اڄ وري اهو ڏينهن آيو جنهن هڪ معصوم جو ساه ڪڍيو شهيد ڪيو ان بي ضمير کي ڪو احساس نه ٿيو ته هو هڪ عورت سان مهاڏي ۾ هئا جن هي دود ڪيو ظلم ڪيو ستم ڪيو ڏاڍ ڪيو ڏهڪاءُ ڪيو ڇا چئجي ...بيشڪ موت برحق آ پر هنن حرامن هي جبر ڪري موت کي شرمائي ڇڏيو،موت به بي موت ٿي ويو مايوسي جي جاءِ تي سرهائي ٿي گهٻرائڻ جي جاءِ تي حوصلو مليو ساري قوم صدمي ۾ هوندي سرهي پئي نظر آئي هو موت ڏيئي پاڻ مري ويا ڳري ويا اٽو آٽڻ ٿي ويا پي هو شهيد راڻي اڄ به ڪروڙين دلين جي ڌڙڪڻ آ سڪون آ ساه ۾ پساه آ جڏهن ڪو قتل جو ذڪر نڪرندو ته هن معصوم نياڻي لاءِ اک منجها هڪ گرم ڳوڙهو ضرور نڪري اتساهيندو ته هو جيئري آ سڀن انسان جي دلين ۾ اي ظالم تو مظولم جي آه نه ٻڌي بلڪل ان ڪوفي وارن وانگر تنهنجو هي ڪردار هميشه نفرت ۾ رهندو تو هنن کي راولپنڊي جي راجا بازار ۾ ڀلائي شهيد ڪيو جنهن کي ڪوڙا ڪوفي رستي تي روڪي سلام ۽ عقيدت جا ڪوڙا احساس ڏيکاري ڀلائي وڌو ڪله تو حسين عليه اسلام کي ڪربلا ڪٺو اڄ تو هن معصوم سنڌ جي نياڻي کي شهيد ڪيو ساڳو نمونو ساڳي طرز تون اڃا ڪيترا ظلم ڪندي پر تون هاڻي جيئرو هوندي مئل آهين تو پاڪستان جو ايجنسيون به استعمال ڪيون جن کي تو هن ملڪ جي سچي شهرين کان نفرت جي اتهاتي پڄايو ...شرم تو کي شوم پر اچي ڪين ٿو ...........اي منهنجي راڻي تون زنده آهين اي منهنجي امڙ تون زنده آهين اي سرزمين سنڌ جي سوره ڌيءَ تون زنده آهين