• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجه بيت اندر جي اوت

ڪجه بيت اندر جو اوت

________________________

جيءُ جنسار ٿي ، پنهنجي سنڌ جي سار ۾
وکر سڀ ونهنوار ۾،محبت چاڏيو چاهتن ...

غيرن جو تون يار مرين لڄ ڇو نه ٿو
اندر اهڙو ڌار وکر سنڌ وجود سان ...

پڙهي پنو پريت جو ڪڍ تون غير گمان
سنڌي سڀ مهان امڙ جي اولاد ٿي ...


اندر ٻاريو آڳ کي شعلا مشالا
گڏجي سڀئي سٿ سان ڪيو اجالا
مچ ڪچهريون الا ٻرنديون رهن ٻاڦ ۾


جي تون سنڌ جوان مٽي تون مهان
تنهنجو وڏو شان هي جوت جو جهان
اهڙو تون امڪان سنڌ سرهي پو ٿئي ...


جي تو ساڃاه سنڌ جي ڪر پنهنجن سان تون پيار
اکر وکر ساڻ ڪري اچ محب مٺا منٺار
پو تولئه جيءُ جنسار هردم هوندو شان سان

غير نه تون گڏ جي تو سڪ سنڌ جي
امڙ جي آس ۾ هر وک پنڌ جي
محب هن منڌ جي پرک رک پيار ۾


پنهنجي سڪ سليت ڪر جي سنڌي تنهنجي سوچ
اهڙي لنو لڳاءِ تون لالڻ خيالن کي خروچ
هجي تنهنجي لوچ ساه سنڌ صدقي ڪيان ...



رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top