وَسَنِ ۽ وِھُسَنِ، ڏِيهاڙِي ڏِسَڻَ لَئِه ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، تَپِ تَلاشُون ڪَنِ ڍاپِيو نَہ ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجَهان پِرِيَ جَي سُرُ آسا وَسَنِ = روئن، هنجون هارن، لڙڪ لاڙن، ڳوڙها ڳاڙن وِهُسَنِ = خوش ٿين، مرڪي پون، سَرهيون ٿين، تِڙي پون ڏيهاڙِي = هر روز، روزاني تَپِ = تہ بہ، تڏهن بہ، تنهن هوندي بہ تَلاشُون = پڇائون، ڳولائون ڍاپِئو = ڍؤ ڪيو ڍاپَنِ = ڍؤ ڪن پَسَڻَ = ڏسڻ بيت جو پس منظر ~ اکيون محبوب کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن ڳوڙها ٿيون ڳاڙن تہ ڪڏهن خوش ٿيون ٿين. ~ پرينءَ کي وري وري ڏسي آيون آهن پر پوءِ بہ پڇائون پرينءَ جون اٿن. ~ هو دلبر جَي ديدار مان ڍؤ ئي نٿيون ڪن. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جو هي بيت اکين جَي مختلف ڪيفيتن جِي دلڪش ۽ نازڪ خياليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪنهن محفل ۾ جڏهن کان اکيون محبوب کي ڏسي آيون آهن تڏهن کان سندن سرور ۽ سڪون ختم ٿي ويو آهي. محبوب جَي وڇوڙي اکين جو آرام ۽ ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي. هنن اکين جا ڪڏهن بند ڀڄي ٿا پون تہ لڙڪ لاڙي هنجون هاري ٿيون ويهن. ڪڏهن وري جلد محبوب ملڻ جَي اميد سارَي خوشيءَ ۾ مرڪي ٽڙي ٿيون پون. هونئن تہ سڄو وقت محبوب کان اکيون پري نٿيون ۽ ور ور گهوري صرف محبوب کي ئي پئي تڪين. پر پوءِ بہ محبوب جون ئي ڳولائون پيون ڪن. جيتوڻيڪ محبوب کان مُنهُن ئي پري نٿي ڪَينِ پر پوءِ بہ اڃان تائين محبوب ڏسڻ مان کين ڍؤ ناهي ٿيو. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل _____