اياز ميلو ۽ غير روايتي ماڻهو خدابخش جويو 20 ڊسمبر 2015 آچر جي ڏينهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي پاران سنڌ جي نالي واري شاعر، اديب، محقق ۽ روحاني شخصيت احمد مجتبيٰ ”غالب“ ملڪاڻي صاحب جي تازن آيل ٻن ڪتابن ”يادگيريون“ (آتم ڪٿا) ۽ ”مادو، مذهب ۽ خدا“ جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد اسان صحبتي ڪچهري جا سمورا ساٿي حيدرآباد سنڌ ميوزم ۾ قائم خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران ڪرايل اياز ميلي ۾ آياسين اهو ان سلسلي جو ٽيون ڏينهن هو. جتي شيخ اياز جي خاندان ۽ سندس دوستن لاءِ هڪ نشست رکيل هئي، اتي سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل نامور اديبن ،شاعرن ۽ دوست سان پرمسرت گهڙين گذارڻ جو موقعو مليو. پهريون دفعو سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر سليمان وساڻ سان به روبرو ملڻ ٿيو. شيخ اياز جي پٽ مونس اياز، شيخ اياز جي ٻن نياڻين ڊاڪٽر روحي ۽ ياسمين، دوستن ۾ ادل سومرو، دستگير ڀٽي ۽ نصير مرزا اياز جي زندگي ۽ ان سان گڏ گذاريل وقت تي روشني وڌي، انهي نشست ۾ قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو، امر سنڌو، پنهل ساريو ۽ ٻيا اديب، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ اياز جي چاهيندڙ به موجود هئا.عرفانه ملاح ۽ اظهار سومري پروگرام جي ڪارروائي پئي هلائي ۽ سوال پئي پڇيا. نامياري شاعر ادل سومري چيو ته شيخ اياز پنهنجي شاعري ڊائرين ۾ لکندو هو، اُهي ڊائريون مون کي پڻ ڏيکاريندو هو، پر ڊائريون گم ٿيڻ جي ڊپ کان هو ڪنهن کي فوٽو ڪاپي ڪرائڻ لاءِ به نه ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪو مواد گهرجيوَ اهو ڊائري تان اتاري وٺو، دوستن جي ڪچهريءَ ۾شيخ اياز رومانس جو ذڪر به ڪندو هو. مون کي پنهنجو دوست چوندو هو، پر آئون عمر ۾ ان کان ننڍو هوندو هئس. شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيڻ وقت اِهو خواب ڏٺو هو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ شانتي نڪيتن جهڙو شاندار ادارو ٺاهيندو. شيخ اياز کي سکر تمام گهڻو پسند هو، هن وڏو عرصو اتي گذاريو، پر ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته سندس سکر وارو گهر وڪرو ٿي چڪو آهي، ان گهر کي اثاثو ڪري رکجي ها. نامياري شاعر ۽ اديب نصير مرزا پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته: شيخ اياز مون کي چار ڀيرا مختلف هنڌن تي پنهنجو دوست ڪري لکيو آهي. هن تمام گهڻي رومانوي شاعري به ڪئي، ان جا به ڪيترائي سبب هئا، ڪجهه شيون ته مون شيخ اياز سان گڏ هوندي به ڏٺيون.آئون ڀاڳن وارو آهيان جو مون شيخ اياز سان ڪجهه وقت گڏ گذرايو.آئون شيخ اياز جو محبوب ۽ هو منهنجو محبوب هو.منهنجي اها خوشنصيبي هئي جو مون شيخ صاحب جي وارن ۾ ڦڻي به ڏني، اهڙو شرف سندس نياڻي نگهت کي به حاصل ٿيوهو. شيخ اياز جي نالي ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته شيخ اياز ڪمزور ٿي ويو هو، پر اها ڳالهه غلط آهي، شيخ اياز تمام وڏو بهادر شخص هو، هن تمام گهڻن خطرن باوجود پنهنجي ڪم کي جاري رکيو، پنهنجي فن جي هٿيار سان وڙهندو رهيو ۽ آخري دم تائين پنهنجي فڪر ۽ نظريي تي قائم رهيو. هن ايوب جي مارشلا جي دور ۾ جيڪي گيت چيا، ڪو ماءِ جو لال هجي جنهن لکيو هجي. هو انتهائي شفيق انسان هو نامياري صحافي ۽ ليکڪ دستگير ڀٽي چيو ته جڏهن بينظير جي حڪومت ۾ سائين جي ايم سيد کي سکر ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري جناح اسپتال آندو ويو هو، تڏهن يوسف شاهين مون کي چيو هو ته پاڻ هلي سائين جي ايم سيد سان اسپتال ۾ ملاقات ڪريون ۽ انٽرويو به ڪري اچون، تڏهن يوسف شاهين کي سائين جي ايم سيد چيو هو ته 16 سال ٿيا آهن، شيخ اياز مون سان نه مليو آهي، جنهن تي يوسف شاهين سائين جي ايم سيد کي چيو ته اياز سڀاڻ توهان سان ملڻ ايندو. جڏهن ٻئي ڏينهن شيخ اياز سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪرڻ ويو ته سائين جي ايم سيد بستري تي هو ۽ شيخ اياز سائين جي ايم سيد سان پيرن تي هٿ رکي مليو ۽ سائين به اٿي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو، جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد يوسف شاهين کي چيو ته 16 سالن کان وچڙيل دوست مون سان ملايو اٿئي.! شيخ اياز جي پٽ مونس پنهنجي يادن کي بيان ڪندي چيو ته مون کي فخر آهي ته اسان کي شيخ اياز جهڙو پيءُ مليو. بابا هڪ کرو شخص هو، بابا کي جڏهن غداريءَ جا لقب ڏنا پئي ويا، تڏهن اسان سکر ۾ رهندا هئاسين،اُتي ڪجهه اهڙا ماڻهو رهندا هئا، جيڪي اسان جي رستي تان گذرڻ مهل چوندا هئا ته اوهان جو پيءُ ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي، پر بابا اسان کي چوندو هو ته اهڙن ماڻهن کي اوهان ڪو به جواب نه ڏيو. شيخ اياز جي نياڻي ڊاڪٽر روحي چيو ته بابا تمام گهڻو لکندو هو، هو ايترو ته گهڻو لکڻ ۾ رُڌل هوندو هو جو اسان کي ٽائيم نه ڏئي سگهندو هو، اسان ننڍا هئاسين ته ان دور ۾ بابا جي لکڻ جي اسان کي ايتري ڄاڻ نه هوندي هئي، پر جڏهن اسان وڏا ٿياسين ته اسان کي اِهو احساس ٿيو ته بابا ڇا آهي.جڏهن بابا کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ته آئون تمام گهڻي بيمار ٿي پئي هئس. شيخ اياز جي نياڻي ياسمين چيو ته بابا هڪ وڏي ذهن جو مالڪ هو، بابا اِهو چاهيندو هو ته سندس ڌيئرون دنيا سان گڏجي هلن، بابا پنهنجن ٻارن جا نالا پاڻ رکيا هئا، هو پنهنجن ٻارن جي لاءِ تمام گهڻو فڪرمند هوندو هو، ڇو ته وڪيل هئڻ جي ڪري سندس سامهون سماج جا گهڻا پهلو گذرندا هئا. بابا کي سکر شهر تمام گهڻو وڻندو هو ۽ هن وڏو عرصو سکر ۾ گذاريو. هن تقريب ۾ محفل اياز جو به اهتمام ٿيل هو پر اسان کي ايم، ايڇ پنهور سيمينار ۾ وڃڻو هو تنهن ڪري محفل اياز نه ٻڌي سگهياسين. v اسان جڏهن سنڌي ليگئيج اٿارٽي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ اندر داخل ٿياسين ته پروگرام شروع هو ۽ اسٽيج تان نورمحمد جهنجهي ايم ايڇ پنهور جي باري ۾ ڳالهائي رهيو هو.هن چيو پئي ته ايم ايڇ پنهور سان منهنجي هڪ يادگار ملاقات ٿي. هو سنڌ يونيورسٽي ۾ سينيٽ هال ۾ ”کير ٿر ۾ پاڻي جي چشما“تي هڪ بريفنگ ڌئي رهيو هو. جنهن ۾ هن 108 ڄشمن جو ذڪر ڪيو هو. جنهن مان 84 ڄشمن جو ان وقت جي آءِ ايس پاڻ مشاهدو ڪيو. پوءِ مون ڪوشش ڪري انهن 84 ڄشمن مان اڌ چشما وڃي ڏٺا. هن جيڪو ڪم ڪيو اهو معمولي قسم جو ناهي. جيڪڏهن سندس ڪتابن جا نالا کڻجن ته اهي گهڻا آهن.پر سندس ٽي ڪتاب ”ڪرونالاجيڪل هسٽري آف سنڌ“، ”سورس مٽيريل“ ۽ ”ايريگيشن جي تاريخ“ ان قسم جي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ وڏو ذخيرو آهن. جيڪي اڃا تائين کين ڪم اچن ٿا.هو بنيادي طور پاڻي جي سلسلي سان تعق رکندڙ انجينيئر هو. اڳتي هلي پنهور صاحب پنهنجي ڪم، تاريخي علم، معلومات ۽ تحقيق کي تمام وڌيڪ وسيع ڪيو. هن آرڪيالاجي هسٽوگرافي جو علم ڏنو. جيڪو اسان وٽ ناهي. اسان وٽ تاريخون لکيون وينديون آهن. جن ۾ رپورٽو ۽ واقعا بيان ڪيا ويندا آهن. پر پنهور صاحب اسان سڀني لاءِ اهڙي رهنمائي ڇڏي ۽ ڏس ڏنو ته تاريخ ڪيئن لکبي آهي. ۽ تاريخ جو فن ڇا آهي. ”ڪرونالاجيڪل هسٽري آف سنڌ“ کي جڏهن ڏسون ٿا ته پنهور صاحب واضح نموني سائنٽيفڪ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي ان کان اڳ ۾ اسان کي نظر نه آيون. ها انگريز عالمن جي لکت ۾ اهڙي ڳالهه آهي پر ڏيهي عالمن ۾ ان ليول جو هي پهريون عالم آهي. مون جڏهن ڪارونجهر تي ڪم ڪرڻ پئي چاهيو ته ان ۾ به پنهور صاحب جي لکت مان رهنمائي ملي جنهن ڪارونجهر جي ايرريا ساڍا ٽي ارب سال ڄاڻائي آهي. هن ڪتاب لکي اسان لاءِ وڏي راهه ڇڏي آهي. اسان وٽ هسٽو گرافي جو فن بيهي ويو آهي ان کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. انعام شيخ : سنڌ جي 20 صدي جي تاريخ دلچسپ رهي آهي. مختلف ڪرنٽس آهن، ان جي بيڪ گرائونڊ ۾ شاه شجاع ويٺو آهي ٻئي پاسي ٽالپرن جو ڊائون فال پيو ٿي، ٽئين پاسي کان انگريز اچن پيا. ۽ سنڌ صدين کان پوءِ هڪ اهڙي انتظامي مرحلي ۾ داخل ٿي ٿئي ۽ هڪ اهڙي ڊائريڪشن ۾ وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ هڪ فڪري، علمي، انتظامي ساڃاه شروع ٿئي ٿي ۽ سنڌکي هڪ صدي جو بهترين عرصو ميسر ٿئي ٿو. سر بارٽل فيئر، سر بيرو ايلس، ڪيپٽن اسٽوڪ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ماڻهو آيا، جن کي انگريزي ڳالهائيندڙ سنڌي چيو ويندو هو. جن سنڌ جي انتظام کي ٺيڪ ڪيو، روينيو، ڍل، انفراسٽيڪچر مطلب ته هر شيءِ کي تيار ڪيو ۽ هتي هڪ اهڙو نسل به تيار ڪيو، جن اڳتي هلي سنڌي ماڻهن کي احساس ڏياريو ته سنڌي هجڻ به ڪا قابل فخر ڳالهه آهي. ميرن جي بادشاهي کان اڳ ايسٽ پنجاب ۽ ويسٽ پنجاب جي ڪلٽيويٽيڊ زمين به ايتري هئي جيتري ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي دور ۾ هئي. پوءِ ميرن ان کي اڌ شڪارگاه ڪيو. ( ان وقت ستلج جي هڪ پاسي رنجيت سنگهه ۽ پاسي انگريز.) انگريزن جيڪو اسان کي سسٽم ڏنو،ان ۾ جيڪي پٽينشل ماڻهو هئا، ابراهيم ڪڇي،( پنهورن جو ڳوٺ) مان هڪ غريب، يتيم ٻارڙو جنهن جو سهارو صرف پنهنجو هڪ مامو هو. اهي ان سسٽم جون برڪتون هنيون جو هو سڀ منزلون طئه ڪندو وڃي وڪٽامسن مان تعليم حاصل ڪري.آيو. ايم ايڇ پنهور ۽ ٻين عالمن ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ هن ۾ هڪ ٻار جي معصوميت کان وٺي هڪ عالمانه وقار تائين هر ڪا شيءِ موجود هئي. علمي وقار ڇا ٿيندو آهي؟ دليل سان ڳالهه ڪيئن ڪبي آهي؟ ثابتي ڪيئن ڏبي آهي؟ ۽ پنهنجي ڪيس کي ڪيئن ثابت ڪري ٻين کان مڃرائبو آهي؟ اهو آرٽ ايم ايڇ پنهور وٽ هو. هسٽري تي جيترو تصديق شده ڪم ڪيائين ايترو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو آهي. سنڌو درياءِ جي رخن مٽائڻ سان سنڌ جي سياست، معيشت ۽ ثقافت تي ڪهڙا اثر پوندا پئي رهيا آهن.. خالص سائنسي ميٿڊ سان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو سنڌ کي 20 صدي ۾ ايڪسپلور ڪيو آهي ته اهو ايم ايڇ پنهور ڪيو . ڪهڙي عالم ٻڌايو ته رني ڪوٽ ڇا آهي؟ اهو بحث جاري هو جنهن لاءِ هن چيو ته رني ڪوٽ ساساني دور جو آهي. هن اسان کي اهو به ٻڌايو ته سنڌي هڪ چراگاهي زبان آهي. سنڌي جديد ٽيڪنالاجي جي زبان ناهي. ان ۾ اٺ جا چاليهه نالا ته ملندا پر گلاس يا ڪمپيوٽر جي لاءِ اکر نه ملندا. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج انهي رخ ۾ سفر ئي نه ڪيو آهي. اعجاز علي ٿهيم جيڪو ايم ايڇ پنهو تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي ان پنجا ويچار هن طرح ونڊيا ته: منهنجو ايم ايڇ پنهو سان غائبانه تعارف 2009ع ۾ٿيو. مان سنڌ يونيورسٽي ۾ مسلم هسٽري ۾ ٽئين سال جو شاگرد هئس. هسٽري آف سنڌ اسان جو سبجيڪٽ هو ان لاءِ ڪتابن جي تلاش لاءِ سيمينار لائبريري ۾ ويس جتي هسٽري جي ڪتابن ۾ ايڇ ٽي سورلي ۽ ٽرمپ صاحب سان گڏ ايم ايڇ پنهور صاحب جو ڪتاب ”سورس مٽيريل آف سنڌ“ پيو هو. غلام حيدر صاحب لائبريرين هئا، جن پڇيو ته توکي خبر آهي ته هي مصنف ڪير آهي؟ مون چيو ته انگريز هوندو! چيائين ڏسين ڪو نه ٿو پنهو ر لکيو پيو آهي ۽ چوين ٿو انگريز هوندو. در اصل مون وٽ جيڪا ڪتابن جي لسٽ هئي ان ۾ انگريز مصنفن جا نالا هئا، ان ڪري اهو ڌيان ۾ نه رهيو ته ڪو سنڌي به ان پايي جو عالم هوندو! پوءِ هن مون کي پنهورصاحب ۽ ان جي ڪيل ڪم جي باري ۾ ٻڌايو. جڏهن مان 2013 ۾ ٽيچنگ اسسٽنٽ ٿيس ۽ منهنجي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم فل انيشل ٿي، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي فرزند سرفراز لاکي پنهنجي پيءُ کي منهنجي لاءِ چيو ته هن کي پنهور صاحب تي موضوع لکي ڏيو. هن لکي ڏنو بعد ۾ مون ڪراچي يونيورسٽي ۾ پنهنجي سپروائيزر سهيل شفيق صاحب کي ڏيکاريو، ان چيو تمام سٺو، پر مون کي پنهور صاحب جو هڪ ٻه ڪتاب ڏيکار. مون کيس ”ڪرونالاجيڪل هسٽري آف سنڌ“، سومرا دور تي آيل ڪتاب ۽ ايريگيشن وارو ڪتاب ڏيکاريا. هفتي کان پوءِ مون کي گهرائي ڇيائين ته ”ههڙا ماڻهو جن هر شي تي لکيو آهي شايد ڪو لکي سگهي“ اهڙي طرح منهنجو ٽاپڪ ائپرو ٿي ويو. هن وقت اهو پي ايڇ ڊي ۾ ڪنورڊ ٿي ويو آهي. ايم ايڇ پنهور لڪير جو فقير نه هو. تحقيق ڪندو هو. ان کان اڳ ۾ جيڪي تاريخدان آهن، انهن ٻين کي ڪوڊ ڪيو آهي. پر هن پاڻ ان جي ريسرچ ڪئي آهي. هي سنڌ جو واحد ماڻهوآهي جنهن سنڌ جي پٿر جي دور کان وٺي تاريخ لکي آهي. سردار شاه: ايم ايڇ پنهور جنهن پايي ۽ قد جو ماڻهو هو، ان تي ڳالهائڻ لاءِ ان جيترو علم ۽ ان جيتري آگاهي هجڻ لازمي آهي. سيمنار کي سيمينار جو لڪ ڏيڻ گهرجي. پنهور صاحب جي زندگي جا مختلف پهلو، شخصيت ۽ ان جي ڪم جي پهلوئن تي لاڳاپيل ماهر ماڻهو اچن ۽ ڳالهائين ته اسين صحيح معنيٰ ۾ روشناس ٿيون. 2003 جي ڳالهه آهي، انعام شيخ چيو ته ايم ايڇ پنهور صاحب لکندڙ دوستن کي پنهنجي گهر تي مدعو ڪيو آهي. ان دعوت ۾ تاج جويو، انعام شيخ، نصير مرزا، مان ۽ ٻيا به ڪافي دوست هئا. جڏهن مون ان ڏٻري ڏيل واري ماڻهو کي ڏٺو ۽ جنهن انداز ۾ هن گفتگو شروع ڪئي ۽ جڏهن اسان هن جي لائبريري ڏٺي ته منهنجي ذهن تي لطيف سائين جوشعر تري آيو ته: ”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن“ جيڪي اسين ماڻهو سنڌ، سنڌ چئون ٿا، جنهن کي پنهنجي لفظن ۽ محبتن جا سجدا ڏيون ٿا. سنڌو جي پاڻي کي امرت ڌارا چئون ٿا، موهن جي دڙي جي قدامت تي فخر سان ڪنڌ مٿي ڪري هلون ٿا پر صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي عبادت جن شخصيتن ڪئي آهي ۽ سنڌ کي پنهنجي اندر ۾ انهيءَ روح سان شامل ڪيو آهي ته اهي پنهورصاحب جهڙا ماڻهو ئي هئا، آبپاشي سنڌ جو روح رهيو آهي، جنهن جي ڪري ان جي زراعت رهي آهي هن اهي موضوع چونڊيا. توهان جي سڃاڻپ،توهان جي تاريخ، توهان جي آرڪيالاجي، جنهن جي ذريعي هن سنڌ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هو بي چين روح هو. هو اصل حد تائين مطمئن ٿيڻ تائين کوجنا ڪرڻ جو قائل هو. هو رايتي ماڻهو ڪو نه هو. حاجي، قاضي ڪلچر جو،ماڻهو ڪو نه هو، شين کي اکيون پوري قبول ڪرڻ وارو ماڻهو ڪو نه هو. هن سيمينار جي صدارت زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائس چانسلر جناب مجيب صحرائي ڪري رهيو هو جنهن ايم ايڇ پنهور کي زبردست ڀيٽا ڏيندي چيو ته ”دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا. هڪڙا اهي جيڪي پنهنجي روايتي زندگي گذارين ٿا ۽ ٻيا غير روايتي ڪم ڪن ٿا. ايم ايڇ پنهور اهڙو ماڻهو هو جنهن سنڌ جي حقيقي خدمت ڪئي. سندس لکيل ڪتابن جي اڄ به اها ئي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته تحقيق ڪڏهن به پراڻي نه ٿيندي آهي. اسان کي ماضي حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي هلڻو پوندو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ جلد ايم ايڇ پنهور ڪارنر قائم ڪيو ويندو.جتي هن جا لکيل ڪتاب رکيا ويندا.سيمينار کي اڳوڻي سيڪريٽري هاشم لغاري، نامياري اديب حميد سنڌي ، شاعر عنايت بلوچ، پروفيسر غلام محمد لاکي، ايم ايڇ پنهور جي فرزند سني پنهور، نفيس ناشاد، پڻ خطاب ڪيو. هتي پڙهندڙ لاءِ ايم ايڇ پنهور جو مختصر تعارف ڏجي ٿو. · ايم ايڇ پنهور (محمد حسين پنهور)سنڌ جو ناميارو محقق هو. · هو سائنٽيفڪ سوچ رکندڙ هو، · هن تحقيق جي بنياد تي سنڌ جا 3 هزار نقشا جوڙيا . · هو سنڌ جو پهريون محقق هو، جنهن انوائرمنٽ جي اک سان تاريخ کي ڏٺو هو. · سنڌ ۾ ڪلهوڙا دؤر جي خاتمي تي سندس تحقيق جو مثال ملڻ مشڪل آهي. · هن ڪلهوڙا دؤر جي پڄاڻي جو وڏو سبب درياءَ جي رخ جي تبديلي ڄاڻايو . · هن سومرا دؤر کي پڻ سائنسي طور نقشن جي بنياد تي پورو تاريخي ورثو ظاهر ڪيو. · هن سنڌ کي موسمي طور مختلف زونن ۾ ورهايو . ان بنياد تي هن سنڌ جو موسمي نقشو جوڙيو ۽ سنڌ ۾ان نقشي جي بنياد تي ڪيترائي نوان زرعي فصل ۽ فروٽ پوکڻ جا تجربا ڪيا. · هن سؤ سال پراڻن وڻن کي نئون جوان ڪرڻ وارو ڪامياب تجربو ڪيو. · ايم. ايڇ پنهور نئون وڻ پوکڻ لاءِ چڪي طور لڳائڻ جي بدران وڻ جي ٽاري مان نئون ٻج ٺاهڻ واري ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي. · هن سنڌ جي لاڙ واري آڳاٽي ۽ موافق موسم تي زرعي طور هڪ جديد خاڪو جوڙيو. · هن ڪيميائي ڀاڻ جي بدران گاهه مان وڌيڪ بهتر ڀاڻ ٺاهڻ واري ٽيڪنالاجي پڻ متعارف ڪرائي. · هن انگور،صوف، آڙو، ڏاڙهون، لچي، لونگن ۽ انجير پنهنجي فارم ۾ پوکڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا. · هو سنڌ ۾ ڪيلوپوکيندڙڻ ۾ بنيادي آبادگارن مان هو. · جڏهن ڪيلي ۾ بيماريءَ ڪينسر جو روپ اختيار ڪري ويو ۽ ملڪ جي زراعت جا صوبائي ۽ وفاقي کاتا ان بيماري کي ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ويا ته پاڪستان حڪومت آسٽريليا جي ماهرن کان ان بيماري جي خاتمي لاءِ مدد گهري. ضياءَالحق جي دؤر ۾ آسٽريليا جي حڪومت موٽ ۾ کين ايم. ايڇ پنهور جو ڏس ڏنو. ايم. ايڇ پنهور ڪيلي کي لڳل بيماري تي تحقيق ڪري ”بنچي ٽاپ“ بيماري طور ڳولي لڌي هئي ۽ سندس ان سلسلي ۾ تحقيقي مضمون زراعت جي عالمي ميگزين ۾ ڇپيو هو. · صدر ضياءُالحق ايم. ايڇ پنهور کي ريسرچ جي بنياد تي ستاره امتياز ڏنو. · ايم. ايڇ پنهور سنڌ ۾ جر جي پاڻي تي بنيادي نوعيت جو ڪم ڪيو. هن جر ۾ مٺي پاڻيءَ ڳولڻ لاءِ هڪ نئون فارمولو آزمايو .هن اڇڙي ٿر کان وٺي ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي پوٺن تي اهو فارمولو لاڳو ڪيو . هن مٺو پاڻي ڳولڻ لاءِ پراڻن تاريخي پڊن ۽ قبرستانن وٽ کوٽائي ڪري مٺو پاڻي هٿ ڪيو . · ايم. ايڇ پنهور ايل بي او ڊيءَ جي پاڻيءَ تي پلي جو مصنوعي نسل وڌائڻ جي منصوبي تي پڻ ڪم ڪيو . · هن جو گهر هڪ ميوزم هو. هن جي گهر جون ديوارون هڪ پاسي خداآباد جي تاريخي مسجد ۽ ٺٽي جي شاههجهان مسجد جي آرڪيٽيڪچرنگ واري ڪاشيءَ جي طرز تي جوڙيل آهن. · هن جي گهر ۾قائم لائبريري ۾ 30 هزار ڪتاب آهن. · هن کيسانه موري وارو زرعي فارم ۽ لطيف آباد وارو گهر ريسرچ لاءِ ٽرسٽ طور وقف ڪري ڇڏيو .
اوهان سان ملي خوشي ٿي .... اهڙن پروگرامن جو اهو به فائدو ٿيندو آهي ته کوڙ سارن دوستن سان به ملاقات ٿيندي آهي. بهترين مفصل رپورٽ ... وڻي