ايوب کوسو پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    ايوب کوسو

    پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ،
    چُني ڪنهن هوا ۾ اڏاري ڪُٺو آ.

    وري پاڻ اُلجھي ٻڏاسين اکين ۾ ،
    وري عشق ڪنهنجي ڪنواري ڪُٺو آ.

    ڇڻياسين ، ٻرياسين ،اويلا ،اڪيلا،
    سوا تو ستمگر سياري ڪُٺو آ.

    اچي ياد و يئي گلابي چپن جي،
    اُفق رنگ لالاڻ هاري ڪُٺو آ.

    نه ٻيڙي ، نه جوڙا ، نه پاڻيءَ ڦُڙو ڪو،
    اکين کي سنڌوءَ جي ڪيڏاري ڪُٺو آ.

    ٻُڏي ويو مِٺي ننڊ ۾ ڳوٺ سارو،
    اسانکي کِلي تاري تاري ڪُٺو آ . ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو