• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موٽِي آ مِٺِي.. (نثري احساس)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
موٽـــــــــي آءُ مِٺـــــــــــــــــــــــــي!!

چيو هُيئي ته “سرينهن پِيلا جھليدي گُل انهن کيتن ۾ ملنداسين“
پر اڄ سرينهن جي گُلن جي خوشبُوء ۾ صرف آئون ئي آهيان..
الا!! ڪڏهن اُها سرينهن پِيلا گُل جھليندي ! ڪَڏِهِن اُهو اتر جو واء لڳندو جڏهن تُون ايندئين !؟؟ ڇا اِهي صرف تُنهنجا خيالي دِلاسا ئي هُئا؟ ڇا تُو به شاعرن وانگيان مونکي به دلاسو پئي ڏنو ؟
او سهڻِي! مان اڪيلو آهيان ، جلدي واپس ورڻ جي ڪَر! سرينهن عنقريب گُل به ڇاڻي ويندي! اُتر به بند ٿي ويندو! ڏِس مومَل!.. تو بِن هيءَ ڊسمبر به ته ڏنگي پيو ٿو.. سُورَٺَ !! ٿڌين چانڊوڪِي راتين ۾ تُنهنجي ياد تڙپائي پئي..! خبر ناهي تُون ڪهڙي پار هلي وئينءَ..
مان ڪيئن چوان ته تُون بيوفا آهين!؟ ڇو ته عاشق ڪڏهن به محبوب تي الزام برداشت ناهي ڪندو ۽ پوءِ مان ته تنهنجي آڏو تعظيم سجدا ڪيا آهن..! مان ڪيئن توکي بيوفا چوان!؟ سونهن پَرِي..! منهنجو جِسم تُنهنجن ڪوسن ڀاڪُرَن جي ڇُهاءَ کي اڄ به محسوس ڪري ٿو، چوَندِي هُئين ته ٿڌَ کان مان کَٽي وٺنديس ٿڌَ کي ڪڏهن به تنهنجي ويجھو نه اچڻ ڏينديس، ڏِس جانم! ٿڌُ اڄ توکان ملھ ماري ٿِي پئي!! تُون لَهِي آءُ ڪنهن ويران کنڊر جي پويان لڪيل چنڊ تان..! تُون هَلي آءَ اُتر جي سرد جھوڪَن سان..! تُون وري آءُ نئين سال جِيان..! تُون موٽِي آءُ مُند جيان!! مان ڪيئن سڏيان توکي ته ڪيئن آءُ تُون !؟؟ او مِٺِي! تُنهنجو ميهار اڄ به سِنڌُوءَ جي اولهندي ڪَپَ تي تُنهنجي انتظار ۾ آهي...
جي تُون نه ايندئين ته مان توسان رُسي پوندس! ۽ ياد اٿئي ته تو چيو هُو “جي روز رُسندين ته مهڻا ملندا..! “ ۽ مونکي پَڪَ آهي ته توکي ماڻهن جا مهڻا ٻُڌڻ ڏاڍا ڏُکيا ٿا لڳَن ! ته پوءِ جلدي آءُ سهڻِي! مُنهنجي رُسَڻ کان اڳ ۾.. مُنهنجي وجود کي خاڪ ۾ ملجڻ کان اڳ ۾.. اگر نه ايندئين ته مان انهن کيتن ۾ (جِتي پاڻ ٻِنهي چارئِي مُندُون چئونرَي ۾ ڪَٽِيُون
هُيون،) ئي دفن ٿي ويندس ڪنهن ڪُراڙي اڪَ جي پوڙهِي پاڙ جيان...
 
Back
Top