آئون جڏهن اڃا ننڍڙو ٻار هوس،سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي پٽي مس سکي هئم.ڪنهن وڏي جونوٽ بڪ تي لکيل نالو ڏسي ان کي لکيم ته مهنجا وڏڙا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ هنن مون کي شاباش ڏني هئي. پهرين پوسٽ هن بلاگ تي شيئر ڪرڻ جي ته همت نه پئي ٿيم،پرپوءِ همت افزائي ٿيڻ تي وڌيڪ لکڻ شروع ڪيم،پوءِ جڏهن هن بلاگ تي وڌيڪ پوسٽون شيئر ڪندو ويس ته پوءِ اهو ارادو ڪيم ته روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ پوسٽ ضرور ان تي شيئر ڪريان.پر ائين ڪري نه سگھيس،ان جا ٻيا ته ڪيترائي سبب آهن جهڙوڪ صحت،ٻيون مصروفيتون وغيره،پر ان ۾ هڪ سبب اهو به نظر آيو اٿم ته اهو ننڍڙو ٻار جنهن بغير سمجھڻ جي هڪ نالو لکيوهو،وڃائي چڪو آهيان. وڌيڪ پڙهو