سياسي خدمتن جا مينار جوڙيندڙ _ مير عنايت علي خان ٽالپر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سياسي خدمتن جا مينار جوڙيندڙ _ مير عنايت علي خان ٽالپر

    اعظم ڀٽي

    فرد جڏهن عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي خدمت جي سچي جذبي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ان عمل، ڪم ، محنت ۽ جدوجهد وسيلي ملڪن، قومن ۽ تاريخ جو سرمايو بڻجي ويندا آهن، سندن ڪردار تاريخ جي غير جانبدار صفحن ۾ سنهري لفظن سان ياد ڪيا ويندا آهن . هن ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي ، علمي ، ادبي ، مذهبي ، ثقافتي تاريخ ۾ ٽنڊو محمد خان جي املهه ڪردارن پنهنجي پنهنجي شعبي جي حوالي سان هڪ شاندار تاريخ رقم ڪئي آهي، سترهين صدي ۾ ٽکڙ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جون خدمتون محققن جي قلم جي مس مان مُرڪي تاريخ جي دڳ تي نروار ٿيل آهن ، جيڪو سلسلو اڄ به ان ئي تسلسل سان روان دوان آهي، وقت جا وهڪرا ڀلي کڻي خاموش يا لِڪل هجن ، ڀلي کڻي تاريخ جي کوڙ سارن ورقن تي جمود جي دز چڙهيل هجي، ڀلي کڻي محققن جون سوچون ۽ قلم تصديق جي تشبيهه جي لحاظ کان ماٺ هجن، پر خدمتن جي تاريخ جا اکين ڏٺا شاهد پُشت به پُشت موجود آهن ، جيڪي منفي ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڪردارن کي هميشه ياد ڪندا آيا آهن، يادن جو اهو سلسلو خدمتن جا مينار جوڙيندڙ ڪردارن جي عظمتن جي محراب آڏو سر بسجود آهي، جدوجهدن ۽ خدمتن جي تاريخ ۾ عوامي پذيرائي جا گُل ڪڏهن به منفي ڪردارن جي وجودن مٿان پيار جا پها نه رکي سگهيا آهن، عظمتن جي اهڙي پذيرائي صرف انهن ئي ماڻهن جي حصي ۾ آئي آهي، جن عوامي ڀلائي لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي، اکين تي اوجاڳن جون ڳاڙهيون پٽيون ٻڌي ، صبح جي سج نڪرڻ واري لمحي سان جوانمردي جهڙا مقابلا ڪيا آهن، اهي ڪردار جن بنا ڪنهن خوف جي جدوجهد جا ميدان ماري مڃايا آهن ، انهن کي اڄ به موتئي جي خوشبو جهڙن لفظن سان ياد ڪرڻ جي روايت برقرار آهي، اڄ به انهن کي ياد ڪرڻ سان گُلابي عڪس من ۾ واسو ڪري ويهي رهن ٿا ، يادن جي روايتن ۾ هميشه زنده رهندڙ اهڙن کوڙ سارن ڪردارن ۾ ٽنڊو محمد خان جي مير خاندان جي محبتي انسان مير عنايت علي خان ٽالپر کي وسارڻ واري ڳالهه ان ڳجهارت جيان آهي ، جنهن جي ڀڃڻي جو ڪو به ڏس پتو ناهي، مير محمد خان ٽالپر اول کان وٺي مير غلام شاهه شهيد تائين ، مير الهه بخش خان ٽالپر ، مير سردار حاجي حسين بخش خان ٽالپر ، مير بنده علي خان ٽالپر کان وٺي مير غلام علي خان ٽالپر تائين ، مير غلام علي خان ٽالپر کان وٺي مير اعجاز علي خان ٽالپر تائين شهواڻي ٽالپرن جي جانشيني واري تاج کي چار چنڊ لڳائيندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر جو ڪردار الاءِ ڇو مونکي مير خاندان جو اهو چنڊ محسوس ٿيندو آهي جنهن کي وقت کان اڳ گرهڻ لڳي ويو، شهواڻي ٽالپرن جي مثبت روايتن جو امين ، ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان بي انتها پيار ڪندڙ ، محبت واري جذبي جو مجسم پيڪر مير عنايت علي خان ٽالپر 14 جولاءِ 1952ع تي پيدا ٿيو ، سندس والد جو نالو مير اعجاز علي خان ٽالپر آهي. جيڪو نه صرف لاڙ جي شينهن جو لقب رکندڙ آهي پر سنڌ جو سينيئر ترين سياستدان پڻ آهي، جنهن جي پاڇي ۾ سياست جي ميدان ۾ پانبڙا پائيندڙ ڪيترائي سياستدان اڄ سنڌ جي سياست جا ستارا بڻيل آهن، مير عنايت ٽالپر مئٽرڪ سينٽ بونا وينچر مان ۽ انٽر پيٽارو ڪاليج مان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس گريجوئيشن ڪئي . خانداني سياسي ورثي سببپنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ، ون يونٽ جي مخالف سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي سياست کان متاثر ٿي 1978ع ۾ سياست جي دنيا ۾ عشق ۽ ايمان جو وچن ۽ خدمت جو جذبو کڻي داخل ٿيو ، مير عنايت سڀ کان پهريائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو، 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سندس والد مير اعجاز علي خان ٽالپر ، سندس چاچن مير ممتاز علي خان ٽالپر ۽ مير مشتاق علي خان ٽالپر جي گرفتارين ، ملڪ جي مختلف قيدو بند جي عقوبتن واري پريشان ڪُن ماحول سندس سياسي بصيرت ۽ قابليت کيس وڌيڪ نکاري پُختو ڪيو ۽ هو جلد ئي 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ، جنهن دوران 1986ع ۾ قومي اسيمبلي جي فلور تان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي ڳڀروئن ۽ باندي بڻايل قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ اُٿاريل سندس آواز اڄ به تاريخ جي للڪار بڻيل آهي، سندس اهو تاريخي آواز سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر پاران ون يونٽ جي مخالفت واري عمل جو تسلسل ئي هو ، جيڪو اڄ به سنڌ جي اتهاس جي گهٽين ۾ تاريخي حوالي طور ذهن نشين ٿيل آهي ته ڪيئن نه مير غلام علي خان ٽالپر کي ون يونٽ جي مخالفت سبب بيرحماڻي طريقي سان گرفتار ڪري مٺي جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو، مير عنايت ٽالپر 1987ع ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينه ۾ وفاقي صلاحڪار مقرر ٿيو ته ان دور ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي رٿائن جو اهڙو ڄار وڇايائين جيڪو اڄ به افتتاحي تختين جي رُوپ ۾ شاهدين جا ڳاٽ اُوچا ڪري ٽنڊو محمد خان جي لاتعداد ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن ۾ براجمان آهن، مير عنايت ٽالپر 2005ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٿيل مڪاني نظام وارين چونڊن ۾ سڄي ضلعي مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ٽنڊو محمد خان ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ چار سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ضلعي اندر ماضي جي تاريخ کان وڌي چڙهي ريڪارڊ تاريخي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايائين . جنهن ۾ سوڪ سينٽر ، مير غلام علي پارڪ ، شهيد راڻي پبلڪ پارڪ ، پبلڪ اسڪول ، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، ڊي سي ڪمپليڪس، جامع مسجد بي اينڊ آر ڪالوني، بوائز ڪاليج جي نئين سِر مرمت ، بوائز هاءِ اسڪول جي نئين سِر مرمت، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي نئين بلڊنگ جي قيام ، زيبيسٽ، لاتعداد ڪميونٽي سينٽرن، سميت روڊن ، رستن ۽ اسڪولن جا ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ شامل آهن ، مير عنايت ٽالپر جي ناظمي واري دور ۾ هڪڙو منفرد ڪم اهو به هو جو هن شهر جي قبرستانن کي تحفظ جي چوديوارن سان محفوظ ڪيو، سي سي بي اسڪيمن وسيلي ٽنڊو محمد خان جي قبرستانن کي چوديواريون ڏيارڻ واري ڪم جو بنياد ۽ روايت ئي مير عنايت ٽالپر جي شاندار ڪوششن جو ثمر آهي، جنهن سندس سياسي ڪردار کي وڌيڪ عوامي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سندس دور ۾ ضلعي جا سوين مقامي نوجوان بيروزگاري واري ڏانئڻ مان جان آجي ڪرائي روزگار سان پڻ لڳا، جن جي گهرن جا آباد چلها اڄ به سندس مغفرت لاءِ شعلا بڻجي دعائن جي صورت ۾ قدرت جي آڏو ٻاڏائيندا نظر اچن ٿا . مير صاحب پنهنجي بزرگن جي خاندان روايتن ۽ تهذيبي حيثيت جو وارث هو. سندس طبعيت ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي جهڙا آثار موجود هئا. هو نه فقط هڪ اعليٰ خانداني ۽ تهذيبي روايتن جو مجسمو هو پر ان سان گڏ هڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ، پختي واعدي جو مالڪ ۽ سماج سڌارڪ به هو ، سياست کان هٽي ڪري کيس علم و ادب سان به گهري دلچسپي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مثبت روايتن جي پوئيواري جو مثال هي آهي ته سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر، سنڌ جي نامور اديب غلام محمد شاهواڻي جي همت افزائي ڪنديکانئس ڪتاب “علمي خزانو” لکرايو هو . جيڪو ڪتاب مثنوي روم جو نثر ۾ ترجمو آهي ۽ ان جا ٽي جلد تيار ڪيا ويا هئا، ان ادبي روايت جي پيروي ڪندي مير عنايت ٽالپر “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر” نالي ڪتاب سينيئر صحافي ۽ شاعر مخمور مهيري کان تحرير ڪرايو هو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ليکڪ موضوع سان نڀاءَ نه ڪري سگهيو پر اها مير صاحب جي بهترين ادبي خدمت آهي، جنهن ٽنڊو محمد خان جي تاريخ کي سهيڙڻ جي شروعات ڪئي . جنهن مان سندس علمي ۽ ادبي بصيرت جو اندازو خوب لڳائي سگهجي ٿو.هو موسيقي سان گڏوگڏ ثقافت سان به انتهائي پيار ڪندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو جو 2009ع ۾ پنهنجي ناظمي واري دور ۾ هن ٽنڊو محمد خان ۾ “سنڌ فيسٽيول” جو انعقاد ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ جي تمام گهڻن ضلعن ، ضلعي حڪومت واري سرشتي جي حوالي سان ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجا ثقافتي اسٽال لڳايا ، ان سان گڏوگڏ ان فيسٽيول ۾ موسيقي جا پڻ بهترين پروگرام ٿيا. کيس موسيقي سان پڻ دلي لڳاءُ هو، مختلف وقتن تي فنڪارن جي پرگهور لهڻ لاءِ هو پنهنجي تلاءُ واري بنگلي تي موسيقي جون محفلون پڻ سجائيندو رهندو هو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ پنهنجي قدرداني جا موتي پسيندا هئا. مير عنايت ٽالپر جو دسترخوان هميشه ڪشادو رهيو. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان ڪي اهڙا ٿورا ماڻهو ملندا، جن جا دسترخوان پنهنجن توڙي پراون لاءِ هميشه ائين ڪشادا رهيا هجن، جيئن مير غلام علي خان ٽالپر جيان سندس هن پوٽي جا هئا .مير صاحب شڪار جو به شوقين هو. شڪار سندس خاندان جي دائمي روايت هئي، جنهن کي پڻ هن ان ئي شان سان برقرار رکيو. ان سلسلي ۾ وٽس پاڪستان کان علاوه ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهران آيل مهمان ايندا ويندا هئا. جيڪي مير صاحب جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ واپس وڃي نه سگهندا هئا. هو سون جي چمچن ۾ کير پي محلاتن جي آسائش جا مزا ماڻي ، لاڏ ۽ ڪوڏ سان پلجي وڏو ضرور ٿيو هو پر سندس مزاج ۾ وڏائي، هٺ ، غرور ۽ تڪبر جو ڪڏهن به ڪو ننڍي ۾ ننڍو عنصر به ڏسڻ ۾ نٿي آيو، هو شاهي روايتن واري ماحول مان نڪري هميشه عوام جي دلين ۾ راڄ ڪرڻ جا سپنا کڻي روڊن ۽ رستن تي عوام سان گڏ سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ پيش پيش رهيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بحالي واري تحريڪ ۾ کيس لکين ماڻهن ائين پگهر ۾ شل ڏٺو هو ڄڻ ته هو هر وقت جدوجهد جي پاڻي سان وهنتل هوندو هو، مير عنايت ٽالپر 7 سيپٽمبر 2014ع تي آچر جي ڏينهن گلي ۾ ڪينسر جي موذي مرض سبب 62 سالن جي ڄمار ۾ سنگاپور جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي دکدائڪ خبر ٽنڊو محمد خان جي هر شهري مٿان وڄ جيان ڪِري پئي، هر اک آلي هئي، ڇو ته مير خاندان جو هي باصلاحيت فرد ، هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ۽ عوام دوست انسان هو ، جنهن جي نفيس من ۾ هميشه احساسن جو سمندر ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو ، 9 سيپٽمبر 2014ع تي سندس مڙهه سنگاپور مان آڻي ٽنڊو محمد خان ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ عوامي شرڪت جي ايڏي وڏي تعداد ثابت ڪيو هو ته هن عظيم شخص جو آخري سفر ٽنڊ ومحمد خان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو آخري سفر هو. جيڪو عظمت جو رُتبو شايد ئي هتان جي ڪنهن سياستدان کي نصيب ٿيو هُجي. لکن جي مجموعي ۾ هر اک مان ڳوڙهن جو مينهن وسي رهيو هو، سندس سياسي مخالف به اهڙي مڃتا تي حيرت جي درياءَ ۾ ٻڏل هئا. کيس صرف هڪ نِياڻي جو اولاد ٿيو. ڏک ان ڳالهه جو ضرور آهي ته سندس ڪو جانشين اولاد نه هو جيڪو سندس خدمتن جي ڇڏيل تاريخ کي تڪميل جي ڪنهن لاڀائتي دڳ تي پهچائي پر مايوسي جي انهن لمحن کي مات ڏيڻ لاءِ سندس بهادر ڀاءُ مير سجاد علي خان ٽالپر وڏي جوانمردي سان مير عنايت ٽالپر جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سپهه سالاري جو تاج پنهنجي سر تي ٻڌو آهي، مير عنايت ٽالپر جي نقش قدم تي هلندي هن مختصر وقت ۾ پنهنجي محنت جو محل ضرور جوڙيو اهي ، جيڪا محنت عوامي ڀلائي لاءِ ڪيتري لاڀائتي ۽ فائديمند ثابت ٿيندي ، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر مير عنايت سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو حلقو ساڻس اهو ئي پيار ڪندي ،انهن سپپن جي ساڀيان جي انتظار ۾ ضرور آهي ، جيڪي اميدون کين مير عنايت ٽالپر جي ڪردار مان وابسته هيون. مشڪل سفر ۾ ممڪنات جي حد کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، تمنا سان گڏ دُعا اها آهي ته مير غلام علي خان ٽالپر جو هي پوٽو ، مير اعجاز علي خان ٽالپر جو هي ٻيون نمبر پُٽ، مير خاندان جو هي چشم و چراغ عوامي اميدن جا روشن سج اُڀارڻ ۾ سوڀارو ٿئي.


    اعظم ڀٽي ، پير محلا ٽنڊو محمد خان
    azam772003@yahoo.com
    03332807110
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو