سرمد سنڌي جي 19هين ورسي جي مناسبت سان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ الطاف اوڳاهي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2015۔

  1. الطاف اوڳاهي

    الطاف اوڳاهي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2015
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گھوٽڪي سنڌ
    سنڌ جي سرزمين ڪيترن ئي مهان ڪلاڪارن کي جنم ڏنو آهي.جن سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي،انهن ۾ علڻ فقير،فقير عبدالغفور،ڍول فقير.استاد جمن،استاد محمد يوسف پنهنجي آواز جي جادوءَ سان پوري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي،انهن ۾ پريالوءِ جو هڪ نوجوان رحمان مغل اُڀري اچي ٿو،ڪاليج جي فنڪشن ۾ ڳائيندي ڳائيندي نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي وٺي ٿو ۽ سڄي سنڌ محبوب راڳي بڻجي وڃي ٿو،رحمان مغل مان سرمد سنڌي طور متعارف ٿئي ٿو،رحمان مغل 7 جولاءِ 1961ع تي پريالوءِ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو،ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ اٽي جي چڪيءَ تي ويهندي خيرات وٺڻ ايندڙ جوڳين جي مُرلي کان متاثر ٿئي ٿو،مُرليءَ جي ڌن کي هنئين ۾ هنڊائي پنهنجي منهن جهونگارڻ شروع ڪري ٿو،۽ پوءِ ڪاليج جي دنيا ۾ داخل ٿيندي باقاعده ڪاليج جي فنڪشن ۾ ڳائڻ شروع ڪري ٿو،ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان سول ٽيڪنالاجي جي ڊگري حاصل ڪري ايڇ ڊي اي ۾ ملازم ٿئي ٿو ۽ پوءِ ڪي ڊي اي ۾ انجنيئر ٿئي ٿو، سرڪاري نوڪري تي رهڻ باوجود سر ۽ سنگيت سان لنئون لڳل ٿي رهيس،هيءَ هر محفل ۽ پروگرام جي حصو بڻجي وڃي ٿو،
    سرمد سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ ساهه سان گڏ ڌڙڪندو هو،هرگهر،گهٽي هر ڳوٺ،هر واهڻ ۽ هر وستي ۾ سرمد سنڌي جو لازوال ۽ امر آواز گونجڻ لڳو،ڪيترن ئي راڳ مان ڄاڻو ماڻهن جو خيال هو ته سرمد راڳ مان ڄاڻندو ئي ڪو نه هو،سنڌ جي نامور شاعر سرڪش سنڌي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري سرمد سنڌي راڳ مان ڄاڻان ئي ڪينَ.مان ته رڳو درد جي دانهن آهيان،جيڪا درد وارن جي اندر مان نڪري فضائن ۾ پکڙجي وڃي ٿي.سرمد واقعي درد جي دانهن هو.
    سرمد سنڌي نه صرف وڏو ڪلاڪار هو،پر انتهائي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو،هو بهترين دوست،بهترين راڳي،بهترين انسان،فرمانبردار پٽ توڙي انتهائي پيار ڪندڙ پيءُ به هو،سرمد ڪيترن ئي نيڻن جي نهار ۾ رهندو هو،ڪيتريون ئي آسوند اکڙيون سندس هڪ جهلڪ لاءِ بيتاب هونديون هيو.ڪيترن ئي اپسرائن جا چَپَ سرمد جي ڳلن کي ڇهڻ لاءِ ٽانڊن جيان ٽهڪندا هئا،پر سرمد هو جنهن جي نيڻن جي نهار مٿان کان ئي گذري ويندي هئي،ڪنهن تي اک به نه ٻڏندي هئي،هن شادي به پنهنجي ماءُ جي خوشيءَ کي ڏسندي ڪئي،هن ڪنهن به اپسرا سان لانئون لهڻ بجاءِ پنهنجي ماءَ جي چوڻ تي هڪ ڳوٺاڻي عورت سان شادي ڪئي هئي.سرمد لاءِ اڄ هر دوست اها دعويٰ ٿو ڪري ته هو صرف منهنجو دوست هو،هو ڪنهنجو ڪنهنجودوست هو ڪنهن کان پڇجي؟ سرمدسنڌي جو هڪ ڀيرو پهرئين به ايڪسيڊنٽ ٿيو هو،پر کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دعائن بچائي ورتو،هي ڪجهه عرصي لاءِ ڄنگھن کان معذور به ٿي ويو هو،پر پوءِ به هي پنهنجي عشق کي روڪي نه سگھيو،هو ويل چيئر تي پنهنجي پاڻ کي کڻائي وڃي محفلن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو هو،هڪڙي ڀيري ته محفل ۾ ڳائيندي اهڙو جنون اچي چڙهيس جو ويل چيئر تان اٿي بيهي ڳائڻ لڳو هو،اهو سرمد جو سنڌ سان عشق، اڳتي هلي سرمد سنڌي ڳايو ته...
    جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
    گهڻن کي اسان ڀي روئاري وينداسين
    هو واقعي پوري سنڌ کي روئاري ويو،27 ڊسمبر 1996ع جو ڏينهن سنڌ جي ڀاڳ ۾ هڪ نڀاڳ جي لهر کڻي آيو،جنهن سرمد جهڙو سدابهار راڳي کسيو،سنڌ کان سنڌ جي درد جي ترجماني ڪندڙ آواز کسيو هو، هي هن دنيا ۾ رهيو ئي ڪيترو؛35 سال به ڪا زندگي آهي،اها به ههڙي سداحيات آواز جي جادو جاڳائينڙ لاءِ جنهن وٽ عظيم کان عظيم مقصد سنڌ اول هجي،27 ڊسمبر 2015ع سرمد سنڌي جي 19هين ورسي ملهائي ويندي.


    سوڀ اخبار تان ورتل.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)

هن صفحي کي مشهور ڪريو