پنجابي طالبان واري حقيقت کان ڇو پيو لنوايو وڃي! امر سنڌو هو دنيا جي انتهائي جديد هٿيارن سان ليس ان عبادتگاهه جو گهيرو ڪرڻ آيا هئا، جڏهن ان عبادتگاهه ۾ شامل خلق پنهنجي رب آڏو مسجود هئي. هو، جيڪي هٿيارن سان ليس هئا، تن به شايد ڪيئي ڪڙهندڙ ڪاڙها ۽ ڪئي سياري جا برف پارا ان ويڙهاڪ تربيت ۾ گذاريا هوندا، جنهن ۾ گهيراءُ ڪري، جهڙپ ڏيئي باهه ۽ بارود سان زنده انساني جسم ساڙڻ، چيٿڙيون ڪري اڏائڻ ۽ رت جي درياهه ۾ رقص ڪري فتح جو جشن ملهائڻ جي تربيت ڏني ويندي هوندي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”آني مان ڦٽل نون تازن چوزن سان ڀريل ڪمري ۾ ڀاري جوتن سان گهڙي چوزن کي چيڀاٽڻ“ انهن جي تربيت جو پهريون ڏاڪو هوندو آهي، جتان ويڙهاڪ سليڪٽ ڪيا ويندا آهن ته ”ڪنهن انتهائي گهٽ ٽائيم ۾ سڀ چوزا پيرن هيٺ چيڀاٽيا“...اهو رحم ۽ انساني دل جي قتل جو پهريون ڏاڪو آهي، جتان ويڙهاڪ پهرين پنهنجي انساني فطري جذبي جو قتل ڪندو آهي، پهرين پنهنجي اندر جي انساني دل جو قتل ڪندو آهي، پهرين پنهنجو قاتل بڻبو آهي ۽ ائين پوءِ ٻيا قتل هن لاءِ ڪو ڏکيو ٽاسڪ نه بڻبا آهن. انهن ڏينهن جڏهن هو اهڙين ئي تربيتن جي آخري مرحلن مان ٽپي پار ٿي، ان جو عملي مظاهرو ڏيکارڻ لاءِ احمدين جي عبادتگاهن تي ڪاهي آيا هئا، تڏهن کانئن شايد وسري چڪو هو ته ان ڏينهن سندن گولين جو نشانو، سندن ويڙهاڪ تربيت جو آخري تختهءِ عشق، اهي سربسجود نه هئا، جن جو فرقو، عقيدو، طريقهءِ عبادت مختلف هو، پر ان ڏينهن سندن تربيت جي آخري شق ۽ آخري عملي مظاهري جو نشان هن ملڪ جي قائد جي اها تقرير هئي، جنهن ۾ قيامِ پاڪستان بعد هن پاڪستان جي شهرين کي واڌايون ڏيندي چيو هو ته ”هاڻ هر شهري مندر، گرجا ۽ مسجد وڃڻ لاءِ آزاد هوندو“. جناح جي اها تقرير پاڪستان، گڏيل هندستان جي اقليت جي تخليق هئي ۽ اڄ جناح جا حامي بڻيل ان وقت رياست جي مخالف ڪيمپ جا شريڪ هئا. مذهبي اقليتن پاران جوڙيل هن رياست کي پوءِ ٻين مذهبي اقليت لاءِ دوزخ بنايو ويندو، اهو شايد ان قائدِ پاڪستان جي تصور ۾ به ڪٿي موجود نه هجي. هيءَ ڌرتي مذهبي اقيلت لاءِ تپائي ٽانڊو ڪجي ۽ کين گولين جي نشاني تي رکي انتهاپسند هئڻ جي مشق پڪي ڪجي، اهو آئين ۽ قانون ته پري، پر انساني اخلاقيات جي ڪنهن به ڪتاب ۾ جائز نه هو ۽ يقينن هر ڪنهن اهو به چڱي ريت ٿي ڄاتو ته هيءَ مذهب جي عقيدي جي تشريح نه، پر ان جو سياسي استعمال هو. پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته سياسي مقصدن خاطر اقليت جو ڪوس ڪيو ويندو. پتو ناهي ته ان سياسي طريقهءِ استعمال ۾ اهل دل ۽ اهل مذهب جون دليون ڪهڙي نقطي تي پنهنجون سرحدون مٽائين ٿيون. پر اهو جيڪو ان بيهمانه ڪوس تي ۽ گوجره ۾ عيسائين جي گهرن ۽ گرجائن کي هڪ تيلي سان زنده انسانن سميت ساڙي رک ڪرڻ تي جيڪا دل بي اختيار روئي ويهي، ان ۾ ٻيو سڀ ڪجهه ته ٿي سگهي ٿو، پر انسانيت نالي ماتر به نه هوندي. هو جيڪي هٿيارن سان ليس آهن ۽ جن کي گهيراءُ ڪرڻ جي، ساڙي مارڻ جي، بارود سان انساني جسم ۾ باهه لڳائڻ جي تربيت ڏنل آهي، هاڻ ان پروپيگنڊا ۽ لٻاڙ کان باز اچجي ته اهي ڪٿان ٻاهران تربيت وٺي، هن ملڪ کي نقصان ڏيڻ جو سامان تيار ڪري ويٺا آهن ۽ جيڪڏهن اڄ وزيرِ داخلا رحمان ملڪ پاران پنجابي طالبان جو نانءُ کڄي ٿو ته نه وساريو ته پنجاب جو اهلِ دانش، اهلِ دل ۽ حساس دل رکندڙ سياسي دانشور توڙي تجزيه نگار ۽ لبرل ذهنيت رکندڙ ماڻهن پاران ڪي سال اڳ ان تشويش جو اظهار ڪيو ٿي ويو ته ڏکڻ پنجاب ۾ انتهاپسندن جي تربيت گاهن، مدرسن ۽ طالبان جي ڀرتي جي مرڪزن ۾ نه رڳو اضافو ٿي رهيو آهي، پر هڪ ڏينهن اهي پنجاب جي امن کي به ائين نشانو بڻائيندا، جيئن قبائلي علائقن جو طالبان پوري سرحد/خير پختونخوا جي امن کي چٽي نشاني تي رکيو آهي. پشاور جي قصه خواني بازار هجي يا آمريڪي قونصليٽ، ٽريگر تي سندن آڱر ڄميل ۽ ڪلهي تي پيل لانچر تر جيترو به نشاني تان گسڻ جيتري گنجائش نٿا رکن....خيبر پختونخوا وارا چچريل لاشن جا ٽڪر ميڙي ميڙي ٿڪجي پيا آهن ۽ پختون ڀائرن جا ڪلها پنهنجن پيارن جا جنازا کڻي کڻي ساڻا ٿي چڪا آهن، پشاور جي اسپتالن ۾ مائرون ڪهڙي دل سان پنهنجي معذور ٿيل ٽنگون، اکيون، يا ٻانهون وڃائي ويهندڙ ٻارن کي ڪيئن آٿت ڏينديون هونديون، اهو سندن ڳوڙهن ڀريل دلين کان پڇو. ها، پر گذريل سال ٻن کان پنجاب نشاني تي آيو ته انهن شريف برادران کان به دانهن نڪري ويئي ته ”طالبان کين بخش ڪن، ڇو ته پنجاب سندن جنگ ۾ ساڻن شريڪ آهي.“ ۽ اهو غلط به نه هو. شريف برادران جي سياسي مرڪز جا تانا بانا نيٺ ان دهشتگردي جي نرسرين تي دنگ ڪن ٿا، جن کي سندن سياسي پير و مرشد ضياءُ الحق صاحب افغانستان ۾ ويڙهه لاءِ ”جهاد“ جي فرض جي ادائيگي لاءِ تيار ٿي ڪيو. شريف برادران اڄ به اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته پنجاب جي انهن نرسرين مان ڦٽي نڪرندڙ اها پوک هاڻ رياست تي قبضا گيري لاءِ مڪمل تياري ۾ آهي. جي ايڇ ڪيو تي حملي اهو به ثابت ڪيو ته دهشتگردي جي اها نرسري جيڪا ضياءُ الحق جهاد اڪانامي لاءِ لڳائي ويئي هئي، اها ٻيو ته ٺهيو، پر هاڻ ضياءُ الحق جي ان اداري کي به بخشڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جهاد جي حمايت لاءِ جنرل حميد گل جهڙا مردِ مومن تيار ڪري پنهنجي اداري جا در سدائين سندن آجيان لاءِ تيار رکيا. ڪير نٿو ڄاڻي ته معاشري ۾ پاڙ ڪرڻ کان اڳ ”جهاد“ جي ان نقطهءِ نظر کي ان اداري پاران قبوليت جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ به اهو ئي ادارو هو، جنهن جا جوان اڄ سوات ۽ وزيرستان ۾ انهن سان دوبدو آهن. ڪير ڄاڻي ته اڃا به چڱي خاصي اڪثريت ”طالبان“ کي چڱي ۽ بري طالبان جي درجهءِ بندي ۾ پنهنجي لاءِ دفاعي ساز و سامان جيتري اهميت ڏيندي هجي، پر شايد کين اهو سمجهڻ ۾ اڃا وقت لڳي ته هاڻوڪين حالتن ۾ انهن هٿيارن پنهوارن ۽ جنگي ساز و سامان جي استعمال جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. Expiry date گذري وڃڻ کان پوءِ زندگي بچائيندڙ دوائون ڪيئن استعمال ڪرڻ تي جان ليوا ثابت ٿينديون آهن، طالبان جي هاڻوڪي پوسٽ ممبئي ڪاررواين کانپوءِ سمجهڻ گهڻو ڏکيو نه آهي. ائين به ناهي ته ڳجها ادارا ڪو ان صورتحال کان بي خبر آهن ته ڪيئن پنجاب ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي شفٽ ٿي رهي آهي، پر سوال آهي ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ان کي Deal ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب آپريشن جي پلان کي اڳتي وڌائڻ چاهين به ٿيون يا نه؟ ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جي شروعات کان اڳ سيڪيورٽي ايجنسين ۽ پاڪستان رينجرس پاران هڪ رپورٽ مرتب ڪئي ويئي، جيڪا فوج، گهرو کاتي ۽ ٻين ڳجهن ادارن کي پڻ موڪلي ويئي هئي. ستن صفحن جي هن رپورٽ ۾ ٻه نقشا به شامل هئا، جن ۾ پنجاب جي ضلعي ڊيره غازي خان ۽ ضلعي راجن پور جي علائقن جي نشاندهي ڪيل هئي. سنڌ حڪومت سميت سڀني سنڌ واسين کين خبردار رهڻ کپي ته ان علائقي ۾ سنڌ جي ڪشمور ضلعي واري ڪچي جي پوري پٽي ڏيکاريل آهي. رپورٽ ۾ صاف چيل آهي ته وزيرستان جي آپريشن ۾ ڪيئن شدت پسند انهن علائقن ۾ موجود مدرسن ۾ داخل ٿين ٿا. ان رپورٽ ۾ انهن مدرسن جي پڻ نشاندهي ڪيل آهي، جيڪي ان قسم جي عسڪري ڪاررواين ۾ ملوث آهن. نه رڳو ايترو، پر رپورٽ ۾ اتي موجود ٽريننگ ڪيمپن جو ذڪر به ڪيل آهي. پاڪستان رينجرس جي ان رپورٽ ۾ واضع طور تي لال مسجد، وزيرستان ۽ هتان جي Training camps جي ويجهن لاڳاپن واري ٽرائيڪا جي نه فقط نشاندهي ڪئي، پر اهو پڻ چيو ويو ته شدت پسند ويڙهاڪن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته ان ٽرائيڪا جي ڄار کي ٽوڙجي. رپورٽ ۾ پاڪستان رينجرس جي سربراهه واضح طور تي چيو ته ”اسان جو ڪم نشاندهي ڪرڻ آهي، ان جي خلاف ايڪشن کڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي.“ آخر پنجاب حڪومت نيٺ به ڇو بضد آهي ته اها پنجابي طالبان جي وجود کان انڪاري ٿي بيهي ۽ حقيقي طور تي نشاندهي ڪيل شدت پسندن جي ٺڪائڻ جي خاتمي بجاءِ وفاقي حڪومت تي ”صوبائيت“ پرستي وارو الزام هڻي چڙهت ڪري اچي. حقيقت اها آهي ته نواز ليگ بنيادي طور تي ساڄي ڌر سان وابستگي رکندي ان سياسي پير و مرشد هٿان پالي وڏي ڪئي وئي، جيڪو ان سڄي شدت پسندي جو خالق رهيو. ڀٽي خلاف هلايل تحريڪ دراصل ان ئي ساڄي ڌر جي تاجرن جي تحريڪ هئي، جيڪي گهڻو تڻو لاهوري هئا، يا سندن واسطو پنجاب جي واپاري طبقي سان هو. ضياءُ الحق سندن لاءِ مردِ مومن هو ۽ هي اهي ئي واپاري آهن، جن وٽ اڄ به جهاد جي چندي جون پيتيون توهان کي رکيل ملنديون. حقيقت اها آهي ته مرڪز ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ جيڪي به تحريڪون هلن ٿيون، ان ۾ پنجاب جي واپاري ڪميونٽي جي سياست جو وڏو هٿ رهيو آهي. هاڻي به مجاهد حسين جي ڪتاب پنجابي طالبان ۾ انتهائي باخبر ذريعن موجب سڄي پنجاب مان هر مهيني چار کان پنج ارب رپيا مذهبي جماعتن لاءِ چندو ڪٺو ڪيو وڃي ٿو. هاڻي فيس بوڪ تي پنجاب گورنمينٽ جي تعاون سان لڳل انهن اشتهارن جون تصويرون به عام آهن، جن تي ٻين فرقن سان نفرت کي جو درس ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. اهي به خود پنهنجي انٽيلجنس ادارن جون رپورٽون آهن ته ڏکڻ پنجاب جا لڳ ڀڳ نوَ هزار شدت پسند هن وقت به وزيرستان ۽ افغانستان ۾ اتحادين ۽ پاڪستاني فورسز خلاف ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ان ڳالهه جو ذڪر عوامي نيشنل پارٽي جو افراسياب خٽڪ به ڪري چڪو آهي ته سوات آپريشن ۾ پنج هزار پنجابي طالبان لڙائي ۾ شريڪ هئا. دراصل هيءُ وقت سندن پاران اقتدار تي قبضاگيري جو وقت آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پنجاب حڪومت جو سهڪار ماڻڻ شامل آهي. سياسي مفادن جي اثر هيٺ اها مرڪزي حڪومت کي ڊاهڻ/ڪيرائڻ لاءِ اڄ به 77ع جهڙي ڪنهن مذهبي نعري جي ورجاءَ ۾ انهن شدت پسندن کي استعمال ڪري سگهڻ جو آپشن هٿان وڃائڻ نٿي چاهي. اهي پنجاب حڪومت جا پنجابي طالبان سان ڳنڍيل مستقل مفاد آهن، اهو ئي سبب آهي ته پنجاب ۾ اقليتن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. اقليتن لاءِ ۽ ٻين فرقي وارن لاءِ ڌرتي تپائي ٽانڊو ڪرڻ وارن کي يقينن انهن جي پٺڀرائي حاصل رهي هوندي، پر اها باهه هاڻي سندن دامن ساڙڻ لڳي آهي. وقت آهي ته کين خبردار ڪجي، وقت آهي ته کين اقليت جي قتل عام ختم ڪرڻ لاءِ خبردار ڪجي، نه ته باهه دامن کان ٿيندي جڏهن سندن ڳچين تائين پهچندي، تڏهن هو ائين رڙ، دانهن ڪرڻ جهڙا به نه رهندا، جيئن اڄ سول سوسائٽي دانهين رهي آهي. ان سان گڏ هيڏانهن ٿوري نظر سنڌ ڏانهن به...جيڪڏهن هو ڪشمور تائين روڪيا وڃن ٿا ته ٺيڪ، ورنه ياد رکو اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن سنڌي سماج سان گڏ صوفي ازم جو درس ڏيندڙ درسگاهون به سندن نشاني تي هوندا. amarsindhu@yahoo.com روزاني ڪاوش جي ٿورن سان