تيرنهن لک تبديلي پسند ”محبت جي ڪتاب“ ۾ پنهنجو نالو لکرائين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تيرنهن لک تبديلي پسند ”محبت جي ڪتاب“ ۾ پنهنجو نالو لکرائين

    علي قاضي

    جيڪڏهن ڪير ڪنهن کان اهو سوال ڪري ته ”محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي؟ ته ان جو ڪو به ٺوس ۽ حتمي جواب نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته محبت هڪ جذبو هجي ٿو ۽ جذبات جون نه ئي ڪي حتمي تشريحون هجن ٿيون، نه ئي ان بابت ٺوس فارمولا، پر جيڪڏهن ڪنهن کان ڪو فزڪس يا ڪيمسٽري يا ڪنهن سائنس جي موضوع جي حوالي سان ڪو سوال ڪندو ته ان جو (دور حاضر تائين) ثابت ۽ طئي ٿيل فارمولي هيٺ ٺوس جواب ڏئي سگهبو. اڄڪلهه ته راندين ۾ به سائنٽيفڪ رخن کي شامل ڪيو وڃي ٿو، مثال طور ڪرڪيٽ راند دوران هوا جي رفتار ۽ رخ ڄاڻڻ لاءِ موسم جي رپورٽ يا پچ ۾ ڪهڙي مٽي ۽ ڪيترو گاهه آهي يا رانديگرن جا ڊوپ ٽيسٽ وغيرا، پر اڄ به ڪرڪيٽ کي ڏسندڙن يا کيڏندڙن جي اڪثريت ۾ Passion (جذبو) ۽ Spirit (جوش) بنيادي جز هجن ٿا. اسان جو هڪ صحافي دوست مذاق ۾ چوندو آهي ته، ”Spirit (اها ٻئي اسپرٽ جي ڳالهه آهي) کانسواءِ ته شراب به مڪمل نٿو ٿئي.“ سو راند هجي يا ڪاروبار، ادب لکڻو هجي يا سائنسي مضمون، سئو ماڙ بلڊنگ جي اسٽرڪچر جي ڊرائنگ ڪرڻي هجي يا ڪنهن خوبصورت منظر جي پينٽنگ ڪرڻي هجي، موسيقي جو ڪو ساز وڄائڻو هجي يا بندوق هلائڻي هجي، ڊاڪٽر ٿيڻو هجي يا فلاسافر، ماهر معاشيات ٿيڻو هجي يا ماهرِ سياسيات، هر شيءِ ۽ شعبي جون ڀلي ڪو ڪيتريون به باريڪيون ۽ ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي پهلو سمجهي وٺي، پر جيڪڏهن Spirit (جذبي ۽ جوش) جي کوٽ هوندي ته ان شعبي ۾ اهو شخص ڪو خاص مقام حاصل نه ڪري سگهندو. هڪ تمام پراڻو لطيفو (ڪوڙ سچ خدا کي خبر) مرزا غالب سان منسوب ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن ڏينهن مرزا جڏهن مئه جي وافر مقدار سبب صفا پرباش ٿي ويو ته ساقي شرارت ڪندي کيس سادي پاڻي جو گلاس ڀري ڏيندي چيو، ”مرزا، هي هڪ نئين ڪمپني جو شراب آهي، پي ٻڌايو ته سٺو آهي يا خراب؟“ مرزا گلاس مان ڍڪ ڀري چيو ته ”ميان صاحب، سٺو آهي يا خراب، ان جي خبر نٿي پئي، پر اها (شراب جي) ڪمپني هلندي ڪونه.“ سو ڀرپور جذبي کانسواءِ ۽ ڪا به ڳالهه يا عمل پنهنجو اڌ کان وڌيڪ وزن يا تاثر وڃائي ڇڏي ٿو.

    ڳالهين ۾ ڳالهه ٻئي هنڌ نڪري وئي، پاڻ مضمون جي شروع ۾ سوچيو پئي ته ”محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي؟“ ٽائيپ سوالن جو ڪيئن ڪو ٺوس جواب ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو هر ماڻهو جي اندر جي جذبي ۽ احساسن جي ڳالهه هجي ٿي، پر جيڪڏهن سوال اهو هجي ته ”محبت ڪيئن ڪجي؟“ ته ان سوال جا وري به ٻه يا ٽي جواب ٿي پيا سگهن. (جنهن بابت محبتي ماڻهن ۾ اتفاق راءِ ٿيل آهي) مثال طور خالص محبت Care (اونو/فڪر) ڪرڻ سان ممڪن آهي يا محبت پنهنجي ڪوڙي اناءَ کيSurrender (ختم) ڪرڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿي وغيره. هاڻ اتي سمجهڻ اهو گهرجي ته مٿين ٻنهي سوالن مان پهرين ۾ محبت جي جذبي بابت پڇيل آهي. جڏهن ته ٻئي سوال ۾ ان جذبي (محبت) جي عملي اظهار بابت سوال ٿيل آهي، سو هر ماڻهو وٽ پنهنجي جذبي بابت پنهنجي پنهنجي تشريح ٿي سگهي ٿي، پر ڪنهن عمل (پوءِ اهو عمل محبت ڪرڻ جو ئي ڇو نه هجي)بابت صدين جي غور و فڪر ۽ سوچ ويچار کانپوءِ ڪي بنيادي قسم جا فارمولا يا فلسفا جنم وٺن ٿا، پوءِ اهو عمل خدا سان محبت جو هجي يا ڪنهن فرد يا وري خلقِ خدا ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت جو هجي. 27 سال جيل ڪاٽيندڙ نيلسن منڊيلا يا ڏهاڪي کان وڌيڪ قيد ڪاٽيندڙ برما جي سوڪي لاءِ سندن آٿم ڪٿا لکندڙن وٽ به اها سمجهاڻي ناهي ته کين پنهنجي عوام ۽ ڌرتي سان ايتري محبت ڪيئن پيدا ٿي، پر سندن محبت جي عملي اظهار بابت ڪتابن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ سياست رومانس ڇو هئي، خدا کي خبر، پر سندس رومانس ڪرڻ جي طريقي بابت کوڙ ساريون لکيل ۽ اڻ لکيل ڳالهيون موجود آهن. ساڳيءَ ريت حيدر بخش جتوئي ۽ جي ايم سيد کان وٺي اڄ تائين لکين ڪروڙين ماڻهن کي سنڌ سان محبت ڇو هئي/آهي، ان جي خبر خدا کي، پر سندن محبت ڪرڻ جي عمل بابت ٿلهي ليکي ڄاڻ ٿي پئي سگهي.

    جڏهن ڪو نوجوان اچي مون کي اهو ٻڌائيندو هو ته کيس محبت ٿي وئي آهي ته ڪجهه عرصو اڳ تائين آئون (صحافين واري آڏي پڇا ڪندي) جانچڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته اهو نوجوان مڙئي نوجواني جي جوش ۾ ڳالهه پيو ڪري يا واقعي وٽس ڪو خالص محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، پر گذريل ٿوري عرصي کان مون ائين ڪرڻ ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي ته آئون ڪيئن ٿو ته ڪنهن جي اندر جي جذبي جي پروڙ حاصل ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ته خود جذبو رکندڙ شخص کي پاڻ به پنهنجي جذبي بابت پوري ڄاڻ نه هوندي آهي، سو هاڻ جيڪڏهن ڪو نوجوان مون کي پنهنجي محبت جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ته آئون ان جي محبت ڪرڻ جي عمل بابت ڌيان ڏيان ٿو، يعني اهو نه ته وٽس محبت جو جذبو آهي يا نه، بلڪه اهو ته هو ڪيئن محبت ڪري رهيو آهي. منهنجو ايمان آهي ته محبت ڪرڻ لاءِ ڪنهن اسڪول يا ٽريننگ سينٽر جي ضرورت نٿي هجي، بلڪه جنهن شخص اندر اهو خالص جذبو پيدا ٿيو وڃي ته ان جو محبت ڪرڻ جو عمل به اوترو ئي خالص ۽ حقيقي ٿيو وڃي، سو منهنجي صلاح اها آهي ته جيڪڏهن ڪو محبت ڪرڻ جو دعويدار ٿئي ته ان جي جذبي بابت مٿا خوري نه ڪجي، بلڪه ان جو عمل پاڻ ٻڌائيندو ته وٽس موجود محبت جو جذبو ڪيترو خالص آهي. آئون انهيءَ ائپروچ سان ئي سنڌ سان محبت جو جذبو رکڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي به ڏسان ٿو ته ضرور انهن وٽ پنهنجي ڌرتي واسين لاءِ محبت به هوندي ۽ سنڌ کي جن تڪليفن ۽ دردن کي منهن ڏيڻو پيو پوي، ان لاءِ تڙپ به هوندي. يقينن ٿر ۾ پاڻي جي ڳولا ۾ نڪتل اُن ماءُ جي تڪليف هر درد رکندڙ دل کي لوڏي ڇڏيو هوندو، جنهن ماءُ کي ڪلاڪن جي ڪشٽ کانپوءِ پاڻيءَ جو مٽ ته نصيب ٿيو، پر پنهنجي ٻڇڙي جي جدائي به هميشه لاءِ نصيب بڻجي وئي. حيدرآباد جي پوش علائقي ڊفينس مان ٻارن جي ڊاڪٽر جي اغوا جي واردات هر شهري کي ذهني اذيت ۾ متبلا ڪري ڇڏيو هوندو. مهانگائي، لوڊشيڊنگ، ڪرپشن، حال ۾ عدم تحفظ ۽ مستقبل بابت عدم يقين، ڳوٺن ۾ برادرين جي نام نهاد جهيڙن ڪري ۽ شهرن ۾ مافيائن جي ڪري بڻيل نوگو ايرياز، زرعي پاڻيءَ کان ويندي پيئڻ جي پاڻي جي اڻاٺ، پئسا نه هجڻ ڪري علاج کان محروم ماڻهن جو تڙپي تڙپي مرڻ، اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ پورهيو ڪندڙ ٻارن کي ڏسي يا پنهنجي صوبي جي شهر ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ ٻين علائقن جي شاگردن جي داخلا تي پابندي واريون پاليسيون، ڪجهه خدمتن تي ويليو ايڊيڊ ٽيڪس جي اوڳاڙي وفاق حوالي ڪرڻ تي ظاهر آهي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ هر هڪ ماڻهوءَ جي دل سڙندي هوندي ۽ هو ان کي بدلائڻ جي خواهش به رکندا هوندا، پر جيڪڏهن هو ان کي بدلائڻ جي عمل ۾ حصو وٺڻ کان لنوائين ٿا يا شعوري يا لاشعوري طور تبديلي جي عمل ۾ رنڊڪون وجهن ٿا يا هو تبديلي جي عمل ۾ پاڻ حصو نٿا وٺن ته پوءِ جذبي جي خبر ته خدا کي، پر سندن سنڌ سان محبت ڪرڻ واري عمل مٿان سواليه نشان ضرور اڀرندو، ڇاڪاڻ ته محبوب سان محبت جي دعويٰ به ڪجي ۽ محبوب جي جان جوکم ۾ هجي ته ان جي واهر نه ڪجي ته اها ڪهڙي محبت چئبي؟

    ”خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي فقط تيرنهن لک تبديلي پسند گهرجن“ جي عنوان هيٺ لکيل تازي مضمون جي موٽ ۾ کوڙ سارن پڙهندڙن ايس ايم ايس، اي ميل ۽ فون ذريعي نياپا ڏنا ته انهن تيرنهن لکن تبديلي پسندن جي لسٽ ۾ سندن نالو لکي وٺان. ظاهر آهي ته آئون اهڙي ڪا لسٽ نه پيو ٺاهيان، پر اهڙن نياپن کي پڙهي ۽ ٻڌي مون کي ٻه سال اڳ 2008ع ۾ ”تبديلي کپي“ جي عنوان هيٺ لکيل مضمون ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ تجويز لکي هيم ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ننڍن وڏن شهرن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ هڪ رجسٽر رکون، جنهن ۾ علائقي جو هر تبديلي پسند (ووڪل ڪلاسي) اچي پنهنجو نالو رجسٽر ڪرائي ۽ جيڪڏهن تبديلي جا لکين حامي ان رجسٽر تي پنهنجو نالو اچي لکي ويا ته پوءِ سنڌ ۾ تبديلي لاءِ اهو عمل وڏي وک هوندي. اڄ وري دل جي اها خواهش آڏو رکان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن جي وڏن ميدانن ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن اسين سڀ اچي گڏ ٿيون ۽ اتي تبديلي لاءِ پنهنجا نالا رجسٽر ۾، (جنهن رجسٽر جو نالو ”محبت جو ڪتاب“ هجي) لکرايون، جيڪا محبت پنهنجي ڌرتي سان ڪريون ٿا، ان لاءِ هڪ ڏينهن سيڙجي اچي عمل ڪري ڏيکاريون، جيڪو خواب ڏسون ٿا ان جي ساڀيان لاءِ پنهنجو ڪردار نڀايون، ڇا اهو بنهه مشڪل آهي؟ ڇا اهو ناممڪن آهي؟ ڇا تيرنهن لک ماڻهن لاءِ پنهنجي پنهنجي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجو نالو تبديلي جي حامي طور لکرائڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو؟ يقينن جيتريون تڪليفون ۽ ڏک درد اسان ڀوڳيون پيا، جنهن اڻوڻندڙ ماحول ۾ رهون پيا، ان کي بدلائڻ لاءِ هڪ ڏينهن پنڌ ڪري ڪنهن هڪ هنڌ وڃي پنهنجو نالو لکرائڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هاڻ جيڪڏهن اتي ڪو اهو سوال اٿاري ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جي تيرنهن يا پندرنهن لک ماڻهن، جن جا ووٽ رجسٽر ٿيل آهن، اچي تبديليءَ جي حامي طور پنهنجو نالو ڪنهن رجسٽر تي لکرائي به ڇڏيو ته ان سان ڇا ٿيندو؟ ته ان جو بنهه سولي ٻولي ۾ جواب اهو آهي ته ان سان هڪ ته اها پڪ ٿيندي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ننگر پارڪر مان سيڙجي اچي مٺي، سجاول مان اچي ٺٽي ۾ يا گولاڙچي مان اچي بدين ۾، يا ڏهرڪي جو ماڻهو گهوٽڪي ۾ يا پنو عاقل جو ماڻهو سکر ۾ يا نصير آباد جو ماڻهو لاڙڪاڻي ۾، ساڳي ريت ٻين ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ پنهنجن گهر وارن سان سيڙجي اچي رجسٽر تي نالو لکرائي سگهي ٿو ته يقينن اليڪشن واري ڏهاڙي هو پنهنجي پاڙي ۾ لڳل پولنگ اسٽيشن تي اچي ضرور تبديلي لاءِ ووٽ ڏيندو. ٻي ڳالهه اها ته ڪراچي کان ڪشمور تائين پکڙيل تبديلي پسند ماڻهن کي اهو اندازو ٿيندو ته انهن جو انگ لکن ۾ آهي ۽ کين پنهنجي سگهه جو اندازو به ٿيندو ۽ منجهن خود اعتمادي به ايندي ته هو اليڪشن ۾ ووٽ ذريعي تبديلي جي طاقت رکن ٿا. لکن جي انگ ۾ تبديلي پسندن جي ان عمل سان اهو به طئي ٿي ويندو ته تبديلي ووٽ ذريعي آڻڻ سئو سيڪڙو ممڪن آهي، ۽ انهن صاحبن جا وات به بند ٿي ويندا، جيڪي چون ٿا ته ڏهاڪن کان ڀوتارن وٽ يرغمال بڻيل اٻوجهه ۽ هيڻو عوام تبديلي آڻڻ جي سگهه نٿو رکي ۽ ٽئين ڳالهه اها ته تبديلي جي اهڙي ڏهاڙي ملهائڻ سان اهو به ٿيندو ته جنهن سوال تبديلي پسندن کي ڪنهن حد تائين منجهائي رکيو آهي ته هو تبديلي لاءِ ووٽ ڪنهن کي ڏين، ان سوال جو جواب به سامهون اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته جيڪر لکين ماڻهو تبديلي جي ڏهاڙي تي ٻاهر نڪتا ته انهن کي ڏسي اهي ماڻهو به پوءِ سامهون اچي ويندا، جيڪي هن مهل تائين ان مونجهاري ۾ آهن ته الائي سنڌ واسي ووٽ ذريعي تبديلي لاءِ تيار به آهن يا نه، ۽ ان ڏهاڙي جي ڪاميابي کانپوءِ تبديلي پسندن جو ڪو سياسي محور جڙڻ اڻٽر ٿي ويندو، غرض ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ڏهاڙو ملهائي تيرنهن لک ماڻهو تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لسٽ ۾ لکرائي ڇڏين ته اهو اسان جي فرسوده سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ کليل ريفرنڊم هوندو، جنهن کانپوءِ تبديلي کي روڪڻ ڪنهن جمود پسند قوت جي وس ۾ نه رهندو.

    اها ڳالهه اڳ به ٽي سئو ڀيرا ڪري چڪو آهيان ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته تعليم سڌرندي ته پوءِ تبديلي ايندي، ته چوڻ وارا اهو ڇو نٿا سمجهن ته تعليم ڇا اسان جي حڪومتي نظام کان ٻاهر ڪا شيءِ آهي، جو باقي سڄي نظام جو ڪم لٿل هجي، پر وچ مان تعليمي سرشتو ٺيڪ ٿي وڃي؟ جيڪي ڀائي لوڪ چون ٿا ته نظام مٽجڻ کانسواءِ تبديلي نه ايندي ته انهن کي عرض آهي ته ڀائي جان! اها جيڪا ووٽ ذريعي تبديلي جي ڳالهه ٿئي ٿي، اها وري ڪهڙا چهرا مٽائڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي، اها به ته ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده نظام جي تبديلي جو ئي خواب آهي نه، ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان حڪومتي ڪار وهنوار جي انداز کي مٽايو ٿا ته توهان دراصل نظام ئي مٽايو ٿا نه! پوءِ اها تبديلي توهان خوني انقلاب ذريعي آڻيو يا ووٽ ذريعي، پر ٻنهي صورتن ۾ نظام ته حڪومت ۾ اچي ئي مٽائي سگهجي ٿو نه! هڪ ٻي ڳالهه اڳ به چار سئو ڀيرا ڪري چڪو آهيان ته مسئلا، ڏک سور ماڻهن جا آهن ۽ حل به کين پاڻ ڪرڻا پوندا. ڌرتي سان محبت آهي ۽ ان کي ماءُ جيان سمجهون ٿا ته پنهنجي ماءُ جي عملي طرح خدمت به پاڻ ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن تبديلي جو خواب پنهنجين اکين ۾ سجايو آهي ته ان جي ساڀيان لاءِ عملي قدم به پاڻ کڻڻا پوندا. ڪنهن ڏاهي جي چيل اها ڳالهه مون اڳ به ڪڏهن لکي هئي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي، جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي.“ جيڪڏهن بدليل ۽ خوشحال سنڌ جي خواب جي ساڀيان ڪنهن کي معجزو لڳي ٿو ته ان تي صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”معجزا ٿي سگهن ٿا شرط اهو آهي ته اسين انهن (معجزن) کي ٿيڻ ڏيون.“ جيڪڏهن تيرنهن لک ماڻهن جو هڪ ڏينهن هڪ سوچ، هڪ خواب ۽ هڪ خواهش لاءِ گڏجڻ هڪ خواب آهي ته آئون ان خواب جي ساڀيان تائين اکيون کليل رکڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ڪير ان کي هڪ معجزي برابر سمجهي ٿو ته آئون ان معجزي جي ٿيڻ تائين پنهنجو ايمان پختو رکڻ چاهيان ٿو ته تبديلي پسند سنڌ واسي ان معجزي کي ڪري ڏيکاريندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو