سريلي شاعر عطا دل جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان : ”اسان کان اسان جون اکيون ڌار ٿي ويون!!“ سرواڻ سنڌي ساڻس پهرين ڀيرو ملاقات ٿي ته سندس لاءِ ڪرسي لڳائي وئي ۽ هو سڀني سان مرڪندي ملندي ڪرسي تي سڀني دوستن جي وچ ۾ چڙهي ويٺو ان وقت پهريون خيال اهو آيو ته وڏو معتبر ٿو ٿئي ۽ ان کانپوءِ جڏهن ساڻس ويجهڙائي ٿي ۽ ڳالهين مان ڳالهيون کليون ته پوءِ جڏهن سندس هر هنڌ تي ڪرسي تي ويهڻ جي حقيقت کلي ته جيءَ جهري پيو ۽ کيس به اهو احساس هو ته ماڻهو کيس وڏو معتبر سمجهندا هوندا ۽ جڏهن ائين چوندو هو ته سندس اکين جي صحرا ۾ هڪ اڻ لکي ڌنڌ نظر ايندي هئي ۽ هو پنهنجي ٻانهن جي ڪف سان اکين تان شايد احساسن جي دز اگهڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر حقيقت ۾ هو واقعي ئي معتبر هو، ايترو معتبر جو هن ڪڏهن ڪنهن کي رنج به نه رسايو ۽ آخر تائين سڀني سان اهڙو ته ڳانڍاپو رکيو جو جڏهن دوستن سندس وڃڻ جو ٻڌايو ته گهڻو وقت آئون ان ڳالهه کي تسليم ئي نه ڪري سگهيس ته ڪو هاڻي عطا اسان جي وچ ۾ ناهي جنهن سان جنهن مهل چاهي ڪچهري ڪري ٿي سگهيو ۽ هو هلڻ جهڙو نه هوندي به پنهنجي خيالن ۽ احساسن سان سڀني سان گڏ هلندو هو ۽ يقينن سڀ کان اڳيان هلندو هو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو هو. عطا دل ڪيترو لکيو ان تي بحث ئي ڪرڻ اجايو آهي پر هن ڇا لکيو آهي اصل ڳالهه اها آهي ۽ ان تي ئي ڳالهائڻ گهرجي ته بهتر آهي. عطا دل جي شاعري جو مجموعو تنهنجي نگري ڏور اسان کان سندس زندگي جو پورهيو آهي ۽ هو ان پورهئي ۾ ايترو ته ڪامياب ويو جو اڄ به هُو تنهنجي نگري ڏور اسان جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪنين ڪارڻ ڀڳئي چوڙيون، انهن جا سڀ جلايئي خط بنا چوڙين جي خالي چئو، اوهان جي ٻانهن ڇا ٿي چئي بندوقن جي ڇڏيل ڇيرا، ڍنڍن ۾ ڍار ڊوڙي ٿو مڇي کي ماٺ وئي ويڙهي، پکي جي آنهه ڇا ٿي چئي اهو عطا دل جو ئي ڊڪشن آهي ۽ هو پنهنجي ڊڪشن ۾ تمام وڏو شاعر آهي، مٿس ته ڪنهن جو رنگ چڙهيو يا نه اها ته ڳالهه نٿي چئي سگهجي پر سندس رنگ گهڻن تي چڙهيو۽ گهڻا ئي سندس رنگ ۾ رنڱجڻ جا هيراڪ ڏٺاسين، عطا دل ڪڏهن به مايوسي جي علامت نه رهيو پر هو سدائين رهنمائي، سگهه ۽ اڳتي وڌڻ جي علامت رهيو، مون کي نٿو لڳي ته ڪڏهن سندس زبان مان ڪنهن درد جي ٻڙڪ به ٻاهر نڪتي هجي هو اندر مان چيريل هجڻ باوجود پنهنجو پاڻ کي سهيڙي رکندو هو ۽ ٻين کي به سهيڙيندو هو سندس اها ئي خوبي آهي جيڪا دوست ياد رکن ٿا ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندر ساٿ واريون، سکيون ڌار ٿي ويون اسان کان اسان جون اکيون ڌار ٿي ويون تڪيندي تڪيندي ته سورج مکي کي ملي ڪونه سگهيون يڪيون ڌار ٿي ويون سندس شاعري ۾ رومانس جا اهڙا ته رنگ آهن جو جيڪو عاشق به ناهي اهو جڏهن سندس شاعري کي پڙهي ٿو ته هڪ اهڙي عاشق طور جنم وٺي ٿو جنهن جي محبت هڪ اهڙي محبت آهي جيڪا سڀني کان مٿانهين آهي ۽ اهو عطا دل جي شاعري جو ڪمال آهي جو هو محبوبن سان گڏوگڏ عاشق به پيدا ڪري ٿي، هو گهڻن کي دڳ ڏسي ٿي ۽ عشق ڪرڻ جو سليقو به ٻڌائي ٿي. عشق جي ٻيڙي ۾ ويهي، ٻئي سوار ٿي وڃون پيار کي پاڻي جيئان پي چڪار ٿي وڃون مندرن ۾ ماٺ آهي، گهنڊ ڪو ڪونهي گڙيو شهر واري شور ۾ اچ شمار ٿي وڃون هاڻي پاڻي پي چڪار ٿيڻ ۽ گهنڊ جو نه گڙجڻ اهڙيون ته تشبيهون آهن جو سندس شاعري کي وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي، عطا جيترو پاڻ معتبر آهي سندس شاعري به اوتري معتبر آهي، سندس شاعري کي سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن ڏاهي يا وري ڪنهن ڊڪشنري جي مدد وٺڻ جي ضرورت نٿي پوي، هو ڄڻ ته شاعري ڪري ئي دلين جي ويو آهي ۽ دلين جي ڳالهه دلين سان ئي سمجهڀي آهي نه وري ڪنهن ٻي جو سهارو وٺبو آهي، عطا جيترو پيارو هو اوترو ئي سندس ڳالهيون به پياريون هيون. هو جڏهن به ملڻ لاءِ آيو تڏهن الائي ته ڪيتريون محبتون ارپي ويو، هن جڏهن به ڪڍڻ شهر ۾ ايندو هو ته ڳولي لهندو هو ۽ جيڪي به گهڙيون گڏ هوندا هئاسين منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته آئون کيس ٻڌان، مون کي الائي ڇو هڪ اندر ۾ خوف رهندو هو ته عطا کي جيترو وڌيڪ ٻڌجي اوترو ڀلو آهي ۽ دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اهو فڪر به رهندو هو ته هي وڻجارو ائين اوچتو رمي ويندو ۽ اسان کي خبر نه پوندي. عطا دل هڪ عقل جي ڳالهه ڪري ويو تو مٿي تهمتن جو ڪچرو گلائن جو گند ڪو اڇلي ان کان اڳي تون ڪنهن کي ڪو به وجهه نه ڏي جيئن ته مون چيو آهي ته عطا دل شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ رستو به ڏسيندو ويو آهي ۽ هي ڳالهه به هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي ته ڪوشش ڪجي هر گهڙي پنهنجو پاڻ کي بچائجي ۽ ڪنهن کي به اهڙو موقعو نه ڏجي جو ڪو توهان تي ڪاهه ڪري ۽ توهان تي گند اڇلي، عطا دل انهن لفظن کي سڄي زندگي پنهنجي پانڌ ۾ ٻڌي رکيو ۽ اڄ اهڙو ڪو به نه آهي جيڪو مٿس ڪا ڪاهه ڪري پر اڄ جيڪو به سندس لاءِ ڳالهائي ٿو اهو سندس ساراهه ئي ڪري ٿو. اهو سڄو ڪمال سندس شخصيت جو آهي جنهن کي هن پاڻ ٺاهيو ان سان نڀايو، دوستيون رکيون ۽ دوستن جو ساٿ ڏنو، کيس ڪنهن کان ڇا مليو هن ان جي نه ته گلا ڪئي ۽ نه ئي وري ڪنهن کي اوڀالو ڏنو، پر هن ٻين کي ايترو ته ڏنو جو سڀ اڄ کيس ياد ڪن ٿا ۽ لڙڪ لاڙين ٿا ۽ کيس سندس ئي لفظن ۾ ياد ڪن ٿا ۽ چون ٿا ٿورڙو ترسجان جانان لغڙ جي ڏور ۾ چٽڪي ٻڌي توڏي اماڻيندس جگر ۽ جان جا ليکا لکي توڏي اماڻيندس هٿن جي پڪڙ ۾ آڻي لغڙ کي لاهي تون وٺجان ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏي اتساهه ۾ آڻي کولي ڪاغذ پڙهي وٺجان