غزل ايوب کوسو هوش نه ٿو هت ڪير سنڀاليهُن کي چئجو ڇير سنڀالي هُن کي چئجو پن ڇڻ آهيخود کي هيل سوير سنڀالي ڪنهن جي جرئت هُن جي سامهوننيڻ جھلي يا پير سنڀالي هر ڪو ماڻهو زخمي آهيڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي مورک ماڻهو وکري وينديندل ۾ ايڏا وير سنڀالي پاڻ وياسين اجڙي آخردردن جا هي ڍير سنڀالي
سليمان وساڻ 1978 جي لڳ ڀڳ واري عرصي ۾ ڪراچيء ۾ ظفر اڄڻ ۽ فهميده رياض جي آفيس مان نڪري زيب النساء ڳليء ۾ پئي هلياسي ته هڪڙي ڇوڪريء تي ديد کڄي وئي اڻ ارادي کيس پئي ڏٺوسي منٽ ٻن ۾ هوش سنڀاليوسي ڏٺوسي ته هرهڪ ماڻهو جي ديد ان ڇوڪرئ تي هئي۰ شام جو دوست گڏٿياسي ته وقار ناٿن شاهئ سان جو اها ڳالھ ڪئي ته وقار هئ شعر ٻڌايو جيڪو 38 سالن کئون پوء توهان دوستن سان شيئر ٿو ڪيان نهٺن نيڻن منجھ ڪجل نٿ چمي پئي ڳاڙهو ڳل ڪنڌ ڀڄي پيا مڙسي سڪي پيا ٻهڳڻ ٻانهن نه لوڏي هل