تاريخ ۾ (سنڌ) جڏهن هڪ آزاد خودمختيار هڪ ملڪ هيو ته سنڌ مان ڪيتريون ئي شيون هن تاريخي بندرگاھ (شاھ بندر) تان سڄي دنيا ۽ خاص طور يورپ کي سٺو ڪپڙو سنڌ جو ويندو هو، تاريخ جا ڄاڻو ٻڌائين ٿا ته سنڌ جو ڪپڙو خاص ڪري (ململ) چيئرمن هرک ايترو ته مشهور هو جو سڄي دنيا جا ماڻهو ان کي تمام گھڻو پسند ڪندا هيا. تاريخ جو هي شاندار ملڪ سنڌ اڄ سڄي دنيا ته ٺهيو پر هن ملڪ جي ٻين صوبن کان به گھڻو پوئتي ڌڪجي ويئي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ماضي بعيد ۾ ته ڪشمير به سنڌ هئي پر ماضي قريب جي ويجهڙائي جي تاريخ جو هي شاندار ملڪ جنهن جي پکيڙ انڊيا جي موجوده علائقن راجستان، جيسلمير، جهوناڳڙه، احمد آباد ۽ ٻيا علائقا، بلوچستان جو ستر سيڪڙو ۽ پنجاب جو اڌ کان وڌيڪ حصو (سنڌ) هيا.