يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
تعليم انساني شعور جو پهريون ڏاڪو آهي معني ته تعليم کان سواءِ شعور جو پنڌ شروع ئي نه ٿيندو آهي ۽ جڏهن پنڌ شروع نه ٿيندو ته منزل تي پهچڻ جو ته خواب ئي اجايو آهي. پر تعليم کي سڀني مسئلن جو حل قرار ڏيڻ اصل ۾ اسان کي اصل مسئلن کان هٽائڻ جي هڪ بيهوده ڪوشش آهي جيتوڻيڪ تعليم کي عام ڪرڻ جو نعرو وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي پر موجودهه صورتحال ۾ تعليم جو فروغ سڀ ڪجهه ناهي ڀٽائي چواڻي ته ” او ڪو ٻيو فهم“ سو تعليم کان سواءِ ٻيا به کوڙ سارا محرڪ آهن جن جي فروغ لاءِ ڪوششون وٺڻ موجودهه وقت جي ضرورت آهي بلڪه ائين چوڻ وڌيڪ صحيح آهي ته موجودهه حالتن ۾ تعليم جي فروغ کان وڌيڪ ڪجهه ٻيا محرڪات آهن. اهي محرڪات ڪهڙا آهن انهن جي تلاش لاءِ اسان کي ڪجهه ٻيون ڳالهيون بحث هيٺ آڻڻيون پونديون.
اسان جي نظام جو دارومدار ووٽن تي آهي چيو ويندو آهي ته ووٽر جيڪر پڙهيل ڳڙهيل هوندا ته صحيح اميدوار جي چونڊ ڪندا، ڪنهن حد تائين اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي پڙهيل لکيل ووٽر صحيح اميدوار جي ئي چونڊ ڪندو پر بدقسمتي سان اسان وٽ ائين نه ٿي رهيو آهي. اسان وٽ پڙهيل لکيل توڙي اڻ پڙهيل ووٽر سالن کان ساڳيا اميدوار چونڊي رهيا آهن، هتي وري ٻهراڙي ۽ شهري ووٽر جو بحث ڇڙي پوندي آهي ته شهري ووٽر ڇوته تعليم يافته آهن سو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا آهن جڏهن ته ٻهراڙي جا ووٽر وڏيرن ۽ سردارن جي اثر هيٺ ووٽ استعمال ڪندا آهن، شهري علائقن ۾ تعليم يافته ووٽرن جو اننگ واقعي وڌيڪ آهي ۽ انهن لاءِ اها ڳالهه ڪري به سگهجي ٿي پر وري به ساڳئي ڳالهه سامهون ٿي اچي ته شهري ووٽر ئي کڻي سهي پر اُنهن به ڪا خاص تبديلي ناهي آندي، ڇو؟ سالن کان شهري علائقن تي مخصوص جماعتن جي حڪومت نظر پئي اچي. ٻهراڙي جا ووٽر اڻ پڙهيل هجڻ جي طعني هيٺ کڻي تبديلي جي سفر مان ڪڍي به وٺجن تڏهن به تعليم يافته طبقو ڪا خاص تبديلي ڇو نه پيو آڻي؟ ڇا اسان ڪجهه دير لاءِ ئي سهي پر ڇا اهو تسليم ڪريون ته اسان وٽ تبديلي جو اصل مرڪز تعليم ناهي؟ ڏسڻو پوندو ته اسان مان گهڻائي ووٽ ڇو ڏيندي آهي؟ ڇاسڀني ووٽرن جو مقصد نظام جي تبديلي هوندي آهي يا انهن جو ڪو ٻيو مقصد هوندو آهي؟ ان لاءِ اسان کي ٻهراڙي ۽ شهري جي ووٽرن کي الڳ الڳ ڪرڻو پوندو، جيڪي گهڻي ڀاڱي اڳي ئي الڳ آهن. ٻهراڙي جو ووٽر ووٽ ڏيڻ مهل اهو ئي سوچيندو آهي ته سندس ووٽ جو حقدار ووٽر کيس ڪا نوڪري ڏياريندو سندس ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندو اسپتالون، اسڪول ۽ روڊ ڏيندو سرڪاري ڪمن ۾ سندس مدد ڪندو ۽ جڏهن به هن تي ڪا ڏکي مهل ايندي مطلب ته پوليس وغيره جي چڪر ۾ سندس اميدوار هن سان گڏ هوندو ٻي طرف شهري ووٽرن جون ترجيحون ٿوريون مختلف هونديون آهن پر هو به ڏکي سکي مهل پنهنجي اميدوار کان سهائتا جي اميد ڪندو آهي مطلب ته ٻنهي پاسن کان اميدوار کان ڪجهه اميدون هونديون آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي ذاتي ۽ علائقائي مفادن وٽان هونديون آهن. شهري ووٽر ڀلي ڪيڏو به تعليم يافته هجي پر سندس ترجيح ملڪي مفاد بجاءِ پنهنجي ذات يا برادري تائين محدود هوندو آهي ٻنهي پاسن کان وهم، خوف، آسن ۽ اميدن جي بنياد تي ووٽ ڏنا ويندا آهن ۽ اهڙي سوچ تعليم سان بدلائي نٿي سگهجي تعليم جو اهو مقصد ۽ منشور ناهي نه ئي تعليم سان اها تبديلي آڻي سگهجي ٿي ڇوته اسان وٽ تعليم يافته ۽ غير تعليم يافته ٻنهي قسمن جا ووٽر موجود آهن جن جا فيصلا اسان ڪافي سالن کان ڏسون پيا ۽ انهن جي فيصلن جي روشني ۾ ٿيندڙ تبديلي به اسان سامهون آهي. اصل ۾ تبديلي ايندي آهي انصاف، قانون جي حڪومت، برابري ۽ امن سان، جيڪر ووٽر کي انصاف، نوڪرين، ترقياتي ڪمن، امن ۽ ٻين اهڙا مسئلن جي حل لاءِ چونڊيل نمائندن وٽ نه وڃڻو پوي ۽ رياست پنهنجو فرض پورو ڪندي اهي مسئلا پاڻ مرادو ۽ مونجهارن ۾ پوڻ يا وجهڻ کان سواءِ حل ڪري ته ووٽر پنهنجي چونڊيل نمائندن مان اهڙي اميد رکڻ بجاءِ ووٽ ڏيڻ مهل نظام جي بدلائڻ واري سوچ اختيار ڪن ۽ سڀاڻي ان اميدوار کان اهڙي گهر به ڪري سگهندا. ۽ چونڊيل نمائندا به رياستي ڪمن مان آجا ٿي پنهنجي چونڊ منشور تي هلي سگهندا. سو تعليم جو فروغ ضروري آهي پر انصاف جو فروغ ان کان وڌيڪ اهم آهي جيڪر انصاف جي فراهمي هوندي ته ٻيا مسئلا ازخود حل ٿي ويندا.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: