• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسون

shafique shakir

سينيئر رڪن
photo.php


آسون


اڃا تائين نادان! ملڻ جون ڪي آسون.

رکي گھاء دل ۾ ، کلڻ جون ڪي آسون.

عرصي کان آهن ٽٽل جيڪي ناتا،

وري ٿو ڪرين جلڻ جون ڪي آسون.

نڀائي سڄي ڇو حياتي ڪو ڪنھن سان،

وکون چند گڏجي هلڻ جون ڪي آسون.

اداسين جو راڪاس ٻاهر ﺒﻪ ساڳيو،

رکين شهر ۾ ٿو گھمڻ جون ڪي آسون.

رکيو راز شاڪر ﻨﻪ ڪنهن راز تنهن جو،

وري دل جون ڳالھيون سلڻ جون ڪي آسون.
 
Back
Top