محمد خان سيال
سينيئر رڪن
بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ، ڪوهه مري ٺاهه موجب پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي ـ ڊاڪٽر مالڪ، 11 اپريل 2015 تي تربت ويجھو 20 سنڌي مزدورن کي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري شهيد ٿيل سنڌي پورهيتن جي وارثن مان هر هڪ کي 10 لک روپيا معاوضي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر 7 ـ 8 مهينا گذرڻ جي باوجود هن پيسا جاري نه ڪيا جنهن ڪري ڪيترن سنڌي مزدورن جي وارثن جيڪي غربت جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيا آهن تن جون اپيلون اخبارون ۾ شايع ٿيون ـ
جنگ اخبار به لکيو ته تربت ۾ قتل ٿيندڙ سنڌي مزدورن کي 7 مهينا گذرڻ جي باوجود اعلانيل معاوضو ڪونه مليو ـ ان کانپوءِ مون انگريزي اخبارون دي نيوز ۽ ٻين ۾ خط لکي قومپرست ڊاڪٽر مالڪ بلوچ کي اپيل ڪئي ته هو مظلوم سنڌي پورهيتن جي وارثن کي معاوضو ڏئي پنهنجو وعدو پاڙي پر افسوس ته هن ائين ڪونه ڪيو، شايد ٻين بلوچ قومپرست اڳواڻن ونگيان، بي ايل ايف جي قاتل ڊاڪٽر الله نذر بلوچ جنهن اهڙن قتلن جو بار بار اعتراف ڪيو هو تنهن سان ماٺ ميٺ ۾ همدرديءَ ۾ ائين ڪيو هجي ـ
مان بلوچستان جي نئين نامزد وڏي وزير زهريءَ کي گذارش ڪريان ٿو ته هو سنڌي پورهيتن جي وارثن مان هر هڪ کي اعلانيل 10 لک روپيا معاوضو ترت ادا ڪري.