جي ڪلچر تي سڌي ريت اثر ٿين ٿا.
    ڪلچر جا جز ان ڳالهه تي پڻ مدار رکن ٿا، ته اوهان ڪهڙي ڪلچر جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. هر ڪلچر جا جز ساڳئي قسم سان نٿا ٿي سگهن. ڇو ته کاڌي، زبان، آرٽ، رسم و رواج، مذهبن ۽ ماحوليات جو، هڪ ڪلچر کان ٻئي تائين جو فرق هجي ٿو. ڪلچر ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو، ته اُهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن ۽ انهن جا ڪهڙا عمل آهن. ان ڪري دنيا جا گهڻا ۽ مختلف ڪلچر هڪجهڙا نٿا ٿي سگهن، پر ڪلچر لاڳاتار، وقت سر ۽ آهسته آهسته تبديل ٿيندا رهن ٿا.
    ڪلچر تي مذهب جو پڻ اثر هجي ٿو، مذهب انسان جو بنيادي سوال يعني زندگيءَ جو مقصد سيکاري ٿو ۽ گڏوگڏ سماجي قدرن جي مدد ڪري ٿو، جن کي سماج ۾ ماڻهو اهم سمجهن ٿا. مختلف مذهبن جي تصورات جا قومن جي ڪلچر تي گهرا اثر ٿين ٿا. رياست جي ڪارونهوار هلائڻ لاءِ جنهن منظم انتظاميه جي ضرورت هجي ٿي، ان جي سياسي اختيار کي حڪومت چئجي ٿو، ۽ حڪومت هلائڻ جي مختلف سياسي نظامن جهڙوڪ. جمهوريت، ريپبلڪ، ڊڪٽيٽرشپ جا پڻ مقامي رياستن جي ڪلچر تي اثر ٿين ٿا.
    مٿي ڄاڻايل مکيه ستن جزن ذريعي دنيا جي اڪثريتي سماجن جا ڪلچر جڙن ٿا. جن تي مختلف قسم جي قائم ٿيندڙ رياستن، انهن جي جوڙجڪ حڪومتي نظامن، سياسي نظرين، علائقائي اتحادن ۽ رابطن ۽ مختلف قسم جي لڏپلاڻن جا اثرات واضع طور ٿين ٿا.اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ڪلچر تي هي ملڪ ٺهڻ بعد سنڌ ڏانهن تيزي سان ٿيندڙ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ۽ وقت بوقت تبديل ٿيندڙ ۽ قائم ٿيندڙ مختلف قسم جي طرز حڪمراني سنڌي ڪلچر تي گهرا مثبت ۽ منفي اثر ڇڏيا آهن.
    اها حقيقت آهي ته سنڌ جا رهاڪو گذريل هزارن سالن جي تجربي، روايات سبب ڌار قومي ڪردار قائم ڪري چڪا آهن. جنهن کي هو پنهنجو قيمتي ورثو ڪري ڄاڻن ٿا ۽ ان تي قائم رهڻ کي، هو پنهنجي زندگيءَ جو مکيه فرض ڪري ليکين ٿا.
    باوجود سنڌ جي مثبت قومي ڪردارن جي، ان جا منفي پاسا پڻ آهن. جهڙوڪ، عمل کان بي بهره، بزدل، خود مطلب، ابن القوت ۽ قوم فروش وغيره. پر پوري قوم جي ڪردار کي انهي معيار تي پرکي نه ٿو سگهجي.

    سنڌي ڪلچر جا هيٺيان قومي ڪردار اچي وڃن ٿا.
    (1) حب الوطني ۽ قومپرستي.
    (2) پراپڪاري (ايثار) .
    (3) اِهنسا (عدم تشدد).
    (4) رواداري (بي تعصبي).
    (5) روايات جي حمايت ۽ غيرت.
    (6) آزادي پسندي جو جذبو.
    (7) ڏاڍ جو مقابلو ڪرڻ.
    (1) حب الوطني ۽ قومپرستي:-
    حب الوطني سنڌي ڪلچر ۽ ان جي قومي ڪردار جو مکيه جزو آهي. جنهن جو ذڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سنڌي شاعرن مارئي جي ڪردار ۾ وطن جي محبت جو پيش ڪيو آهي. دودي سومري جو آزادي، ناموس ۽ روايات لاءِ ڪٽنب سميت قرباني ۽ دولهه درياءَ خان جي پٽن سوڌي وطن جي آزادي لاءِ قرباني جون ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته حب الوطني ۽ قومپرستي جو جذبو سنڌين جي قومي ڪردار ۾ سمائجي چڪو آهي.
    (2) پراپَڪاري (ايثار):-
    سنڌي ڪردار جو قرباني ۽ ٻين جي فائدي لاءِ، پنهنجي فائدي جو خيال نه رکڻ به هڪ مکيه گڻ آهي. مهمان نوازي ۾ پاڻ کي مسڪين بڻائي ڇڏڻ، سامن تان سر ڏيڻ، سون تي سيڻ نه مٽڻ، اهي سڀ اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي پراپڪاري ۽ ايثار جي گڻ جي شهادت ڏين ٿيون.
    (3) اِهنسا (عدم تشدد):-
    اِهنسا ان کي چئجي، جو سرندي ٽري وڃي، خواهمخواھ جهيڙو نه ڪجي، اختلاف جو فيصلو، باهمي سمجهوتي سان ڪرڻ کي ترجيح ڏجي، ناحق جو مقابلو، اهنسائي طريقن سان ڪرڻ گهرجي،پر ڏاڍي جي اڳيان، سچ چوڻ جي جرعت به رکجي.
    سنڌ جو سماج عام طور ڪم آزار ۽ جهيڙي کي حت المڪان ٽارڻ جو، عادي سماج پئي رهيو آهي. جنهن ڪري ڪيترن مخالف قوتن، سندن اهڙي طبيعت، شرافت، امن پسندي کي بزدلي ۽ بي همتي پئي سمجهيو آهي.
    زندگي ۾ آزادي، امن ۽ ترقي لاءِ، جدوجهد لازمي عمل آهي، پر ان جي حاصلات، جي طريقي ۾ فرق هجي ٿو. اهنسا ڪمزوري جو نشان نه پر اعليٰ همت جو مظاهرو آهي.
    (4) رواداري (بي تعصبي):-
    رواداري اهو جذبو آهي، جيڪو هڪ ٻئي سان برادرانه سلوڪ جي تلقين ڪري ٿو. جيڪا هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، يعني ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“، جو اصول سنڌي ڪلچر جي ڪردار جو مکيه نقطو آهي. رواداري ۾ (i) انساني رواداري، (ii) مذهبي رواداري ۽ (iii) سياسي رواداري جا رويا اچي وڃن ٿا.
    (5) روايات جي حمايت ۽ غيرت:-
    سنڌي سماج ۾ قديم روايتن جو لحاظ، حد درجي جو آهي، جنهن ۾ (1) لوئي جي لڄ رکڻ (2) سون خاطر سيڻ نه مٽڻ (3) در لنگهي آيل کي معاف ڪرڻ (4) مهمان نوازي، سنڌي روايتن جا مکيه نڪتا آهن، جيڪي ان جي قومي ڪردار ۾ پيوست ٿي چڪا آهن.
    سنڌ جي سماج ۾ اهڙين روايتن جي پاسداري، نهايت اهم ڪم ۽ قومي ڪردار، بنجي چڪو آهي، جيڪو ان کي دنيا جي گهڻن ڪلچرس کان جدا ۽ اتم ڪري بيهاري ٿو.
    (6) آزادي پسندي جو جذبو:-
    آزادي جي خواهش ۽ آزادي جو حصول، هر انسان جو بنيادي ۽ فطري حق آهي. تاريخ شاهد آهي، ته ڪو به انسان ٻئي انسان کي، گهڻو وقت غلام نٿو رکي سگهي ۽ اهڙي طرح، ڪا به قوم هميشه لاءِ ڌارين جي تسلط هيٺ نٿي رهي سگهي.
    هزارها سالن جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جو سماج، ڪڏهن ڌارين جي تسلط ۾ ته ڪڏهن نيم آزاد ته ڪڏهن آزاد پئي رهيو آهي. آزادي جي تڙپ کي، سنڌ جي شاعرن اديبن، دانشورن ۽ فلسفين دائم ۽ قائم رکڻ جي، هميشه پئي جدوجهد ڪئي آهي. آزادي جو اهو جذبو، سنڌي ڪلچر جي قومي ڪردارن مان هڪ جز آهي.
    (7) ڏاڍ جو مقابلو ڪرڻ:-
    جڏهن ڪنهن شخص، گروهه يا قوم کي سندس بيوسي، ڪمزوري، وسائل جي گهٽتائي، تعداد جي ٿورائي جو به پتو هجي ۽ ٻئي طرف مخالف قوت جي هر طرح جي وسيلن جي گهڻائي، تعداد جي ڪثرت، جنگجو ذهنيت، جوان مردي جو پتو هجي، پر پوءِ به قومي روايات يعني ”لوئي جي لڄ“، ”ناموس ۽ عزت“ سچ جي آواز لاءِ مقابلو ڪري، قربان ٿي وڃڻ کي، سنڌ جي قومي ڪردارن مان هڪ چئجي. جنهن جا مثال دودي سومري جي ٻه هزار بي سرو سامان ماڻهن جو، دهلي جي سلطنت جي 30 هزار منظم فوج سان مقابلو ڪرڻ، مکيه مثال آهي. دولهه درياءَ خان جو پنهنجي پٽن سميت، وطن جي آزادي جي بچاءَ ۽ ان جي راھ ۾ قربان ٿي وڃڻ جي ڳالهه اهم قومي ڪردار مان هڪ آهي.
    ڪلچر جي مکيه ستن جزن يعني سماجي ادارن، رسم و رواجن ۽ روايتن، زبان، فنونِ لطيفه ۽ ادب، مذهبن، حڪومتي نظامن، اقتصادي نظامن وسيلي ٺهندڙ دنيا جي مختلف سماجن ۽ ان جي قومن جي ڪلچر جي جوڙجڪ ٿئي ٿي. جنهن تي مختلف قسم جي عوامل جي اثرات جي نتيجي ۾ انهن قومن جا ڪي قومي ڪردار جڙن ٿا. اهڙي ريت سنڌ جارهاڪو گذريل هزارين وريهن جي تاريخي عمل ۽ تجربن جي روشني ۾ ڌار ”قومي ڪردار“ قائم ڪري چڪا آهن. جنهن تي قائم رهڻ کي هو زندگي جو مکيه فرض سمجهن ٿا.
    سنڌي ڪلچر ان جي قومي ڪردار کي جوڙڻ ۾ مٿين ڳالهين/جزن جو بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، جنهن ۾ خصوصن حب الوطني، ايثار جو جذبو، روايتن لاءِ قرباني، آزادي پسندي ۽ ڏاڍ سان مقابلو ڪرڻ سندن اهم قومي ڪردار جا جز آهن، پر ان سان گڏ اهنسا (عدم تشدد)، رواداري (بي تعصبي) جون خاصيتون ان کي دنيا جي ڪيترن ئي ڪلچرن کان منفرد ۽ اعليٰ مقام ڏيارين ٿيون. سنڌي ڪلچر هن وقت انسانيت جي بين القوامي ڪلچر جوڙڻ جي عظيم مقصدن جي حاصلات لاءِ معاون ۽ مددگار بنجي سگهي ٿو.
    (1) حب الوطني ۽ وطن پرستي لاءِ چئلينجز.
    جيئن ته قوم ۽ ان جا قومي مفاد، قومي حق، قومي وجود ان جو ڪلچر هزاره سالن جي عمل سان وجود ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح سنڌي قوم جي مفادن ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي پڻ ڊگهي تاريخ رهي آهي. پر هي ملڪ ٺهڻ کان وٺي، ملڪ جي تاريخي قومن جي وجود کان لاڳاتار انڪار ۽ انهن جي قومي حقن ۽ مفادن کي نظرانداز ڪرڻ، انهن جي مقامي قومي ڪلچر کي اهميت نه ڏيڻ وارو سلوڪ سنڌ ۽ سنڌي قوم سان پڻ لاڳاتار ٿيندو رهيو آهي.
    اهڙي صورت ۾ جڏهن به سنڌي ٻولي کي خطرو، سنڌ وطن جي قومي وجود جو خاتمو، سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ته ان وقت سنڌي قوم، پنهنجي قومي ڪارڪنن سان گڏ بيهي دشمن جا ڏند کٽا ڪيا آهن ۽ آخر کين انهن سازشن کان پوئتي هٽڻو پئجي ويندو رهيو آهي.
    اهڙي صورت ۾ اسان جو دشمن پنهنجي ”ڪنٽرولڊ جمهوريت“ جي جعلي گماشتن وسيلي سنڌ ۾ اسان سان پنهنجي جعلي، سطحي ۽ نمائشي قومپرستي جي ڳالهه ڪندي، گهمراھ ڪري اسان جا بچيل سچيل ۽ رهيل حق به ڦٻائڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته هاڻ اِهو مستقل مفاد ٽولو پنهنجا سڀ مقصد سنڌ جي مقدس نالي ۽ نعري هيٺ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن کان بچڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته اسين خبردار ٿيون، پنهنجا ڪن چٽا ڪريون ۽ اکيون کولي رکون ۽ انهن ماڻهن کي سڃاڻون ۽ انهن جي گهمراھيءَ کان بچون، پنهنجي دوست ۽ دشمن کي سڃاڻي سگهون.
    (2) سنڌي ٻوليءَ لاءِ چئلينجز.
    پاڪستان جي موجوده قومي ٻولين ۾ سنڌي زبان وڌيڪ ترقي يافته زبان ڄاڻائجي ٿي. جيڪا لکت ۾ پڙهت ۾ علم و ادب تخليق ڪرڻ ۾ ٻين ٻولين کان اڳيان رهي آهي. پر ان ڳالهه تي فخر ڪري ماٺ ڪري ويهڻ سان اسان جو مسئلو حل ڪين ٿيندو. ڇو ته اڄ جي دور ۾ سنڌ جو سرڪاري تعليمي نظام پٽ تي ڪري چڪو آهي، ۽ خانگي اسڪولن ۾ مادري ٻوليءَ بجاءِ انگريزي تعليم پڙهائي وڃي ٿي. پنهنجي جاءِ تي اها به حقيقت آهي، ته مارڪيٽ جي زبان جي ڄاڻ هجي. پر ڪنهن به طرح ان جو مقصد سنڌ جي تعليمي نظام مان سنڌي ٻولي کي خارج ڪرڻ نه هئڻ گهرجي. ياد رهي ته اڄ سنڌ جا خانگي اسڪول اها ڪار رڳو ڪراچيءَ ۾ نه ڪري رهيا آهن، پر ڪراچيءَ سميت اهي حيدرآباد، لاڙڪاڻي، نوابشاھ، سکر، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ اها ڪاروائي ڪري رهيا آهن.
    موجوده دور ۾ سنڌ جي خوشحال طبقي جو ٻار پنهنجي ٻولي جي بنيادي ڄاڻ کان به پري آهي. هو ڀلي ته، ٽوپي، اجرڪ تي فخر ڪري، پر جيسيتائين پنهنجي ٻولي جي خبر ۽ ڄاڻ نه اٿس، تيسيتائين سندس فخر نا مڪمل آهي.
    جنهن لاءِ ضروري آهي، ته سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي تي ٻڌل مختلف گروپ ٺاهي، انهن اسڪولن جي انتظاميه سان ڳالهايو وڃي ۽ انهن تي دٻاءُ وڌايو وڃي، ته جيئن سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي طور سنڌ جي تعليمي نظام ۾ شامل ڪيو وڃي.جنهن لاءِ سڀ کان اهم معتبر ڳالهه سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ جياپي جي آهي، جي اسان پنهنجي ٻوليءَ کي پنهنجي تعليمي نظام ۾ مروج نه ڪرائي سگهياسون، ته پوءِ يقينن سنڌي ڪلچر جو جياپو ممڪن نه آهي.
    (3) سنڌ جي رواداري لاءِ چئلينجز.
    اهو جذبو آهي، جيڪو سنڌي سماج ۽ ڪلچر جي بنيادي قومي ڪردار جو اهم ترين حصو آهي. جيڪو هڪٻئي سان برادرانه سلوڪ جي تلقين ڪري ٿو. هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ، يعني ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو اصول تسليم ڪرائي ٿو. معاشري ۾ هر قسم جي رواداري يعني مذهبي رواداري، سياسي رواداري ۽ انساني رواداري کي هٿي ڏئي ٿو.
    پر اڄ ملڪ ۾ مختلف قومن جي عدم رواداري جي عنصرن ۽ روين سبب، جن ۾ خاص ڪري مذهبي رواداري، سياسي رواداري اچي وڃن ٿا، ان جا سنڌي ڪلچر تي پڻ منفي اثر پئجي رهيا آهن. ٻاهرين ملڪن جي طرفان پاڪستان ۾ وڙهي ويندڙ پراڪسي جنگ Proxy War ، سبب مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جي جزبن، سنڌي ڪلچر جي اهم ترين قومي ڪردار يعني رواداريءَ کي شديد ڇيهو رسايو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ پر پاڪستان، هن خطي ۽ دنيا جي امن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي. اهڙن عدم رواداري جي جذبن کي ڪيئن ڌڪي ٻاهر ڪڍجي، ڪيئن پنهنجي عظيم قومي ڪردار ۽ قومي ورثي جي گڻن کي واپس بحال ڪجي، اهو اوهان، اسان سڀني آڏو نهايت اهم سوال آهي، ته ان کي پنهنجي سماج ۽ ادارن مان ڪيئن نيڪالي ڏجي.
    قوم پرستي جو جذبو، اهو واحد جذبو آهي، جيڪو مذهبي رواداري ۽ انساني رواداري جي جذبن کي هٿي ڏئي ٿو. ۽ سنڌ جي ڪلچر جي قومي ڪردار جي شڪل ۾ انتها پسند قوتن کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ کين چئلينج ڪري ٿو، ان ڪري سنڌي ڪلچر جي قومي ڪردار جي ‘رواداري’ جي جذبي جي واڌاري لاءِ قومپرستي جي فڪر کي طاقتور بنائڻ اڄ جي دور جي اشد ضرورت آهي..
    (4) سنڌ ۾اِهنسا (عدم تشدد)لاءِ چئلينجز.
    اِهنسا ان کي چئجي، جو سرندي ٽري وڃي، خواهمخواھ جهيڙو نه ڪجي، اختلاف جو فيصلو، باهمي سمجهوتي سان ڪرڻ کي ترجيح ڏجي، ناحق جو مقابلو، اهنسائي طريقن سان ڪرڻ گهرجي،پر ڏاڍي جي اڳيان، سچ چوڻ جي جرعت به رکجي.
    سنڌ جو سماج عام طور ڪم آزار ۽ جهيڙي کي حت المڪان ٽارڻ جو، عادي سماج پئي رهيو آهي. جنهن ڪري ڪيترن مخالف قوتن، سندن اهڙي طبيعت، شرافت، امن پسندي کي بزدلي ۽ بي همتي پئي سمجهيو آهي.
    زندگي ۾ آزادي، امن ۽ ترقي لاءِ جدوجهد لازمي عمل آهي، پر ان جي حاصلات ۾ فرق هجي ٿو. اڄ جي دور ۾ سنڌي ڪلچر جي قومي ڪردار ”اِهنسا“ کي ڪمزوريءَ جو نشان ڪري ڄاتو وڃي ٿو، جڏهن ته پنهنجي عظيم مقصدن جي حاصلات پُرامن ۽ اهنسائي طريقن سان ڪيئن حاصل ٿي سگهندي. ڇا ان لاءِ ڪي نوان رستا ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي پُر اثر به هجن ته پُرامن ۽ پائيدار به.
    اسان کي ڏسڻو پوندو ته اڄ جي دور ۾ اهي ڪهڙا اهنسائي طريقا ممڪن رهيا آهن. جنهن وسيلي پنهنجي اجتمائي قومي حقن جي گهر ۽ حاصلات ڪري سگهجي ٿي.
    جهموري عمل ۾ مڪمل طور تي شراڪت ۽ حصيداري وسيلي پنهنجي قومي حقن جي گهر ۽ قومي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ پڻ هڪ ممڪنه اهنسائي طريقو آهي. ان سياسي جهموري عمل کان بيزاري ۽ لاتعلقي، اندر جي باهه ڀڙڪائي ٿي، ‘موقعي پرست قوتن’کي طاقتور بنائي ٿي، ‘قومي غلامي’ کي سگهارو ڪري ٿي ۽ اسان کي هنسا (تشدد) جي راه ڏانهن ڌڪي ٿي ۽ مايوس ڪري ٿي.

     موجوده دور ۾ مٿي ڄاڻايل سنڌي ڪلچر جي سڀ کان مکيه ۽ اهم عنصر يعني سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اندر سڀ کان وڏو چئلينج، اهو آهي، ته سنڌي ٻولي تيزيءَ سان سنڌ جي تعليمي نظام مان غائب ٿيندي پيئي وڃي.

    هيٺ ڄاڻايل سنڌي ڪلچر جا ٽي مکيه ‘قومي ڪردار’ پڻ سنڌي سماج ۽ ان جي ڪلچر مان تيزيءَ سان ميثارجي رهيا آهن.
    (1) قومي حقن جي جدوجهد جي جاءِ تي ‘نمائشي قومپرستي ’ کي متعارف ڪرائي، قوم پرستي کي بي معنيٰ ۽ بي مقصد ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪيئي پئي وڃي،
    (2) سنڌ ۾ مذهبي ۽ انساني رواداري يعني برادرانه سلوڪ ۽ “ جيئو ۽ جئڻ ڏيو” جي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ ملڪ جي مختلف علائقن کان مذهبي ۽ جنوني ماڻهن کي سنڌ ڏانهن ڌڪي، مذهبي انتها پسنديءَ جي ڳالهه کي هٿرادو نموني زور وٺرايو پيو وڃي.
    (3) سنڌ جي قومي ڪردار جي مکيه نڪتي يعني اهنسا يا ‘عدم تشدد’ بجاءِ معاشري ۾ هنسا يا ‘تشدد’ جي مختلف نمونن سان همت افزائي ڪئي پيئي وڃي. تشدد جي سوچ کي هٿرادو طور اڀاري، ڀڙڪائي، سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي تيزيءَ سان تشدد ڏانهن راغب ڪري مارائي، مايوس ڪري ۽ سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد کان دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.
    پر ياد رکڻ گهرجي ته اسان جو مسئلو به سياسي آهي ته اسان جو وسيلو، به سياسي، جنهن ۾ اسين پرامن سياست وسيلي ئي سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات ۽ روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون ۽ سنڌي ڪلچر جي شاندار ‘قومي ڪردار’ جي بچا ءَ ۾ ئي سنڌي قوم جو جياپو ۽ تحفظ ڄاڻون ٿا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو