مختصر ڪهاڻي شعور رسول بخش جوڻيجو يونيورسٽي جي گول ڪينٽين جي ٻاهران ڪرسين تي ويٺل چار پنج شاگردن، ڀرسان لنگهي ويندڙ ڇوڪرين جي هرڻي جهڙي هلڻين، ڪارن گهاٽن وارن، خوبصورت نڪ، ڳاڙهن ڳٽن، ڊگهين ڳچين تي تبصرا ڪرڻ ۽ بالي ووڊ جي هيروئن سان مشاهبت ڪرڻ ۾ مگن به هئا ته وري هونٽنگ ڪري ڇوڪرين کي تنگ به ڪري رهيا هئا. “يار جاويد ڏس هن ڇوري جي هلڻي ته ڏس صفا هرڻي جيان ٿي لڳي.” منصور جاويد کي ڀرسان لنگهي ويندڙ ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو. وري عمران رڙ ڪري ڇوڪرين جي ٻي ٽولي ڏانهن اشارو ڪندي پنهنجي دوستن جو ڌيان ڇڪايو ؛ “ اڙي وڏا هُو ڏس پريان وچ واري ڇوري جو ڇا ته حسن آهي، يار صفا ڪُهي ٿي ڪُهي ڄڻ ڪوه ڪاف مان آيل پري هجي، نڪ ته صفا ڪرينا ڪپور جهڙو آهيس.” “اڙي يار ڇڏ ڪرينا ڪپور کي هيڏي ڏس هيڏي ڪترينا ڪيف.” جاويد ڀرسان ويٺل ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. “اوئي هوئي ، هل سهڻي مان صدقو وڃئين!” سڀئي هڪ آواز ۾ ڀرسان ويٺل ڇوڪريءُ تي هونٽنگ ڪري تنگ ڪرڻ لڳا. اُها ڇوڪري تنگ ٿي وڃي ٻي هنڌ ويٺي تڏهن وڃي جان ڇُٽيس. هر روز هن ٽولي جو گول ڪينٽين ٻاهران ويهي ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ ، هونٽنگ ڪرڻ ۽ ڇوڪرين جي حسن تي تبصرا ڪرڻ هنن جو رُٽن بڻجي ويو هو ۽ رات جو هي وري شراب جي محفلن ۾ مست هوندا هئا. جاويد لور مڊل ڪلاس مان هو ، سنڌ يونيورسٽي ۾ هن سال داخل ٿيو هو، يونيورسٽي ۾ ايندي ئي جاويد بري صحبت جي ور چڙهي ويو. جاويد جو پي ءُ قاسم پورهيو ڪري هن کي خرچ موڪليندو هو. هنن جي ٿوري زمين به هئي جيڪا پڻ کيڙي گهر جو گاڏو هلائيندا هئا. جاويد جي بري سنگت جي ور چڙهڻ کانپوءِ هن جو خرچ به وڌي ويو هو. هوڏانهن هاڻ هن جي گهر وارا گهر ۾ مڇي ماني جي بدران مرچ ماني کائڻ لڳا هئا ۽ هيڏانهن جاويد عياشيون ڪرڻ ۾ مست هو. جڏهن وئڪيشن ۾ جاويد گهر آيو ته پيءُ کيس نصيحت ڪندي چيائين “پٽ ٿورو خرچ گهٽاءِ ، پارس به انٽر پاس ڪري پئي مٿئين سال ان کي به يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيڻي آهي.” ان تي جاويد باهه ٿي ويو “ نه بابا نه ! ڇوڪرين لاءِ يونيورسٽي موزون نه آهي، ۽ هونئن به ڇوڪريون وڌيڪ پڙهي به ڇا ڪنديون ان ڪري انٽر ڪرائي شادي ڪرائي ڇڏيوس، توهان جو بار به لهي ويندو ۽ خرچ به گهٽجي ويندو.” جاويد جو پيءُ گهٽ پڙهيل هو، ان ڪري پُٽ جي راءِ کي اهميت ڏيئي ويٺو. پيءُ جو ارادو هاڻ مٽجي ويو هو، سندس ڌيءَ پارس کي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏيڻ بدران شادي ڪرائي بار لاهڻ جو ارادو ڪري ويٺو. ڪجهه مهينا گذرڻ کانپوءِ جاويد ياسر سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لڳو هو، گول ڪينٽين واري هونٽنگ ۽ ڇوڪرين جي حسن تي تبصرن واري ڪچهري ۽ شراب جي محفلن کي هو گهٽ ٽائم ڏيڻ لڳو هو ۽ خرچ به ڪافي گهٽائي ڇڏيو هئائين. ياسر جيڪو هن جو ڪاليج ۽ اسڪول لائيف جو ساٿي هو، ياسر يونيورسٽي اچڻ کانپوءِ هڪ کاٻي ڌر جي انقلابي پارٽي کي جوائن ڪري ورتو هو. ڏينهن گذرندا ويا، ياسر جي صحبت جاويد تي سٺو اثر ڇڏڻ لڳي هئي، هُو جاويد کي پارٽي جي ٿيندڙ اسٽڊي سرڪلس ۾ وٺي ويندو هو، مارڪس، لينن، مائو، هوچي ۽ چي گويرا جهڙن عالمي انقلابي رهنمائن ۽ فلسطين جي ليلا خالد، ايران جي اشرف دهڪاني جهڙين عظيم سورمين جي زندگين ، سندن وطن ۽ عوام لاءِ ڪيل جدوجهدن، قربانين ۽ سندن فلسفن ۽ نظرين بابت مطالعي ۾ مگن ٿيڻ لڳو هو. هاڻ جاويد جي ڪچهرين جا معيار بدلجي ويا هئا، ڇوڪرين جي حسن تي تبصرا ۽ هونٽنگ ڪرڻ بدران هُو سرخ ڪتابن تي تبصرو ڪرڻ لڳو هو، رات جو شراب جي محفلن جي بدران هاڻ هن جي رومه تي اسٽڊي سرڪل هلڻ لڳا هئا. هوڏانهن جاويد جا ماءُ ، پيءُ ۽ سندس ڀيڻ هن ڀيري گهر اچڻ تي هن جو بهترين سڀاءُ ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هئا، پارس وڌيڪ خوش تڏهن ٿي جڏهن هن کي چيو ويو ته هاڻ هُو به يونيورسٽي پڙهندي، جاويد هن جي لاءِ شاهه جو رسالو، فلسفي ۽ انقلابي نصاب تي ڪجهه مشتمل ڪتاب ۽ يونيورسٽي جي تياري لاءِ ڪجهه ڪتاب به تحفي طور ڏنا. پارس کي ته شاهه جي شاعري سان ڏاڍو لڳاءُ هو، شاهه جو رسالو ملڻ کانپوءِ ۽ يونيورسٽي وڃڻ جي ايتري ته خوشي ٿي ڄڻ هن جي زندگي جون سموريون خواهشون، حسرتون پوريون ٿي ويون هجن.