عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
حفيظ ڪنڀر پنهنجي وطن ءِ عوام جي ترجمان شاعري ڪئي آهي رئيس ءِ مير ٿا ليڊر بنجن، داڌاگير ٿا ليڊر بنجن اڄ جي وقت جي ترجماني ڪري ٿي.
ڪو چوغو قوم پرستي جو
حفيظ ڪنڀر
هن ڏيه چڪي جا چاڙهي آ،
جو هر ڪنهن ڪن تي تاڙي آ،
هن جوءُ جو پيتل گانجو آ،
جنهن ملڪ سڄو ڪيو ماندو آ،
هر دل ۾ پوک ڌتوري جي،
هر سوچ هتي ڄڻ ڳيري جي،
هر ڳهريل تريل تارو آ،
ءِ چپ جو ڄميل پارو آ،
هر اک تي چڙهيل کوپو آ،
ءِ سيم سڄيکي ورتو سوپو آ،
هت ڏينهن ٿيڻ آ ڏوه ٿيو،
ءِ سوجها ڪو آ لوه ٿيو،
هت ڪوڙ ڦٻيو آ، ڊوه ڦٻيو آ،
سچ ڪڙاهين منجه تپيو آ،
هت حق تي ناحق حاوي آ،
ءِ سچ لئه تپندڙ آوي آ،
هت ڪوڙ جو ڪيڏو راڄ وڏو آ،
ڀاڳ وڏو آ، ڪاڄ وڏو آ،
ڪو ڦوڪ ڀري ٿو دارون جي،
ءِ وللي وڦلي چرسي ٿي،
ڪو ڇن ڇن ڇن ڇن گھوٽو پي،
ٿو ٻوليو اڏري عرشي ٿي،
ٿو کڳو نئون کٽراڳ کڻي،
ءِ ماڻهن لئه ٿو ڄار اڻي،
مانڌاڻ متل کي روڪي ٿو،
هو سچ کي ڪوڙ ۾ روڪي ٿو،
هت هيڏي ساري انڌ آ ڇانئي،
رات مان ڪاري رات آ ڄائي،
ڪو ليڊر پيو پر ٿيو،
اسٽيج تان گر گر گڦ گفيو،
قوم جو غم غلطان ڪري ٿو،
ڪوڙ سان سارو جهان ڀري ٿو،
هي رئيس ءِ مير ٿا ليڊر بنجن،
داڌاگير ٿا ليڊر بنجن،
جاهل ڪئين اڳواڻ ٿا سڏجن؟
ڪاهل ڪئين سرواڻ ٿا سڏجن؟
علم، عقل کان سارا ڪورا،
ووڻاٺين جئين آهن پورا،
ڏاهين جي ڪن چمچاگيري،
قوم سان هيڏي هيرا ڦيري،
گدڙ جئين هي ڀڀڪن ٿا،
هي ڪرسين تي ڪئين لپڪن ٿا،
هر آقا سان هي پورا آهن،
هيڻن تي هي ٽورا آهن،
چڙهندي سج جا پوڄاري،
هي پنهنجي قوم جا واپاري،
هي ڌرتي وڪڻن ڀڳڙن تي،
ءِ ٽامي جي ڪجه ٽڪرن تي،
نئين ڏينهن نئون ٿا جامون پائين،
پنهنجا اصلي منهن لڪائين،
ڪو چوغو قومپرستي جو،
ڪو برقعو ديس پرستي جو،
ائين سارو ديس ڌتارين ٿا،
هو پنهنجو پيٽ به پارين ٿا،
هت سالن کان هي ڌنڌو آ،
جنهن ملڪ سڄو ڪيو گندو آ،
هت هر ڪنهن ڪنڌ ۾ ڦنڌو آ،
پر ماڻهو ماڻهو انڌو آ،
هر بت جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي،
ڪا نه وچان ڪا واٽ ٿئي ٿي،
پر ديس جا وارث، هاڻ سڻو،
جي خالي پنهنجا هٿ کڻو،
پوءِ ڪيس نه رهندو ، زور نه رهندو،
مڪارن جو دور نه رهندو،
سيم سڄي جي ست مٿي ڪو،
دور وهي، شهزور نه رهندو،
ڏيه جي ريٽي رت مٿي،
رئيس وڏو ٿي ڄور نه رهندو،
ڪاڪ جو ڪوڙو ڪوٽ نه رهندو،
منڊ منڊيل هر ڀور ٿي ڊهندو،
ٺڙڪ ٺڳي کي مور نه سهبو،
انبورن جو سور نه سهبو،
پاپ نگر ۾ پاپين جو،
هر روز نئون ناسور نه سهبو،
او ڌرتي وارو! ڳاله ٻڌو؛
هو ماڳ ته پنهنجو ڌن اٿئو!
ماڳ جو من کي مک ڏئي ٿو،
ماڳ من کي ڇڪ ڏئي ٿو،
جنهن جنهن من ۾ ماڳ وهي ٿو،
تنهن کي جهٽ ۾ جاڳ ڏئي ٿو،
هي جنهن جئ ۾ جهٽ هڻي ٿو،
تنهن کي موت جو پنڌ وڻي ٿو،
جنهن سان هن جو من لڀي ٿو،
تارن کان سو پنڌ پڇي ٿو،
پر جو پنهنجو پنڌ ڪڇي ٿو،
سو ڄڻ پنهنجو ڪنڌ ڪڍي ٿو،
جيڪو پنهنجا پير ڳڻي ٿو،
سو ٿيو پيلو پن ڇڻي ٿو،
جي جيون گھارڻ هون به اڻائو،
پوءِ ڇو ڳوليون گس سڻائو؟
جئين هي جيون گھارڻ اوکو،
تئين هي پنهنجو پنڌ نه سوکو،
پر جي پنڌ پڄائي هلبو،
پنهنجو ديس بچائي هلبو،
ءِ جي سيس ناوئي هلبو،
ڪيڏو ڪچ ڪمائي هلبو.
ڪو چوغو قوم پرستي جو
حفيظ ڪنڀر
هن ڏيه چڪي جا چاڙهي آ،
جو هر ڪنهن ڪن تي تاڙي آ،
هن جوءُ جو پيتل گانجو آ،
جنهن ملڪ سڄو ڪيو ماندو آ،
هر دل ۾ پوک ڌتوري جي،
هر سوچ هتي ڄڻ ڳيري جي،
هر ڳهريل تريل تارو آ،
ءِ چپ جو ڄميل پارو آ،
هر اک تي چڙهيل کوپو آ،
ءِ سيم سڄيکي ورتو سوپو آ،
هت ڏينهن ٿيڻ آ ڏوه ٿيو،
ءِ سوجها ڪو آ لوه ٿيو،
هت ڪوڙ ڦٻيو آ، ڊوه ڦٻيو آ،
سچ ڪڙاهين منجه تپيو آ،
هت حق تي ناحق حاوي آ،
ءِ سچ لئه تپندڙ آوي آ،
هت ڪوڙ جو ڪيڏو راڄ وڏو آ،
ڀاڳ وڏو آ، ڪاڄ وڏو آ،
ڪو ڦوڪ ڀري ٿو دارون جي،
ءِ وللي وڦلي چرسي ٿي،
ڪو ڇن ڇن ڇن ڇن گھوٽو پي،
ٿو ٻوليو اڏري عرشي ٿي،
ٿو کڳو نئون کٽراڳ کڻي،
ءِ ماڻهن لئه ٿو ڄار اڻي،
مانڌاڻ متل کي روڪي ٿو،
هو سچ کي ڪوڙ ۾ روڪي ٿو،
هت هيڏي ساري انڌ آ ڇانئي،
رات مان ڪاري رات آ ڄائي،
ڪو ليڊر پيو پر ٿيو،
اسٽيج تان گر گر گڦ گفيو،
قوم جو غم غلطان ڪري ٿو،
ڪوڙ سان سارو جهان ڀري ٿو،
هي رئيس ءِ مير ٿا ليڊر بنجن،
داڌاگير ٿا ليڊر بنجن،
جاهل ڪئين اڳواڻ ٿا سڏجن؟
ڪاهل ڪئين سرواڻ ٿا سڏجن؟
علم، عقل کان سارا ڪورا،
ووڻاٺين جئين آهن پورا،
ڏاهين جي ڪن چمچاگيري،
قوم سان هيڏي هيرا ڦيري،
گدڙ جئين هي ڀڀڪن ٿا،
هي ڪرسين تي ڪئين لپڪن ٿا،
هر آقا سان هي پورا آهن،
هيڻن تي هي ٽورا آهن،
چڙهندي سج جا پوڄاري،
هي پنهنجي قوم جا واپاري،
هي ڌرتي وڪڻن ڀڳڙن تي،
ءِ ٽامي جي ڪجه ٽڪرن تي،
نئين ڏينهن نئون ٿا جامون پائين،
پنهنجا اصلي منهن لڪائين،
ڪو چوغو قومپرستي جو،
ڪو برقعو ديس پرستي جو،
ائين سارو ديس ڌتارين ٿا،
هو پنهنجو پيٽ به پارين ٿا،
هت سالن کان هي ڌنڌو آ،
جنهن ملڪ سڄو ڪيو گندو آ،
هت هر ڪنهن ڪنڌ ۾ ڦنڌو آ،
پر ماڻهو ماڻهو انڌو آ،
هر بت جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي،
ڪا نه وچان ڪا واٽ ٿئي ٿي،
پر ديس جا وارث، هاڻ سڻو،
جي خالي پنهنجا هٿ کڻو،
پوءِ ڪيس نه رهندو ، زور نه رهندو،
مڪارن جو دور نه رهندو،
سيم سڄي جي ست مٿي ڪو،
دور وهي، شهزور نه رهندو،
ڏيه جي ريٽي رت مٿي،
رئيس وڏو ٿي ڄور نه رهندو،
ڪاڪ جو ڪوڙو ڪوٽ نه رهندو،
منڊ منڊيل هر ڀور ٿي ڊهندو،
ٺڙڪ ٺڳي کي مور نه سهبو،
انبورن جو سور نه سهبو،
پاپ نگر ۾ پاپين جو،
هر روز نئون ناسور نه سهبو،
او ڌرتي وارو! ڳاله ٻڌو؛
هو ماڳ ته پنهنجو ڌن اٿئو!
ماڳ جو من کي مک ڏئي ٿو،
ماڳ من کي ڇڪ ڏئي ٿو،
جنهن جنهن من ۾ ماڳ وهي ٿو،
تنهن کي جهٽ ۾ جاڳ ڏئي ٿو،
هي جنهن جئ ۾ جهٽ هڻي ٿو،
تنهن کي موت جو پنڌ وڻي ٿو،
جنهن سان هن جو من لڀي ٿو،
تارن کان سو پنڌ پڇي ٿو،
پر جو پنهنجو پنڌ ڪڇي ٿو،
سو ڄڻ پنهنجو ڪنڌ ڪڍي ٿو،
جيڪو پنهنجا پير ڳڻي ٿو،
سو ٿيو پيلو پن ڇڻي ٿو،
جي جيون گھارڻ هون به اڻائو،
پوءِ ڇو ڳوليون گس سڻائو؟
جئين هي جيون گھارڻ اوکو،
تئين هي پنهنجو پنڌ نه سوکو،
پر جي پنڌ پڄائي هلبو،
پنهنجو ديس بچائي هلبو،
ءِ جي سيس ناوئي هلبو،
ڪيڏو ڪچ ڪمائي هلبو.