• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون

آءُ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون
____________________

آءُ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون يار گهڙي کن دل وندرايون
سورن ۾ ڀي سانت رهون ڇو دردن کان ڇو ٿي گهٻرايون
دنيا ساڙولي آ سائين هن جا ڪيئي ظلم ستم هن
پنهنجو پيار پريت نرالي چاهت ۾ ٿا اهڙو چاهيون
ڏيه ڏکيو آ ستم ظريفي پاپي پاپن ۾ آ پورو
سورن کي آ گڏجي ساڙيون شعلا شعلا باهيون ٻاريون
رات پهر هي پويون ٿي وئي ٿڌ ڪري آ پارو پارو
مچ ڪچهريون گيت هلن جي گيت ٻڌي ير دل کي ٺاريون
نيٺ ته باک ڦٽي ير پوندي ڪيسين ڪاري رات هي رهندي
چپ ڀڪوڙيل ڀڻ ڀڻ ٿيندا ساٿ سڀن کي جي سنڀرايون
خون ٿيا جي کاهوڙي هو تن جو روح به رمندو ايندو
کيل خوشين جا هر هند هوندا آءُ ته جڳ پنهنجو جاڳايون


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top