• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غير نه تنهنجا يار ...

ڏور بيت
_______
غير نه تنهنجا يار پنهنجي سنڌ سنڀار
رکي انس اتساه جو ترت ڪر پچار
ويندي ڏانهن ولهي ٿي غفلت تون نه گار
پيار پاٻوه پريت سڀ سنڌ لئه پچار
ٿي سورمو سنڌ جو اندر امڙ ٺار
لولي لنون اهڙي گيتن جي گونجار
دشمن نه دوست ٿي سمجه اها تو ڌار
هميشه هن کان ٿيندو ره هوشيار
ڌاريا دوکي باز سنڌ ڀڄايو يار
اهڙي صورت سماج ڪيون پنهنجي ڪار
سنڌي ٻولي ٻاجهاري هجي سڀ گفتار
سڄي سنڌ سالم هجي جيءُ جنسار
جاڏي ڪاڏي پيار ڳالهيون هجن ڳوٺ ۾


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top