گوگل پاران فيسبوڪ ڪمپني جي ٻنهي ميسيجنگ اپليڪيشنز واٽس ائپ ۽ ميسينجر کي مات ڏيڻ لاءِ هڪ سمارٽ ميسيجنگ اپليڪيشن تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا بلڪل واٽس ائپ ۽ فيسبوڪ ميسينجر جي حريف ثابت ٿيندي. گوگل جي هن نئين اپليڪيشن تي نه صرف چيٽ ڪري سگهجي ٿي پر اتي ئي نيٽ سرفنگ پڻ ڪري سگهجي ٿي. ۽ صارفين جي سوالن جا جواب پڻ ڏيندي. ذريعن مطابق هن اپليڪيشن تي هڪ سال کان ڪم هلي رهيو آهي.هن اپليڪيشن جو نالو يا ڪڏهن متعارف ٿيندي ان جي اڃا خبر ناهي پئي.