ايوب کوسو جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    ايوب کوسو
    جڏهن وڳر جون اُڏارون آيون،

    لڳم اوهان جون نِهارون آيون.

    خزان جي رُت ۾ سڙيون هي ڪليون،
    الئجي ڪاٿي بهارون آيون.


    وفا جي موسم غمن ۾ گذري،
    اکين ۾ ڳوڙهن قطارون آيون.


    اوهان لِڪي ويا دردن جي پويان،
    اسان جي آڏو ديوارون آيون.


    پڙهي ڏٺاسين هوا جا هٿڙا،
    اسان لئه اڪثر ميارون آيون.


    لُڏيون به يادون اُڏيون به سوچون،
    نه ڄاڻان ڪنهن جون پُڪارون آيون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو