وفاقي حڪومت جو عوام کي نئين سال جو تحفو،پيٽرول جي اگهن ۾ 2 رپيا 17 پيسا في ليٽر واڌ جي سمري تيار

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Salma Naz
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Salma Naz

سينيئر رڪن
اسلام آباد:وفاقي حڪومت جو پاڪستان جي عوام کي نئين سال جو تحفوتيل قيمتن ۾ واڌ جي صورت ۾ ڏيڻ جو فيصلو“اوڳرا” پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري ورتي آهي،جيڪا اڄ رات پيٽرو ليم جي کاتي ڏانهن موڪلي ويندي.تفصيل مطابق سمري ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جڏهن ته پيٽروليم جي ٻين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن مطابق پيٽرول جي اگهن ۾ 2.17 في ليٽر واڌ ڪئي ويندي،جڏهن ته ديزل جي اگهن ۾ 5.93 في ليٽر گهٽتائي،ايڇ او بي سي جي اگهن ۾ 4.35 في ليٽر ۽ مٽي جي تيل ۾ 8.7 في ليٽر گهٽتائي ڪئي ويندي.جڏهن ته اڄ رات تائين سمري منظور ڪئي ويندي،جنهن کانپوءِ پهرين جنوري 2016ع کان پيٽرول جي نون اگهن تي عمل ڪيو ويندو.

 
Back
Top