• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخر آصف زرداري، 94 ورهين جي ڄمار واري قائم علي شاهه جي پچر ڇو ڪونه ٿو ڇڏي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اهو 94 ورهين جي ڄمار واري نوجوان سيد قائم علي شاهه جي حڪمرانيءَ جو ڪمال آهي جو سنڌ نئين تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ بيڊ گورننس ۽ رشوت جي بد ترين دور کان لنگھي رهي آهي پر آصف زرداري سندس پچر ئي ڪونه ٿو ڇڏي ـ چون ٿا ته بلاول ڀٽي زرداري به قائم علي شاهه کي هٽائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر آخر کيس مايوس ٿيڻو پيو ـ

شهيد بينظير به قائم علي شاهه کي پهريون ڀيرو وڏو وزير مقرر ڪيو پرڪجهه مهينن کانپوءِ کيس هٽائي ڇڏيائين جوچون ٿا ته ڪنهن کانئس ان جو سبب پڇيو ته چيائين: شاه صاحب گھڻو ڪري ميٽنگس ۾ ستو پيو هوندو آهي ـ

سوال آهي ته آخر آصف زرداريءَ کي شاهه صاحب ۾ ڪهڙي خوبي نظر آئي آهي جو سنڌ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائڻ جي باوجود سندس پچر ڪونه ٿو ڇڏي؟ انهيءَ تي بي ريا تبصرو ڪندا ته مهرباني ـ
 
Back
Top