نَظَرُ نَزِدِڪونِ، سَهِي نہ سَگهان ساعَتَ سِين پَسَڻُ پَرَي سَندونِ، آئون نالَي ڳِيَڙي نِجُهران سُرُ آسا نَظَرُ = ديد، ديدار، نگاھ نَزِدِيڪونِ = ڀرسان، ويجهڙائيءَ کان ساعَتَ = گهڙي، پلڪ، پل سِين = لاءِ، تائين پَسَڻُ = ڏسڻ سَندونِ = سندن کي ( محبوبن کي ) ڳِيَڙي = ڳنهندي، وٺندي، کڻندي نِجُهران = جهڄان، جُهران، ڳران بيت جو پس منظر ~ محبوب جِي ويجهو کان ديد هڪ پل لاءِ بہ سهي نٿو سگهان. ~ سندن ديدار تہ پري جي ڳالهه، نالي وٺندي بہ جهڄان ۽ جُهران ٿو. سمجهاڻي الائي ڪهڙو سبب آهي جو عاشق محبوب سان ملڻ لاءِ آتو، بيچين ۽ بيقرار هوندو آهي. وڏي لُڇَ پُڇَ ۽ آنڌ مانڌ هوندي آهي ساڻس گڏ گهارڻ لاءِ. پر محبوب جڏهن سامهون ايندو آهي ڏسڻ تہ پري جي ڳالھ، ڳالهائڻ لاءِ بہ زبان اٽڪي پوندي آهي. ڀٽائي ان پيار جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل احساسن ۽ لمحن جي بيحد دلڪش عڪاسي ڪئي آهي. محبوب پري هوندو آهي تہ سندس ڏاڍي سڪ لڳندي اٿم. سندس سڪ ۽ اڪير سمهڻ ناهي ڏيندي. پر محبوب جڏهن ويجهو ايندو آهي تہ هڪ پل بہ کيس ڏسي ناهيان سگهندو. محبوب کي ڏسڻ، ديدار ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ پر زبان تي نالو ايندي ئي جهڄي جُهري پوندو آهيان. چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل _____