• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سگهوئي جنوري ايندي مٺا موسم چري ايندي

الطاف اوڳاهي

سينيئر رڪن
سگهوئي جنوري ايندي
مٺا موسم چري ايندي
اسانجي لاڙ ۾ لالڻ
دريا جي ڇاڙ ۾ لالڻ
ٿيندا ڪي ڪاڄ ڪو ملتا
ڪنواريون گيت ڳائينديون
گلابي ويس پائينديون
جيڏين جي جوڙ اهڙي ۾
ٻڌا ڪيئن ڪندس آئون
وڃائي سڀ هٿان واهون
ڪئي آ منٿ مون مٺڙا
بنا ڪنهن دير جي دلبر
هلي آ پاڻ ۾ پرچون
ايڏو اک پور ڇو آهين
پرين تون ڏور ڇو آهين
پرين تون ڏور ڇو آهين..
 
Back
Top