ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهو 25 سالن کان نظر انداز

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مسعود سومرو

    ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ کي قائم ٿئي 25 سال گذري چڪا آهن پر هن وقت مقامي ماڻهن کي هر معاملي ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ڪا گئس جي رائلٽي ڏني وئي آهي، ويتر مقامي ماڻهن پاران حق گهرڻ تي کين هيسائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، پي پي ايل جي انتظام هيٺ هلندڙ گئس فيلڊن مان ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ ٻيو نمبر هئڻ جي باوجود گئس فيلڊ ڪشمور ضلعي جي عوام توڙي علائقي جي ترقي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ نه وري ويلفيئر فنڊ مان علائقي جي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪو ڪم ڪيو آهي، بلڪه ڪمپني جي مقامي انتظاميا علائقي واسين سان رويو به غلط رکيو آهي، جڏهن ته مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي نه رڳو اهو پر پي پي ايل جي مقامي انتظاميا پاران جن ماڻهن جي زمينن مان کوهه نڪرن ٿا ۽ پائيپ لائينون ۽ رستا نڪرن ٿا، انهن زمينن جي مالڪن کي به پورو معاوضو نه ڏنو ويو آهي، گئس فيلڊ جي مقامي انتظاميا جي غلط رويي سبب گئس جا چار کوهه کوهه نمبر 4، کوهه نمبر 11، کوهه نمبر 24 ۽ کوهه نمبر 26 بند پيل آهن، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي ڪروڙين رپيا سالياني آمدني ٿيڻ باوجود علائقي جي ترقي ۽ ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ نالي ماتر رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي، گئس فيلڊ توڙ تائين تعمير ڪرايل ڪمپريشر پلانٽ ۾ 75 کان 80 آفيسر ڀرتي ٿيل آهن، جن ۾ هڪ مقامي ۽ باقي سڀ غير مقامي آفيسر ڀرتي ڪيا ويا آهن، کوهن تي مقرر ڪيل مقامي چوڪيدارن کان 8 ڪلاڪن بدران 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي ۽ هر هڪ کوهه تي ٽن چوڪيدارن جي جاءِ تي هڪ چوڪيدارکان ڪم ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته سئي گئس فيلڊ ۾ هر هڪ کوهه تي 3 چوڪيدار مقرر ٿيل آهن، جن کان 8-8 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي، ٻئي طرف مٿين ملازمن ۾ اڌ غير مقامي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ ٻهاريدار بورچي وغيره جي ملازمت ڪندڙن کي ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪرڻ باوجود پڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ ليبر جا مسئلا به حل نه ٿا ڪيا وڃن، ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي اهڙين ناانصافين خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي جي مير اظهر سهرياڻي، جسقم جي عبدالمجيد ڀنگوار، جماعت اسلامي جي حافظ نصر الله چنا، سنڌ نيشنل فرنٽ جي مير فياض ڊومڪي، وڪيل عبدالصمد بجاراڻي، مسلم ليگ (ن) جي احسان سومرو، عزيز سميجو، سماجي اڳواڻ عبدالفتاح پٺاڻ، مير حسن رند سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالن ڪرڻ جي باوجود ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي انتظاميا پاران ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي پر افسوس جو هتان جا چونڊيل عيوضي به مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي اسيمبلي ۾ آواز اٿارڻ بدران خاموش بڻيل آهن، جڏهن ته ڪشمور جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري پاران ضلعي ناظم ٿيڻ بعد شروعاتي طور تي گئس فيلڊ جي عملدارن سان گڏجاڻيون ڪري علائقي کي گئس جي رائلٽي ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پر ان کي به ڪاميابي نه ملي، جنهن بعد عوامي احتجاجن کي ڏسندي ڊي سي او ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ سيد عابد علي شاهه پي پي ايل جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هڪ ليٽر لکي ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي انتظاميا جي ناانصافين کان اعليٰ اختياري وارن کي آگاهه ڪيو ويو، ڊي سي او پاران لکيل شڪايتي ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو ته جڏهن کان وٺي پي پي ايل گئس ڪمپني وجود ۾ آئي آهي، ان وقت کان ڪڏهن به مقامي آباد جي ڀلائي لاءِ ڪو به خاطر خواهه ڪم نه ڪيو آهي ۽ نه ئي سماجي ڀلائي، صحت، صفائي، سٿرائي، تعليم، ماحوليات ۽ انساني ترقي لاءِ ڪو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪمپني پاران ڪرايل ڪجهه ڪم به سکڻا ڏيکاءُ وارا آهن، جن مان عام ماڻهو کي ڪو به فائدو نه مليو آهي، ويتر ضلعي حڪومت پاران تعمير ڪرايل روڊ ۽ پليون ڪمپني جي استعمال سبب ختم حال ٿي ويون آهن ۽ ڪمپني پاران آباد جي نظرداري کانسواءِ زير زمين پاڻي ماحوليات ۽ زمين جي مٿان واري صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي، ان جي باوجود ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ توڙي چاچڙ گئس فيلڊ پاران عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي ڪو به ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي، ڊي سي او جي اهڙي ليٽر لکڻ کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري هڪ اعليٰ سطح جي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ پي پي ايل جي ايم ڊي ڊي سي او ۽ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي عملدارن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته ڊي سي او سيد عابد علي شاهه، اي ڊي او روينيو ڪشمور منور علي مهيسر سان گڏجاڻيون ڪري علائقي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪيو وڃي پر ان گڏجاڻي کي به 3 مهينا گذرڻ جي باوجود گئس فيلڊ پاران ان عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، ان سلسلي ۾ هتان جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کان گهر ڪئي آهي ته ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ ۽ چاچڙ گئس فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ علائقي کي گئس جي رائلٽي ڏني وڃي.

    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو