ضرب عضب کانپوءِ هاڻي آپريشن ضرب قلم جي به ضرورت آهي:ملالا يوسفزئي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]


    برمنگهم:دهشتگردي جهڙي بيماري کي بنياد کان ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ضرب عضب سان گڏ قلم جي به ضرورت آهي.برمنگهم ۾ پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو ته پاڪستان جون سڀئي سياسي پارٽيون،گڏجي ڪري دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي مات ڏين،آپريشن ضرب عضب کانپوءِ هاڻي آپريشن ضرب قلم جي به ضرورت آهي.ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي بهادر شاگردن،شاگردياڻين ۽ استادن کي سلام پيش ٿي ڪيان.آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو ته سڀني سياسي پارٽين کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هاڻي پاڪستان ۾ دهشتگردن ۽ دهشتگردي جي ڪابه جڳهه ناهي.ملالا چيو ته آپريشن ضرب عضب کانپوءِ آپريشن ضرب قلم به شروع ٿيڻ گهرجي،ان موقعي تي آرمي پبلڪ اسڪول جي زخمي شاگرد احمد نواز چيو ته 16 ڊسمبر پاڪستان جي شاگردن ۽ پاڪستان جي تعليم جو ڪارو ڏينهن آهي،جنهن جي جيتري به مزمت ڪجي اها گهٽ آهي.
    سنڌي نيوز، پاڪستان سنڌي نيوز
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو