سياري جي سانجه

سياري جي سانجه
_____________________

وري هي ٿڌ ٿڙڪي آ وري هي باه ڀڙڪي آ
مچايو مچ ڪو يارو دل ۾ دل هي ڌڙڪي آ...

سڄي سنڌ ۾ ڪچهريون مچ مڇيون ماريو وجهي ڪي رڇ
ڀڄايايو ڌاريا ڌوتا اندر ۾ آس ٻڙڪي آ....

وري آرانڀيون چوچيون ڪيو گڏ سڀ سوچن جون
وڃي ڪين وره هي گذري سڪ سيباڻي سڙڪي آ...

جنوري ۾ جياپو جيءُ ٿڙڪي ٿو وڏو َآ سيءُ
مکڻ سان گڏ لسي پيءُ نڪتو هو جو تڙڪو آ...

اچي ويو ڊسمبر آ دلبر دل ۾ اندر آ
سهڻو منهنجو سندر آ هوا تي کڙڪي کڙڪي آ...

سڄي هن سنڌ پياري ۾ وڻن ٿا سنڌ جا جوڌا
جواني جن جي تي مان گهور دشمن کي ٿي ڦڙڪي آ

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top