• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪُجهه لمحن لاءِ چونڊيل ڪائنات جي سونهن راڻي

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن

23902496625_7c064386d6_o.jpg


ڪائنات جي سونهن راڻي جو لوگو جيڪو 1998ع ۾ تيار ڪيو ويو.
1952ع کان وٺي ڌرتي ۽ دُنيا جي سونهن راڻين کان علاوه ڪائنات جي سونهن راڻي جي مُقابلي کي به خوب پذيرائي ملي ٿي. پر ڪلهه ان وقت دلچسپ صورت ِحال پئدا ٿي وئي جڏهن ڪائنات جي سونهن راڻي ۽ ان جي مقابلي ۾ آيل ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي آيل سندرين کي اسٽيج تي سڏيو ويو. ان مهل ڪنهن کي به خبر نه هُئي ته اهو مقابلو ڪنهن کٽيو آهي. فلپائن ڪولمبيا ۽ آمريڪا جي سندرين جي دل جي ڌڙڪن تيز هُئي ۽ کين انتظار هو ان علان جو ته انهن منجهان ڪا هڪ اڄ ڪائنات جي سونهن راڻي چونڊبي. ميزبان اسٽيو هاروي ڪارڊ تي فرسٽ رنر اپ (ٻي نمبر تي آيل سونهن راڻي) کي غلطي سان ڪولمبيا جي سندري جو نالو فاتح طور کنيو ۽ کيس تاج پارايو ويو. هُن اها خوشي اڃان صحيح سان ملهائي ئي نه هُئي ته ميزبان ٻئي لمحي اهو اعلان ڪيو ته کانئس غلطي ٿي آهي ۽ اصل ۾ فاتح فلپائن جي سونهن راڻي آهي. ايئن ڪُجهه ئي لمحن ۾ سندس سر تان تاج لهرائي فلپائن جي سندري کي پارايو ويو ۽ ڪولمبين سندري روئيندي رهي.
يقين انسان غلطي جو گهر آهي ۽ غلطي ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي پر ڪا ڪا غلطي زندگي ڀر لاءِ هڪ ڪڙي ياد ۽ اڻ وسرندڙ واقعو ٿي رهجي ويندي آهي. ان واقعي جا ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيل لمحا هتي دلچسپي خاطر ونڊ ڪجن ٿا

23819983411_39d2cb715c_o.jpg


ڪولمبين سندري جنهن کي ڪُجهه لمحن لاءِ ڪائنات جي سونهن راڻي هُجڻ جي خوشي نصيب ٿي. پنهنجي مُلڪ جي جهنڊو لهرائيندي خوش ٿيندي

o6qmRBA.jpg

اهو لمحو جڏهن ڪولمبيا جي سندريءَ کي ڪائنات جي سونهن راڻيءَ جو تاج واپس وارتو ويو

NMK4sK.jpg

فلپائن جي سندري ڪائنات جي سونهن راڻي منتخب ٿيڻ کان پوءِ
sR2yCXi.jpg

ميبان اٽيو هاروي جنهن فرسٽ رنر اپ کي فرسٽ ونر سمجهي اعلان ڪيو
YsTJv5.jpg

هڪ لمحي لاءِ ڪولمبيا جي سندري مسڪرايو جڏهن تاج واپس ورتو ويو
80q8DT.jpg

ٻي لمحي هو روئندي رهي
23606691800_10d324decc_o.jpg

ميزبان جي معافي وارو ٽوئيٽ​
 
اها خبر سڀني چينلن تي واهه جو هلي .... پر مائيءَ سان ڏاڍي ڪين

اها ته صفا ڌانڌلي ٿي
 
ڌانڌلي چئو يا ٻيو ڪجهه.. پر اهو اعزاز به ته آهي ته هُو ڪجهه لمحن لا دنيا جي سونهن راڻي بَڻِي.. جيئن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ڪجهه لمحن جي سزا هُئي. پر هُئي ته سزا !!
اِن ڳالهه تي ايڏو افسوس ڇو پئي ڪري مائي ؟؟ کيس اگر يوسف رضا گيلاني جي سزا جي خبر هُجي ها ته روئي نه ها.. ;):D:D
 
Back
Top