آسَا لاھِ مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمُھ جِندِڙا !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

YhyIFZ4.jpg

لاھِ مَ پَچاران، سُک مَ سُمُھ جِندِڙا !
ڪَرِ جَهورِي ڪَيڻان، ڪالُوڻا اَڄِ گَهڻِي


سُرُ رِپَ

لاھِ مَ = لاهي نہ ڇڏ، وساري نہ ڇڏ
پَچاران = سندن پچارون، تات، يادگيريون، سندن سارون
سُک = سک سان، آرام، سڪون، سرور ۽ فرحت سان
مَ = نہ
جِندِڙا = اي جسم، جان، ساھ، اي روح
جَهورِي = ڳڻتي، ڳارو، پريشاني، آنڌ مانڌ، لڇ پڇ، بيچيني، بيقراري، انتظاري
ڪِيڻان = هُنن جي
ڪالُوڻا = ڪالهوڻيان، ڪلھ کان
گَهڻِي = اڃان وڌيڪ

بيت جو پس منظر

~ اي جسم ! سک سان سمهي نہ رھ، نہ وري انهن جي ياد کي وساري ڇڏ.
~ هنن جي ڳڻتي ڪلھ کان اڄ وڌيڪ ڪر.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ محبوب سان ڪيل واعدن، وچنن کي پاڙڻ ۽ يادن ۽ ساروڻين کي وڌيڪ سگهاري انداز ۾ سارڻ جي هدايت ٿو ڪري.
اي جسم، جان، دل، ساھ، اي روح ! محبوب سان گهاريل پيار جا پل ۽ ڪيل روح رهاڻيون وساري سک سان سمهي ننڊون نہ ڪر. محبوب جون يادگيريون، ساروڻيون ۽ ڪيل وچن متان دل تان لاهي ڇڏين. محبوب سان ملڻ جي سڪ، ڇڪ ۽ تانگھ جيتري ڪلھ هيئي، اڄ ان کان اڃان وڌيڪ ڪجان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____
 
Back
Top