شاعر، اديب، محقق ۽ روحاني شخصيت علامه احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻي صاحب جي تازن آيل ٻن ڪتابن ”يادگيريون“ ۽ ”مادو، مذهب ۽ خدا“ جي مهورتي تقريب خدابخش جويو 18 ڊسمبر جمع جي ڏينهن ، اسان جي پياري دوست ملڪاڻي صاحب سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اوهان صحبتي ڪچهريءَ جا سمورا دوست مون وٽ خدا جي بستيءَ اچو ۽ اسان جي غريب خاني تي ٿيندڙ هر جمعي ڏينهن فقيراڻي ڪچهري ۾ شامل ٿيو. مون کيس چيو ته مان سڀني سان رابطو ڪريان ٿو ، جن به اوهان ڏانهن اچڻ جي حامي ڀري تن کي ساڻ کڻي پهچون ٿا. فوري طور مون سڀني سان رابطو ڪيو، جن مان صرف محمد يوسف سان رابطو ٿيو جنهن ان ڪچهري ۾ هلڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو. ۽ چيائين ته مان اوهان وٽ اچان ٿو پوءِ گڏجي هلون ٿا. ڪجهه گهڙين ۾ هو پهچي ويو. اسين ٻئي گڏجي ملڪاڻي صاحب وٽ پهتاسون. جتي اڳئي وڏي ڪچهري متي پئي هئي. ڪچهري ۾ شامل سمورا دوست فقيري طبعيت جا ماڻهو آهن. ڪو ”حضرت انسان“ جي نالي سان ته ڪو ”صوفي“ ته ڪو ”لاهوتي“ ته ڪو ”شاه جو پارکو“ ته ڪو”فقير“ جي نالي سان سڏبو آهي. خاص ڪري مصري جمالي کي لطيف سائين جي بيتن سان وڏو انس آهي، جيڪو وقفي وقفي سان لطيف جا شعر ٻڌائيندو آهي ۽ ٻيا ان بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم تي غور فڪر ڪري پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيندا آهي. هن ڪچهري ۾ ”خدا“ ”انسان“ ، ”وحدانيت“ ”مذهب“ ، ”صوفي ازم“ جهڙن موضوعن تي فڪر انگيز بحث ٿيندو آهي. ان ڏينهن به اهڙي ئي پر سوز ۽ روح کي راحت ڏيندڙ گفتا، ڳالهيون ٻڌڻ وٽان مليون. هونئن به انسان کي روحاني خوراڪ ملڻ اشد ضروري آهي . هن ڪچهري کي ”روح جي غذا“ چئون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اتي اسان کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران سنڌ جي نالي واري شاعر، اديب، محقق ۽ روحاني شخصيت علامه احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻي صاحب جي تازن آيل ٻن ڪتابن ”يادگيريون“ ۽ ”مادو، مذهب ۽ خدا“ جي مهورتي تقريب جي دعوت ڏني وئي. جيڪا 20 ڊسمبر 2015 آچر جي ڏينهن 12 بجي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي ۾ رٿيل هئي. شام جو حسب دستور اسان جي سنگت گڏ ٿي ۽ صحبتي ڪچهريءَ ۾ اها ڳالهه رکيسين ته آچر جي ڏينهن ان تقريب ۾ سڀئي ساٿي گڏجي هلنداسين. ڊاڪٽرسنتوش ڪمار چيو ته ان ڏينهن هڪ ٻيو پروگرام به آهي جتي پاڻ کي هلڻو آهي. سو اهو ته سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز جي ياد ۾ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ قائم خانه بدوش جي انتظاميه طرفان ”اياز ميلو“ ٿي رهيو آهي . من مست چيو ته اتي ئي ڀرسان سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ عالمي شهريت يافته محب وطن تاريخدان ۽ ممتاز سنڌ‑ سينگار دانشور محترم ايم ايڇ پنهور (ستارِ امتياز) جي ياد ۾ سندس ”جنم ڏينهن “ جي مناسبت سان سالانه علمي سيمينار منعقد ٿيندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ نفيس ناشاد صاحب دعوت عنايت ڪئي آهي. ان ۾ به هلبو. سڀئي ان ڳالهه تي متفق ٿياسين ته آچر جو سڄو ڏينهن انهن ٽنهي تقريبن ڪوٽڙي ۾”هڪ علامه جي ڪتابن جي مهورتي تقريب ٻي ”سنڌ جي مهان ڪوي جي ياد ۾ ميلو“ ۽ ٽين سنڌ جي تاريخدان جي سالانه سيمينار ۾ شرڪت ڪبي. آچر جي ڏينهن اڃا صبح جا 12 مس ٿيا هئا ته محمد يوسف اچي مون وٽ پهتو. مان به تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي ساڻس گڏجي ڊاڪٽر سنتوش ڏانهن وياسين. رستي ۾ ويندي ڪليم ۽ ڄام ڏيپر سان به رابطو ڪيو سين سي به ڊاڪٽر صاحب وٽ پهچي ويا. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪار ڪڍي ، جنهن ۾ سوار ٿي ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ مهـورتي تقريب ۾ پهتاسين . جتي دادو کان آيل غلام مصطـفيٰ مـڱڻيجو ، روحاني شخصيت احمد مجتبيٰ ” غالب“ ملڪاڻي صاحب جي ڪتاب ”مادو مذهب ۽ خدا “ تي روشني وجهندي بيان ڪيو ته: قديم زماني ۾ افلاطون، ارسطو، ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا جيڪي شامي زبان ۾ ترجمو ڪرايا ويا. ايران تائين، خراسان ۾ پڙهايا ويندا هئا. 813ع کان 833ع تائين خليفي مامون رشيد اهي ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪرايا. جنهن جي ڪري مسلمانن جي مذهبي عقيدن ۾ هڪڙي قسم جي هلچل مچي وئي. اهڙيءَ طرح مذهب ۽ خدا تي تحقيق جاري رهي. انهيءَ تسلسل ۾ ڪتاب ” مادو مذهب ۽ خدا “ جو لکندڙ احمد مجتبيٰ ” غالب“ ملڪاڻي جيڪو دادو ڀرسان درگاه ملڪاڻي شريف جو گادي نشين ٿي گذريو آهي. پاڻ عالم، فقير، شاعر، مفڪر هئا. سندس سايه شفقت ۾ رهڻ بعد مون ان ڪتاب تي لکڻ جي جسارت ڪئي آهي. سائينءَ مذهب جي مفڪرن توڙي يورپي فلاسافرن جي خيالن ۽ سائنسدانن جي سائنسي دليلن سان حق کي ثابت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب ”مادو ۽ خدا“ ۽ ٻيو باب ”مذهب ۽ خدا“ ٽيون باب ”انبياءِ اڪرام، ملائڪ ، جن ۽ شياطين“ چوٿون باب ”تخليقي ڪائنات تي آخري نظر ، مختلف مذهبن جا نظريا“ ۽ پنجو ن دنيا جي عظيم سلسلن جا خيال ۽ نظريا“ غلام مصطـفيٰ مـڱڻيجي ڪتاب جي مصنف علامه احمد مجتبيٰ ” غالب“ ملڪاڻي کي خراج تحسين پيش ڪندي ”سمنڊ کي ڪوذي ۾ بند ڪرڻ ، قرار ڏيندي سندس ڪتاب ۾ ڏنل سمورن موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي، جيڪي تمام فڪر انگيز هنيون . هتي طوالت سبب اسين بيان ڪرڻ کان قاصر آهيون . پر ايترو ضرور چئبو ته جن دوستن کي اهي ڳالهيون سمجهڻيون آهن سي ڪتاب ”مادو مذهب ۽ خدا “ پڙهن. جنهن جي موجوده دور ۾ وڏي اهميت بنجي ٿي. محمد يوسف جوئي جو چوڻ هو ته : علامه احمد مجتبيٰ ” غالب“ ملڪاڻي سميت جيڪي به سنڌ ۾ صوفي رهيا آهن، انهن ٽن طرحن جي پرچار ڪئي آهي، هڪ وحدانيت، ٻيو بني نوع انسانن جي خدمت، انهن سان محبت ۽ پاڻ سڃاڻن. ٽيون عمل، يعني قول ۽ عمل ۾ فرق رکڻ. صوفي شاه عنايت کان مخدوم بلاول تائين، شاه صدر کان پير پاڳاري تائين، شاه حيدر سنائي، شاه عبدالڪريم بلڙي واري کان شاه عبداللطيف ۽ سائين جي ايم سيد تائين. انهن سڀني انسانيت جا درس ڏنا، خدا جي وحدانيت جي پرچار ڪئي، پر عملي طور ثابت ڪري به ڏيکاريو. علامه احمد مجتبيٰ جو ڪتاب ”يادگيريون“ پڙهيو اٿم اها سندس ڄڻڪ هڪ قسم جي ڊائري لکيل آهي. جنهن ۾ هن پنهنجا تلخ تجربا به لکيا آهن ته پنهنجون سٺيون يادون به لکيون آهن ۽ سندس پيءُ سان جيڪو وقت گذريو، اهي به يادگيريون لکيون آهن. ذڪر فڪر جي ڳالهه به ڪئي اٿن. گڏو گڏ ڪن شين تي راءِ به ڏني اٿن. مثال طور هو لکن ٿا ته اسان جو ڳوٺ ورهاڱي کان اڳ ۾ هڪ شهر جو ڏيک ڏيندو هو، هندو واپاري هوندا هئا. مسلمانن توڙي هندن جا جڏهن ڏڻ ٿيندا هئا، ان ۾ ڪو فرق نه هوندو هو، ڪا نفرت نه هوندي هئي. محبت رواداري قائم هئي . جيئن ورهاڱو ٿيو ته اسان جو ملڪ ڄڻ ويران ٿي ويو! هن تقريب ۾جن شاعرن ۽ محققن خطاب ڪيو ،انهن ۾ عاشق دادوي،يوسف جويو،سليم چنا، محمود قاضي،بهزاد سنڌي،صائب ميمڻ،غلام رسول غرق،دانش ملاح،بخت عابد،اصغر سيتائي،سوجهرو سنڌي، محمد ساهڙ، مولابخش محبتي ملاح، طالب ڀنڀرو، غلام مصطفيٰ سولنگي، فتاح چارڻ،عباس لاشاري، ديدار شام، لطيف شورو، الطاف ملڪاڻي، آغا ظفر ۽ ٻيا شامل هئا.هن تقريب ۾ جتي مقرن کان نهايت مانائتيون ۽ شانائتيون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان مليون اتي صداررتي خطاب ۾ سيد قلندر شاه جو روح پرور ڳالهيون ٻڌي ذهن ۽ دل جا غبار لهي ويا. هن چيو ته آتم ڪٿا لکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي جنهن ۾ لکندڙ پنهنجي متعلق لکندو آهي. ڇاڪاڻ ته هر انسان ۾ سٺايون به هجن ٿيون ته ڪوتاهيون به سرزرد ٿين ٿيون ان ڪري لکڻ ۾ انصاف ڪرڻ نهايت ڏکيو عمل آهي. علامه احمد مجتبيٰ جو ڪتاب ” مادو مذهب ۽ خدا “ کي پڙهي سمجهڻو پوندو. مادو فزڪس آهي جنهن ۾ چيل آهي ته دنيا هڪ ڌماڪي سان وجود ۾ آئي. پوءِ ميهن وسيا ۽ پاڻي مان اميبا ٿيو وغيره پر مان سوال ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ هن وقت ڪيڙي ماڪوڙي مان ٻيو ڪو جيو ڇو نٿو پيدا ٿئي؟ ايئن ڪونهي ڪو حقيقت ۾ روحانيت جي پنهنجي هڪ اهميت آهي. علامه احمد مجتبيٰ ملڪاڻي خود هڪ علامه هو ٻيو ته هو پاڻ شاعر به هو ٽيون ته هو درگاه ملڪاڻي شريف جو گادي نشين هو. ان حساب سان کيس پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو