قائد جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح، پنهنجي ڀاءُ تي ڪتاب لکيو هو ”منهنجو ڀاءُ“ ان ڪتاب مان ڪجھ دردناڪ ٽڪڙا هيٺ پيش ڪجن ٿا. اوهان پاڻ پڙهي فيصلو ڪريو؛ ”مون پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ اهڙو تڪليف وارو سفر ڪڏهن نه ڪيو هو. ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان ٽپهريءَ جو سوا چئين بجي ماريپور ايئرپورٽ تي لٿاسين. هي اهو ئي ايئرپورٽ هو جنهن تي هڪ سال اڳ هو (قائد) تمام اعتماد سان لٿو هو ته هو پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بنائيندو.....................جيئن ئي اسان جهاز کان ٻاهر آياسين گورنر جنرل جي ملٽري سيڪريٽري ڪرنل جيوفري نالز اسان جو استقبال ڪوي. قائد کي هڪ اسٽريچر تي ليٽائي هڪ فوجي ائمبولينس کيس گورنر جنرل هائوس کڻي وڃڻ لاءِ اڳواٽ ئي اتي موجود هئي. آءُ ۽ سسٽر ڊنهم ساڻس گڏ ائمبولينس ۾ ويٺيون هيوسين. ائمبولينس آهستي آهستي هلي رهي هئي. اسان جي پارٽيءَ جي ٻيا ماڻهو گاڏين جي ذريعي روانو ٿي ويا هئا. صرف ڊاڪٽر الاهي بخش، ڊاڪٽر مستري ۽ ملٽري سڪيريٽري، گورنر جنرل جي ڪيڊليڪ ڪار ۾ اسان جي ائمبولينس جي پٺيان هئا. .....اڃا اسان چار ميل مس هليا هونداسين ته ائمبولينس اهڙيءَ طرح ڌوڏا کائڻ شروع ڪيا ڄڻ ته ان کي ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هجي ۽ پوءِ هڪ ڌوڏي سان بيهي رهي. اٽڪل پنجن منٽن کان پوءِ آءُ ائمنولينس کان ٻاهر آيس ته مون کي ٻڌايو ويو ته ائمبولينس جو پيٽرول ختم ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ڊرائيور انجڻ سان ڳنڍيو پيو هو، پر ائمبولينس کي نه هلڻو هو سا نه هلي. آءُ ٻيهر جڏهن ائمبولينس ۾ ويس ته قائد پنهنجو هٿ آهستي لوڏيو ۽ سواليه نظر سان مون کي ڏٺو. مون جهڪي کيس آهستي ٻڌايو ته “ائمبولينس جي انجڻ خراب ٿي وئي آهي”. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون.....تنهن ڏينهن هوا بند هئي ۽ گرمي صفا ناقابل برداشت. قائد جي بي آرامي ۾ واڌاري جو سبب هيءُ هو ته بي شمار مکيون سندس منهن تي بڻڪي رهيون هيون ۽ سندس هٿ ۾ ايتري سگھ ڪانه رهي هئي جو مکين جي حملي کان بچڻ لاءِ هٿ به کڻي سگهي. آءُ ۽ سسٽر ڊنهم واري واري سان پنهنجن هٿن سان منهن کي پکي هڻنديون رهيون سين. اسان کي انتظار هو ته شايد ڪا ٻي ائمبولينس اچي وڃي. هر گهڙي اذيت ۽ ڪرب جو هڪ ڊگهو سمو هو. قائد کي اسان ڪيڊلڪ ۾ به منتقل ڪري نه ٿي سگهياسيس، ڇا ڪاڻ ته اها ايتري ڊگهي ڪانه هئي جو ان ۾ اسٽريچر سمائجي سگهي. تنهن ڪري ڪنهن اميد جي آسري اسان انتظار ڪندا رهياسين...... ....اسان اتي هڪ ڪلاڪ انتظار ۾ رهياسين منهنجي زندگيءَ ۾ ڪو به ٻيو اهڙو ڪلاڪ ايترو ڊگهو ۽ دردناڪ ڪونه آيو. نيٺ خدا خدا ڪري هڪ ٻي ائمبولينس آئي ۽ کيس اسٽريچر جي ذريعي ان ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ائين اسان آخرڪار گورنر هائوس ڏانهن روانا ٿياسين. گورنر هائوس ۾ کيس آهستي آهستي بستري تي ليٽايو ويو ته مون گهڙي ڏٺي. ماري پور ايئرپورٽ تي لٿي اسان کي پورا ٻه ڪلاڪ ٿي ويا هئا. ڪيتري عجيب ڳالھ هئي ته ٻن ڪلاڪن ۾ اسين ڪوٽيا کان ڪراچي پهتا هئا سين ۽ ٻه ڪلاڪ ماري پور کان گورنر جنرل هائوس پهچڻ ۾ لڳي ويا........ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو ۽ دٻيل لفظن ۾ چيو “فضائي سفر لاءِ سندس حالت گهٽ خراب هئي جو مٿان ائمبولينس جو هيءُ تڪليف وارو واقعو پيش آيو؟!!! ڪتاب؛ ”منهنجو ڀاءُ“ صفحه66،67،68،6