خَبَرَ ٿي کَرَنِ کي، تہ مُنکي ڪندا ڪوهُ صُورت سُپَرِيان جِي، ڏٺي ڪونهي ڏوهُ لورِيَ لَڳُمِ لوهُ، جَنهِينءَ رت رئارِيو سُرُ آسا کَرَنِ = رقيبن، شرارتي ماڻهن، پيار جي ويرين ڪوهُ = ڇا سُپَيرِيان = سپرين، محبوبن لورِيَ = عشق جو لوهُ = تير، ڪانُ جَهِينءَ = جنهن مون کي بيت جو پس منظر ~ جي رقيبن کي خبر پئي بہ تہ مون کي ڇا ڪندا؟ ~ سپيرين جي صورت ڏسڻ ڪو گناھ ناهي. ~ مون کي عشق جو ڪان لڳو آهي، جنهن رت روئاريو اٿم. سمجهاڻي هن مدي خارج، ڪوڙھ وتل وڏيرڪي، جاگيرداري ۽ جرڳائي سماج ۾ پيار ڪرڻ ڏوھ سمجهيو وڃي ٿو. پيار جا ويري ماڻهو تہ اڪثر ڪري ٻن پيار ڪندڙ دلين کي جدا ڪرڻ پنهنجو عين فرض سمجهندا آهن. پر هاڻي اهو ڪم بہ وحشي وڏيرن ۽ جرڳائي درندن پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي. پيار جا فيصلا هاڻي وڏيرن جي اوطاقن تي ٿيڻ لڳا آهن. ڪيتريو دليون رت جا ڳوڙها پيون ڳاڙين. ڀٽائي اهڙن وحشي وڏيرن، جرڳائي درندن ۽ پيار جي ويرين جي مذمت ڪندي پنهنجي بهادر تخليقي ڪردار وينگس واتان چئي ٿو: ها مونکي پنهنجي محبوب سان پيار آهي ۽ مونکي ان تي پڇتاءَ بجاءِ فخر آهي. جيڪڏهن هيءَ ڳالھ پيار جي ويرين تائين پهتي تہ مونکي ڪا پرواھ ناهي، ڪو ڊپ يا خوف ناهي. هي دل ۽ اکين منجهان رت جا ڳوڙها ان ڪري ٿي ڳاڙيان جو مونکي پنهنجي محبوب جي عشق جو تير دل ۾ لڳو آهي. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل _____