صحبتي ڪچهري صوفي ازم، امن جو حل خدابخش جويو اڄ جي صحبتي ڪچهريءَ جو موضوع “ گوادر جو تاريخي پس منظر” هو پر ڇا ڪجي، جڏهن اسين پاڻ ۾ دوست گڏياسين ته ڪجهه ٻيون زماني جون ڳالهيون ڇڙِيون. ڪڏهن، ڪڏهن ڪچهريءَ جي شروعات جنهن پوائنٽ سان ٿيندي آهي ته ان تي سڀني جو توجهه ٿي ويندو آهي ۽ هيءَ اسان جي صحبتي ڪچهري ڪنهن پابندي جي محتاج به ناهي. پر پوءِ به جيڪي ڳالهيون ٿيون سي ڪارگر آهن ۽ ونڊڻ جهڙيون آهن. ڪچهريءَ ۾ طئه ٿيل موضوع کان هٽي ڪري جيڪي ڳالهيون ٿيون ، ان جو سبب اهو هو ته ڄامشوري ۾ اڄ ڪجهه دوستن هڪ سماجي ۽ سوشل ۽ سماجي ڪارڪن جي ورسي ملهائي هئي ۽ جنهن ۾ سمورا دوست ويل هئا. اها ورسي ڊاڪٽر راجو جي وڏي ڀاءُ ڀوري)ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار) جي هئي. ان تقريب جو مون کي اطلاع نه هو، ان ڪري مان اتي موجود ڪو نه هئس. ڪچهري جي شروعاتي لمحن ۾ ڪليم ٻٽ ، محمد يوسف لاءِ چيو ته اڄوڪي ڀوري جي ورسيءَ واري تقريب ۾ هن تي هڪ وڏي نالي واري اديب ۽ ناولسٽ وڏا ڇوهه ڇنڊيا. ان تي محمد يوسف وراڻيو ته : ادا مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، مون ته پنهنجي تقرير ۾ جنرل ڳالهايو هو، ڪنهن جو نالو کڻي ته ڪو نه ڳالهايم پر الائي ڇو هو جذباتي ٿي ويو . منهنجي تقرير ختم ٿيڻ شرط مطالبو ڪيائين ته مائيڪ مون کي ڏيو مان ڳالهائيندس. هو هن ڪالوني جو معتبر ماڻهو آهي، کيس مائيڪ ڏني وئي ۽ منهنجيون ڪيل ڳالهين ۾ ميارن کي پاڻ ڏانهن سمجهي ويٺو. اها ته تمام حيران ڪندڙ ڳالهه هئي. ڪچهريءَ دوران ڪليم مزاڪن محمد يوسف کي چيڙائڻ خاطر چيو ته نه سائين نه اوهان ڄاڻي واڻي هن کي جذباتي ڪري ڇڏيو. محمد يوسف: مون ته ڪيو ئي ڪجهه نه، مون ڇا چيو، ڪليم تون مون کي هرون ڀرون مارائيندين ۽ ويڙهائيندي. ڪليم: ڪم توهان ڪيو ڳالهايو توهان، جملا توهان اڇلايا ۽ ان تي وڙهائيندس وري مان......؟ توهان ايڏو وڏو جملو اڇلايو ته ڄامشوري ۾ هيڏا، وڏا اديب، دانشور، ڊراما نويس، ناول نويس، ڪالم نويس، آهن پر پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي پياري دوست سماجي ورڪر ڀوري تي ڪڏهن به ٻه اکر نه لکيائون. نه هن کي ياد ٿا ڪن. محمد يوسف: ( سڀني جو توجهه ڇڪائيندي۽ وضاحت ڪندي) ڀوري تي هڪڙو ننڍڙو ڪتابچو ڇپيو آهي. جيڪو منهنجي ڀاڻج ڇپايو آهي. مون ان پروگرام ۾ صرف اهو چيو ته مون کي دوستن کان ميار آهي ته هتي يونيورسٽي جيڪا اسان سڀني جو گهر آهي. جهڙوڪر اسان هڪ ٻئي جا گهر ڀاتي آهيون. ڏک، سک هوندو هو ته به اسان سڀ گڏ هوندا هئاسين، ڪرڪيٽ راند هجي، يا والي بال راند پاڻ ۾ گڏ هوندا هئاسين. پر مون کي افسوس آهي ته انهن دوست اديبن ، دانشورن تي جيڪي هن وقت پرنٽ توڙي اليڪٽرڪ ميڊيا تي آهن ناول نگار به آهن ته وڏا ليکڪ به آهن ۽ ڀورو هڪ سماجي ورڪر هو اسان سڀني جو دوست هو ، ان کي ياد ڪرڻ گهرجي. ڪليم: معنيٰ اوهان هن تي سڌي سئين آڱر کئين نه؟ ڊاڪٽر ڪامراني: انهيءَ فارمولي مطابق ، هتان جو هڪڙو ماڻهو به فٽ نٿو ٿئي ، سواءِ ان جي. ڪليم: انهيءَ وقت صرف اهوئي ماڻهو فٽ نظر ٿي آيو. يوسف: مون صرف اهو چيو ته جن ماڻهن هن ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي اثر ڇڏيا، جن پنهنجي زندگيءَ جا سنهري پل هتي گذاريا، انهن کي ڪڏهن پنهنجن ڪالمن ۾، ڪڏهن پنهنجي گفتگو ۾، يا ڪردار ۾ ياد ڪرڻ گهرجي. مثال ، پريل راهي (راهي چنا) کي اڄ تائين ڪنهن ياد ڪيو آهي.؟ مينهل گوپانگ ، ٻڌايو ان کي ڪنهن ياد ڪيو آ؟ ڊاڪٽر ڪامراني: هاءِ....... هاءِ......... يوسف : (ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي) عابد جو مثال وٺو. ان جو اسان ڪتاب به ڇپرايو ۽ سندس نالي سان لائيبرري به قائم ڪئي. پر ان کي ڪڏهن ڪنهن ياد ڪيو آهي؟ نوجوان هو، پنهنجي ڦوهه جواني ۾ اسان کان وڇڙي ويو !! مون چيو : جنهن شخص جي اوهان ڳالهه پيا ڪريو، ان ۽ محمد يوسف جي هڪ مزيدار ڳالهه مون کي به ياد آهي. ان تقريب کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هو مسجد مان نماز پڙهي پنهنجي گهر ڏانهن پئي ويو. هو پنهنجي ڌن ۾ مگن هو ، پنهنجي ناول جي ٿيم سوچيندي پئي ويو، ڪردارن جي باري ۾،۽ ڪلائيمڪس جي باري ۾. اچانڪ گليءَ ۾ کيس محمد يوسف ملي ويو. جيئن ئي سلام ڪيائنس ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو ! گلي ءَ ۾ بيهاري هن سان ڪچهري ڪرڻ شروع ٿي ويو. هو ويچارو جيڪو پنهنجي ناول جي باري م سوچيندو پئي ويو تنهن جا خيال ئي تتر ڀتر ٿي ويا. جڏهن گهر پهتو ته سندس انتظار م ڪليم ٻٽ ۽ اسلم حيدر بيٺا هئا، کين صادق فقير جي وچوڙي تي کانئس ڪمينٽس وٺڻا هئا. جيئن ئي هنن سان مليو ته وٺي رڙيون ڪري هنن کي دانهن ڏنائين ته “ يار اڄ انهيءَ جويي ته منهنجو دماغ ئي خراب ڪري ڇڏيو. رستي ۾ سوچيندو پئي آيس ۽ منهنجا خواب ئي ٽوڙي ڇڏيائين . اياز عالم ابڙو: استاد بخاري به ايئن ڪندو هو، سائيڪل تي پيو ويندو هو جي ڪنهن سلام ڪيس ته رڙ ڪري چوندو هو ته “اڙي ماري ڇڏيئي. منهنجا خواب ئي ٽوڙي ڇڏيئي. مون ڳالهه کي جاري رکندي چيو : هن ويچاري ڪليم ۽ اسلم کي اهو به چيو ته “ مان پنهنجي ناول لاءِ سوچيندو پئي آيس ۽ هي اچانڪ منهن ۾ ٽڪرائجي ويو. ڊاڪٽر ڪامراني: پر اهو مهربان ايترو محمد يوسف تي ڪاوڙيل ڇو آهي؟ محمد يوسف جواب ڏيندي چيو ته اصل ۾ منهنجي ڪيل ڳالهه کان پوءِ انائنسر به ان ڳالهه کي وڌايوهو ، تڏهن فورن مائيڪ گهريائين ۽ جذباتي ٿي ويو ۽ چيائين ته مون ٻه دفعا ڀوري تي لکيل ڪتاب جو ايف ايم تي ذڪر به ڪيو آهي ۽ هتي رڳو مان ڪو نه ٿو رهان ايئن ته پوءِ هتي قادر جوڻيجو به رهي ٿو. فلاڻو به رهي ٿو. اياز عالم ابڙو: ڀلا ان ڳالهه ۾ خرابي ڪهڙي هئي؟ ڊاڪٽر ڪامراني: هميشه سچ ڪنهن کي منهن تي نه چئبو آهي. محمد يوسف:ڳالهه کي هن ايترو وڌايو جو چيائين ته مون کي ڀوري متعلق لکيل ڪتابچو مليو آهي پر مان ان ۾ ڪٿي آهيان؟ پوءِ مون ڀوري جي ڀاءَ راجوءَ کان ان سلسلي ۾پڇيو، جنهن ٻڌايو ته مان وٽس ٻه دفعا ويس ۽ عرض ڪيومانس ته مهرباني ڪري ڀوري جي ياد ۾ ٻه ٽي اکر لکي ڏيو پر لکي نه ڏنائين آخر ۾ چيائين ته مان تمام ڪنو ماڻهو آهيان، ههڙو آهيان،تهڙو آهيان ۽ مان نه لکي ڏيندس. وري جڏهن ڪتابچو مڪمل ٿيو ته به وٽس ويس ۽ مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيومانس ته به نه لکي ڏنائين. پوءِ ان ماڻهوءَ کان مهاڳ لکرايو ويو، جنهن ڪڏهن ڀوري کي ڏٺو ئي ڪو نه. مهاڳ لکندڙ نواز وگهيو آهي جنهن کي ڄامشوري ۾ آئي ڪي ڇهه مهينا مس ٿيا آهن پر هن سيوهڻ تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو آهي. اچانڪ ڪچهريءَ جو موضوع ڦري ويو ۽ ڪنهن سوال ڪيو ته صوفي ازم ڇا آهي؟ ڊاڪٽر ڪامراني چيو ته انسان جنهن به عقيدي سان واسطو رکندو هجي ان سان رهي پر ٻئي عقيدي رکندڙ سان هٿ چراند نه ڪري. ته اهو صوفي ازم آهي. محمد يوسف: اڄڪلهه جن حوالن سان صوفي ازم جي پرچار ٿئي پئي يا ڪي ڌريون ڪن پيون. اهي پنهنجي پنهنجي خاص عقيدي موجب ان کي ايڪسپلائيڊ ڪن پيا. مان اڇڙي ٿر ويس جتي مون کي هڪ دوست وٺي هليو. هن مون کي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان ملايو جيڪو نهايت سادو هو. بدن تي اڇي گڊي پهريل هئس، هو گهران جيئن ئي نڪتو ته وڏي اڪير سان “منهنجا ڀاڳ... منهنجا ڀاڳ... چوندي مليو. ٻه کٽون آڻي وڻ جي ڇانو ۾ ويهاريائين. حال احوال وٺي ميران ، ڪبير، لطيف سچل، مصري شاه، جي نه رڳو برزبان شاعري ٻڌايائين پر گڏو گڏ ان جي تشريح به ڪندو هليو. هن جو چوڻ هو ته اسان جو ذڪر به اهو اٿو ۽ عمل به اهو اٿو. مون کي لڳو ته اصل ۾ صوفي ايئين هجڻ گهرجي. جيستائين پڙهڻ جو تعلق آهي ته سائين جي ايم سيد جي ٿيوري پڙهو، شاهه عنايت کي پڙهو، مخدوام بلاول جي تحريڪ کي پڙهو، سچل ۽ لطيف کي پڙهو ته توهان کي ڪافي مرڪزي ڳالهيون هڪ جهڙيون نظر اينديون. مثال : سائين جي ايم سيد جديد انداز ۾ چيو ته “مذهب ۽ سياست کي الڳ ڪريو. رياست جي ڪاروهنوار ۾ مذهب کي انوال نه ڪريو. ” سڌي سنئين ڳالهه آهي ته جڏهن مذهب رياست جي سسٽم کان الڳ ٿي ويا ته رياست جنرل انسان دوست ٿي ويندي، فلاحي ٿي ويندي، جنهن کي چئون ته سوشل ويلفيئر ٿي پوندي.( 20 جون 2015 روزانه شام)