آسَا کَرَ خرابُ ٿِيِين، هَيا ! هَچارا

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    کَرَ خرابُ ٿِيِين، هَيا ! هَچارا
    پُورايَءِ پِرِينءَ جا، چؤڌارِي چارا
    مَرِين مُهَ ڪارا، سَڙِي اِنِهيءَ سُورَ ۾


    سُرُ آسا

    کَرَ = رقيب, شرارتي ماڻهون، پيار جا ويري
    هَيا = مصيبت ۾ پيا
    هَچارا = اي لعنتي
    پُورايَءِ = پورايئي، بند ڪرايئي
    چؤڌارِي = چوطرف، هر پاسي
    چارا = رستا، دڳ، لنگھ، واٽون، گس، اچڻ وڃڻ جا رستا

    بيت جو پس منظر

    ~ اي لعنتي، مصيبت پوئي، پيار جا دشمن شال اڃان خراب ٿين.
    ~ محبوب جي اچڻ وڃڻ جا رستا بہ تو بند ڪرائي ڇڏيا.
    ~ شال ڪارو منهن ٿيئي، انهيءَ سور ۾ سڙي مرين وڃين.

    سمجهاڻي

    ڀٽائي پيار، امن ۽ محبتن جو شاعر آهي. هو جڏهن ڪن ساڙ سڙين، شرارتي ماڻهن طرفان ٻن دلين کي جدا ٿيندي ڏسي ٿو ڏک وچان کين ننديندي چئي ٿو:
    اي لعنتي، پيار جا ويري وڌيڪ خوار خراب ٿيو ۽ اوهان لاءِ وڌيڪ پريشانيون ۽ مصيبتون پيدا ٿين. محبوب جا مون ڏانهن اچڻ وڃڻ جا سڀ دڳ، لنگهه ۽ رستا بند ڪرائي توهان ڪو ڪارنامو سرانجام ناهي ڏنو.
    تنهنجي منهن تي ڪا دانگي گهمي، محبوب ۽ اسان کي پاڻ ۾ ملندو ڏسي، شال انهيءَ سور ۾ سڙي مري وڃين.

    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
    _____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو