سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت ، ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏23 ڊسمبر 2015۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت


    ڊاڪٽر فهميده حسين

    اڄ اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي گرامر يا ويا ڪرڻ جي باري ۾ ڳالهايون. گرامر ڪنهن به ٻوليءَ جي بنيادي ساخت، سٽاءَ، جوڙجڪ ۽ بناوٽ کي چئبو آهي جنهن جي حيثيت ايئن آهي جيئن انساني يا حيواني بدن ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي هوندي آهي. ٻوليون ٻين ٻولين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کانپوءِ گهڻائي اثر قبول ڪنديون آهن، ڪيترائي لفظ، لفظي گهاڙيٽا ۽ اصطلاح قبول ۽ ترڪ ڪنديون آهن پر سندن بنيادي سٽاءُ تبديل ڪونه ٿيندو آهي. پر جي ڪنهن سبب ان ۾ تبديلي اچي ته پوءِ اها ٻولي پنهنجي سڃاڻپ جو حوالو وڃائي ويهندي آهي. اهو سٽاءُ فطري طور حاصل ڪيل هوندو آهي، ان ۾ ڪا شعوري تبديليءَ جي ڪوشش اڪثر ناڪام ٿيندي آهي پر جي زوريءَ عمل ۾ آندي وڃي ته اها خود ٻوليءَ جي صحت لاءِ نقصانڪار هوندي آهي. انهيءَ فطري بنيادي سٽاءَ ۽ جوڙجڪ ۾ جيڪي قاعدا ۽ قانون ڪار فرما آهن، اهي به فطري طور اختيار ڪيل هوندا آهن جن جي مطالعي ۽ ترتيبوار اڀياس کي گرامر يا ويا ڪرڻ چئجي ٿو. انهيءَ ۾ آوازي اکرن مان لفظ، لفظن مان جملا ۽ جملن مان گفتگوءَ جڙڻ جو سمورو عمل ۽ انهن جون معنائون وغيره انهيءَ علم جي دائري ۾ شامل آهن، ان کي ٿلهي ليکي صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ معنويات جي حوالي سان ورهائبو آهي. هن ڪالم ۾ آءٌ ڪوشش ڪري عام پڙهندڙن جي لاءِ سَولي انداز ۾ ڳالهه ڪندس ته جيئن هر ڪو سمجهي سگهي. لسانيات جا شاگرد ته هونءَ به اهي اصطلاح سمجهن ٿا.

    سنڌي ٻوليءَ جو گرامر پنهنجي مخصوص نوعيت جو آهي ان کي لکندڙن يا سمجهائيندڙن ٽن معيارن تي رکي سمجهيو ۽ سمجهايو آهي، ان ڪري ڪن کي ان ۾ کوٽ ٿي محسوس ٿئي ته ڪن کي اضافي شيون ٿيون نظر اچن ته ڪي وري ان جي بڻ بڻياد ۾ ئي ملاوٽ ڪريو ڇڏين. اهي ٽي معيار آهن: انگريزي گرامر، سنسڪرت ويا ڪرڻ ۽ عربي صرف ونحو: ۽ هاڻي چوٿون معيار وري اردو قواعد جو اثر انداز ٿيڻ لڳو آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي سٽاءَ جون انفرادي خصوصيتون نظرانداز ٿي ويون آهن جيڪي هن جي سونهن آهن.

    سنڌي ٻوليءَ جا اهي ماهر جن انگريزي گرامر جي معيار تي سنڌي گرامر جي مختلف پهلوئن کي پرکيو، اهي دراصل ٻن بنيادي ڪتابن کان متاثر هئا جيڪي هئا ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جو ”اي گرامر آف سنڌي لئنگئيج“ ۽ ٻيو ساڳئي نالي وارو گرامر جو ڪتاب ڊاڪٽر ٽرمپ جو لکيل. ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جو گرامر انگريزيءَ ۾ هو پر ان ۾ سنڌيءَ جا مثال ديوناگري لپيءَ ۾ هئا، ان ڪري گهڻا مسلمان عالم ان مان استفادو نه ڪري سگهيا (انهيءَ گرامر کي سنڌيءَ ۾ پڙهڻ لائق بڻائڻ لاءِ محترم قلندر شاهه لڪياريءَ کان ديوناگريءَ کي موجوده صورتخطيءَ ۾ اٿلارائڻ کانپوءِ اٿارٽيءَ طرفان ڇپرايو هئم، ڊاڪٽر ٽرمپ جو گرامر اهو مکيه ڪتاب آهي جنهن پوءِ لکيل تقريباً سڀني ڪتابن جي ليکڪن کي متاثر ڪيو ۽ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ قليچ بيگ کان ويندي اڄ تائين لکيل سمورن گرامر جي ڪتابن تي ان جو اثر ڏسي سگهجي ٿو. (اهو ڪتاب پڻ مون ڊاڪٽر امجد سراج کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو هو) ٽيون اهم ڪتاب جنهن سنڌي گرامر نويسن کي متاثر ڪيو سو هو سر جارج گريئرسن جو لکيل ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جلد اٺون ڀاڱو پهريون. (اهو ڪتاب مون پاڻ ئي ترجمو ڪيو هو جيڪو پڻ اٿارٽيءَ ڇپايو). انهيءَ ڪتاب تي به ٽرمپ جي گرامر جو اثر موجود آهي، پر ان کانپوءِ لکيل سمورا گرامر جا ڪتاب ياد رکو ”سمورا ڪتاب“، انهن جي پوئواريءَ ۾ لکيل آهن، پوءِ ڪن هندي آميز لفطن کي عربي اصطلاحن سان بدلايو ته ڪن وري ڪي عربي خصوصيتون سنڌيءَ سان لاڳو ڪري انهن کي مسلمان ڪيو، يا ٿوريون گهڻيون سنڌي انفرادي خصوصيتون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهن عالمن ۾ ڀيرو مل ۽ مرزا قليچ بيگ سڀ کان اڳڀرا هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين سندن ڪتاب سَندَ جي حيثِت رکن ٿا. باقي گهڻو ڪري اسڪولن ۾ پاڙهڻ لاءِ درسي ڪتابن جي حيثيت ۾ آندل آهن، جن مان ڪي بنهه ويجهي ماضيءَ ۾ ڇپيل آهن پر انهن جي ڪنهن به تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪانه ڪئي آهي ڇوته بزرگ ناراض ٿي پوندا، ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ ڊاڪٽر الطاف جوکيو اهڙي کؤنس ڪندا آهن پر پوءِ مون جهڙا ماستر کين ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهڻ جي تاڪيد ڪندا آهن يا انهن جي بچاءَ ۾ جواز ڏيندا آهن.

    ٿيڻ به ايئن گهرجي ته ذاتيات کي ڇڏي اهي تمام غير جانبدار ٿي انهن سمورن گرامر جي ڪتابن جو تقابلي ۽ تنقيدي مطالعو ڪري پنهنجي طرفان تجويزون ڏين يا نئين انداز ۾ ڪو گرامر جو ڪتاب لکن. اهڙي هڪ ڪوشش سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوان استاد ڊاڪٽر شازيه پتافيءَ سندس ايم اي لاءِ لکيل مونوگراف ۾ ڪئي هئي (ان کي پڻ اٿارٽيءَ طرفان ڇپايو ويو هو) پر اها هڪ شاگرد جي طرفان ڪيل ابتدائي ڪوشش هئي، هوءَ چاهي ته ان ڪم کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي. منهنجو بنيادي مقصد اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي فطري ۽ پنهنجي اصلوڪي سٽاءَ جون خصوصيتون نمايان ڪجن جن کي هن کان اڳ نظرانداز ڪيو ويو آهي.

    هاڻي اچو ته ڏسون ته انگريزيءَ جي گرامر جي قاعدن واري معيار تي سنڌيءَ کي ڪيئن پرکيو ويو آهي ۽ ان سان ڀيٽ ڪندي ڪهڙا نتيجا ڪڍيا ويا آهن. هتي آءٌ صرف چند مثال ڏيندس:

    ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ هو سڀ کان پهرين انگريزي ٻوليءَ جا آرٽيڪل ٿو ڳولي جنهن مان a-an جي لاءِ ته کيس ”هڪ“ ۽ ”هڪڙو“ سمجهه ۾ اچن ٿا پر ٽئين Indefinite article يعني معروف جزي ‘the’ ڪٿي به نظر نٿو اچي تڏهن لکي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾ اهڙي آرٽيڪل جي کوٽ آهي“. هاڻي اها سنڌيءَ ۾ کوٽ آهي يا ان جي ڪا خصوصيت يا اڃا به ڪا ٻي ڳالهه؟

    وري هڪ ٻيو نقطو کڻي ٿو سنڌيءَ ۾ شخصي ضمير غائب (Third person pronoun) جي لاءِ ڪنهن به لفظ نه هئڻ بابت سندس خيال ۾ ”هي-هو“ وغيره شخصي ضمير نه پر ضمير اشاري. (Demonstrative) جا مثال آهن. ان ڪري لکي ٿو ته سنڌيءَ ۾ شخصي ضمير غائب ٿئي ئي ڪونه! انگريزيءَ ۾ ضمير اشاري جا مثال “this” ۽ that آهن، جنهن جو ترجمو ”هي ۽ هو“، اِهو-اُهو وغيره سمجهه ۾ اچن ٿا. هاڻي جڏهن ٽرمپ کي انگريزيءَ جي غائب شخصي ضميرن لاءِ استعمال ٿيندڙ “he-she” (حالت مفعولي ۽ جريءَ ۾ him-her) لاءِ هن ۾ متبادل نظر نه آيا ته ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ کوٽ جو نالو ڏنو.

    انگريزيءَ سان سنڌيءَ کي ڀيٽڻ ۽ ان معيار تي پرکڻ ئي غلط هو ۽ آهي. سنڌيءَ ۾ هي-هو، هيءَ-هوءَ جهڙا ضمير مڪمل ڦيرو رکندڙ شخصي ضمير آهن جيڪي نه صرف مذڪر مونث ۽ واحد جمع ۾ ڦرن ٿا بلڪ حالت فاعليءَ مان ڦري مفعوليءَ ۽ جريءَ ۾ ”هِن-هُن“ وغيره صورتون وٺن ٿا، ساڳي تبديلي فعل لازمي مان فعل متعديءَ جي ماضيءَ ۾ خود حالت فاعليءَ ۾ به عمل ۾ اچي ٿي. (هُن صوف کاڌو يا هِن پاڻي پيتو-وغيره) جون جمع صورتون موجود آهن. ان کانسواءِ ضمير غائب هجي يا ضمير اشارو (ويجهو ۽ ڏور) سنڌيءَ ۾ انهن جون ٻيون به گهڻئي صورتون ملن ٿيون مثلاً اِهو-اُهو، اِها-اُها، اِجهو-اِجها ۽ انهن جون جمع صورتون وغيره انهن صورتن جا متبادل منفرد لفظ ته اردوءَ ۾ به ڪونه آهن ۽ نه ئي انهن ۾ مذڪر مونث يا جمع واحد ۾ ڪو فرق اچي ٿو، پر اها خوبي صرف سنڌيءَ جي پنهنجي آهي، ان ڪري ايئن ڪونه چئبو ته هنديءَ يا اردوءَ ۾ ان جي کوٽ آهي، بلڪ اها هڪ جدا ٻولي آهي جنهن جون پنهنجيون خصوصيتون آهن. نه سنڌيءَ جي پرک ان جي قاعدن موجب ڪبي ۽ نه اردوءَ جي پرک سنڌيءَ جي قاعدن تي ڪبي.

    سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي پرک جي معيارن ۽ سندس انفرادي خوبين بابت پڙهندڙن کي واقف ڪرڻ لاءِ هن سلسلي کي ايندڙ ڪجهه هفتن تائين جاري رکندس، ان وچ ۾ سندن قيمتي راين جو انتظار رهندو.

    روزانو عوامي آواز ۾ 23 ڊسمبر 2015 تي ڇپيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو