پنج مان هڪ آمريڪي کي حد کان وڌيڪ سمهڻ جي عادت آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هر مهل ۽ هر هنڌ ننڊ ڪرڻ جي بيماري صرف پاڪستانين کي ناهي بلڪ دنيا جي سڀ کان ترقي يافته ملڪ آمريڪا جا رهواسي به ان معاملي ۾ سڀنيءَ ملڪن کان کٽي ويا آهن. هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنج مان هڪ آمريڪي کي حد کان وڌيڪ سمهڻ جي عادت هوندي آهي. ان رپورٽ موجب آمريڪين جي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي حد کان وڌيڪ سمهڻ جي عادت آهي جڏهن ته 15 سيڪڙو يورپي رهواسين ۾ اِها بيماري ڄاڻائي وئي آهي.



    عام طور تي صحيح ۽ خراب لهجي ۾ ڳالهائڻ جي حساب سان آمريڪا ۽ يورپي رهواسين کي هڪ ئي ميزان ۾ توريو ويندو آهي پر هاڻوڪي ريسرچ ۾ آمريڪين ۽ يورپي يونين ۾ هڪ وڏو فرق ڄاڻايو ويو آهي. هڪ ريسرچ ۾ ٽيڪساس، نيويار، ڪيلي فورنيا ۽ اوهائيو سان تعلق رکندڙ 8 هزار ماڻهن کان انٽرويو ورتو ويو جنهن کان سندن سمهڻ جي عادت جاڳڻ، صحت ۽ ذهنيت جي متعلق سوال پڇيا ويا.



    ريسرچ جي نتيجي سان معلوم ٿيو آهي ته 19.5 سيڪڙو آمريڪي ننڊ جي معاملي ۾ وچولا هوندا آهن جڏهن ته 17 سيڪڙو ماڻهن چيو آهي ته انهن کي ملازمت ڪندي، ميٽنگ يا ڳالهيون ڪرڻ دوران جاڳڻ تمام ڏکيو محسوس ٿيندو آهي. اهڙي قسم جي هڪ ٻي ريسرچ برطانيا، جرمني، اٽلي، پرتگال، ۽ اسپين جي رهواسين تي به ڪئي وئي آهي. ريسرچ ۾ اِها ڳالهه واضح ٿي آهي ته حد کان وڌيڪ سمهڻ جي عادت سبب ماڻهون جلدي ٿلهي پن جا شڪار ٿي ويندا آهن.

    ويچار.ڪوم جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو