اَکَڙِيَنِ آرو، مُنها پُڇِي نہ ڪِئو
اُتَي وَڃِي اَڙِيُون، جِتَي چَوَڻَ نہ چارو
هِنئَڙو وَيچارو، واٽُون جَهلِئو وِجُهلَي
سُرُ آسا
آرو = لاڙو، عشق، چاھ، محبت، لڳاءُ
مُنها = مون کان
ڪِئو = ڪيو
اَڙِيُون = اٽڪيون، ڦاٿيون، گرفتار ٿيون، قيد ٿيون
چَوَڻَ = ڪُڇڻ پڇڻ، دانهن ڏيڻ
چارو = ڇوٽڪارو، حل، نجات، آزادي
هِنئَڙو = مَنُ، دل
واٽُون = رستا، دڳ، راھ
وِجُهلَي = جهڄي، جُهري، ڳري، روڄ راڙو ڪري
بيت جو پس منظر
~ اکين مون کان پڇي محبت ڪونہ ڪئي هئي.
~ اُتي وڃي ڦاٿيون آهن، جتان ڇوٽڪاري جي واٽ ئي ڪانهي.
~ محبوب جي اچڻ جا دڳ جهليو پيو ويچارو من جهڄي ۽ جهري.
سمجهاڻي
عشق جي ابتدا اکين کان ئي ٿيندي آهي ۽ لوڙيندي سڄي زندگي ويچاري دل آهي. انساني جسم ۾ سڀ عضوا پنهنجي ليکي هڪجيتري اهميت جوڳا آهن، هر حصو پنهنجو پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي ٿو، تڏهن هي بُت تحرڪ ڪري ٿو.
شايد اکين ۽ دل جي اهميت سڀني عضون کان مٿاهين آهي، وري محبت جي معاملي ۾ ٻئي عضوا هڪجيترا جوابدار آهن. پر اکيون سدائين دل ۽ دماغ سان صلاح ۽ مشوري ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ ئي ڪٿي اڙجي ٿيون وڃن.
اکيون محبوب کي ڳولي پسند بہ پاڻ ئي ڪن ٿيون ۽ وري سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ سڄي حياتي ان ئي قيد ۾ گذارن بہ ٿيون.
اکين جي ڪيل ان واردات جي ويچاري دل کي سزا ملي ٿي، جو هميشھ پئي محبوب لاءِ جهڄي، جُهري ۽ ڳري.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____