ساڳا ماڻهو ساڳيون ڳالهيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ”جي ايس ٽي ورڇ مشرف واري ايوارڊ تحت ڪئي وئي آهي“:قائم علي شاهه جي صدر سان ملاقات:احتجاج رڪارڊ

    اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ حڪومت جي ناڻي وارن عملدارن جي صدر آصف علي زرداري کي جمعي تي پيش ٿيندڙ سنڌ بجيٽ بابت بريفنگ، وفاقي بجيٽ ۾ صوبائي جي ايس ٽي جي ورڇ وصولين بدران پراڻي عبوري اين ايف سي ايوارڊ واري فارمولي تحت ڪرڻ تي احتجاج، ورڇ وصولين تحت ڪرڻ جي گهرج، ذريعن مطابق وفاقي ناڻي وزارت پاران نئين اين ايف سي ايوارڊ سان گڏ مشرف دور ۾ ڏنل عبوري اين ايف سي ايوارڊ بجيٽ دستاويزن ۾ ڏيڻ جو اعتراف، ذريعن مطابق ڪالهه ايوان صدر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ ناڻي واري ٽيم صدر آصف علي زرداري کي ايندڙ بجيٽ ۽ سالياني ترقياتي پلان (اي ڊي پي) بابت بريفنگ ڏني، سنڌ جي ٽيم ۽ وفاقي حڪومت طرفان بجيٽ دستاويزن ۾ صوبائي جي ايس ٽي جي ورڇ طئي ٿيل اين ايف سي ايوارڊ جي وصولين ۽ جنريشن واري فارمولي تحت نه ڪرڻ سبب صوبي کي بجيٽ ۾ خسارو برداشت ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، ذريعن مطابق سنڌ حڪومت جي نمائندن طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته صوبائي جي ايس ٽي جي ورڇ اين ايف سي ايوارڊ ۾ طئي ٿيل فارمولي تحت نه پر جنرل مشرف جي عبوري فارمولي تحت ڪئي وئي آهي، لڳي ٿو ته ڪجهه ماڻهو سازش تحت ائين ڪري رهيا آهن ڇو ته ان کان اڳ اين ايف سي ايوارڊ جو به صحيح نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو، بعد ۾ درستگي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اجلاس ۾ اها به نشاندهي ڪئي وئي ته بجيٽ جي ايڪسپلينٽري ميمورنڊم آن فيڊرل رسيپٽس ۾ اين ايف سي تحت وسيلن جي ورڇ کي ڪيئن شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ سان گڏ جنرل مشرف دور ۾ ڏنل عبوري ايوارڊ به شامل آهي، ذريعن مطابق اهڙي نشاندهي تي جڏهن وفاقي ناڻي وزارت جي نمائندن کان صورتحال بابت پڇا ڪئي وئي ته وزارت طرفان ان عمل کي غلط قرار ڏئي ڄاڻايو ويو ته ان ڪتاب کي رد ڪيو ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي نئون ڪتاب ڇپرايو ويندو، سنڌ حڪومت جي نمائندن طرفان مطالبو ڪيو ويو ته صوبائي جي ايس ٽي جي ورڇ وصولين جي آڌار تي ڪئي وڃي، اهڙي بريفنگ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري سنڌ جي نمائندن کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، سنڌ حڪومت جي ذريعن مطابق صدر جي خاطري بعد صوبائي حڪومت طرفان جمعي تي پيش ٿيندڙ بجيٽ صوبائي جي ايس ٽي جي وصولين آڌار ملندڙ حصي تحت پيش ڪئي ويندي، جنهن سبب بجيٽ خسارو گهٽ ۾ گهٽ هئڻ جا امڪان آهن، ذريعن مطابق صدر وٽ بريفنگ ۾ سنڌ مان وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت ناڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، وڏي وزير جي صلاحڪار قيصر بنگالي، وفاقي ناڻي وزارت جي نمائندن ۽ ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو