ٿورا نه ٿورا. مون تي ماروئڙن جا. ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا. اڄ مان پنهنجي زندگي جو هڪ نئون سال ڏسي رهيو آهيان ، اڄ منهنجي زندگي جا 19 سال پورا ٿي چوڪا آهن ، منهنجي والدين جي محبت، شفقت، پيار، ٻاجهه، مهربانين، جي هميشه مون ته وسڪار رهي آهي، ڪڏهن ڏک ته ڏٺا ئي ناهن. هميشه مورڪندي گذاريان پيو. رب پاڪ جا وڏا احسان آهن جو مون کي اهڙا مائٽ مليا آهن جيڪي شل ئي ڪنهن کي ملن . ائين ته هر جنم ڏينهن تي نوان نوان گھفٽ ڏيندا رهندا آهن.پر منهنجي 19 جنم ڏينهن تي جيڪو مون کي تحفو ڏنو ويو آهي تنهن جو ڪو مُل نه هوندو مون لاءِ ته هي گھفٽ هيرن جوارن کان گهٽ نه آهي. شل سدا سکيا هجن اهڙا مائٽ جيڪي جايون ڏين جيءُ ۾ طلبِ دعا؛ غلام مرتضيٰ تميمي
ادا غلام مرتضئ ٿهيم السلام عليڪم.ادا توهان کي پنهنجي زندگي جي نئين سال ۾ قدم رکڻ جون تمام گهڻيون مبارڪون هجن.بيشڪ ماء ؤ پي پنهنجي اولاد لاء الله سائين جو هڪ ناياب تحفو آهي.انهن جو ڪو به نعم البدل نه آهي.الله سائين ماء جي قدمن ۾ جنت رکي آهي ته واري پي(والد) جي قدمن ۾ ان جنت جي چاٻي رکي آهي.توهان خوشنصيب آهيو جو اوهان جا پيارا والدين الله سائين جي رحمتن سان حيات آهن. پڇي ڏسو انهن کان جن جاء والدين هن فاني دنيا مان برقعو مٽائي هلي ويا آهن. انهن جون يادون اڄ به اسان جي دل ۾ محبت جون جوت جڳائي رهيون آهن. الله سائين شل اوهان جي زندگي جي نئين سال ۾ اوهان لاء خوشيون رکن،ڏک ،تڪليفون ؤ مصبيتون اوهان کي پري رکن . هڪ هڪ ڏينهن توهانجي زندگي جو اوهان لاء محبتن ؤ همٿ جو پيغام کڻي آچي.
سائين غلام مصطفى واليڪم السلام بيشڪ مان جي پيرن هيٺ جنت آهي ۽ پي جي پيار کان وڌيڪ دنيا ۾ شل ڪو پيار ڏيندر هجي . مصيبت، پريشاني ته هر انسان ته ايندي آهي . ڪنهن انسان لا ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي مصيبت جي گهڙي هوندي جنهن ڏينهن ان جا والدين هن فاني دنيا مان رُخست ٿيا هوندا.....منهنجي ته اها دعا آهي ته جنهن جا به والدين هن فاني دنيا مان لڏي ويا آهن .الله پاڪ انهن سڀن کي جنت الفردوس ۾ بُلند مقام عطا فرمائي ...(آمين) ۽ توهان جا لک لائق جو توهان مون کي جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون .۽ ان سان گڏوگڏ ڪهڙو نه بهترين تحفو ڏنو