گوادر:سنڪندر اعظم جي دريافت خدابخش جويو اڄ صحبتي ڪچري جو عنوان “گوادر جو تاريخي پس منظر” آهي. گوادر جي تاريخ پراڻي آهي. هن علائقي کي وادي ڪلانچ ۽ وادي دشت به چيو ويندو آهي. گهڻو علائقو غير آباد آهي. پر هن جي تاريخ هميشه کان خاص اهميت واري رهي آهي. هڪ روايت مطابق حضرت دائود عليه السلام جي زماني ۾ جڏهن ڏڪار پيو ته وادي سينا کان گهڻا ماڻهو لڏي اچي وادي مڪران جي علائقي ۾ آيا هئا. مڪران جو اهو علائقو هزارين سالن کان ايران جو حصو رهيو آهي. ايراني بادشاه ڪائوس ۽ افراسياب جي دور ۾ به ايران جي عملداري ۾ هو. 325 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم ، جڏهن برصغير کان واپس يونان وڃي رهيو هو ته ان اهو علائقو اتفاق سان دريافت ڪيو. سندس بحري فوج جا سپهه سالار Admiral Nearchoseپنهنجا جهاز هن بندر گاهه تي لنگر انداز ڪيا ۽ پنهنجي يادگيرين ۾ ان علائقي جي اهم شهرن کي قلمات، گوادر، پشوڪان ۽ چاهه بهار جي نالن سان لکيو آهي.اهم سامونڊي رستي تي هجڻ جي ڪري سڪندر اعظم ان علائقي کي فتح ڪري پنهنجي هڪ جرنل Seleukose Nikatator کي هتان جو حڪمران بنايو. جيڪو 303 ق.م تائين حڪومت ڪندو رهيو. 303 ق. م ۾ برصغير جي حڪمران چندر گپتا حملو ڪري ، يوناني جرنل کان اهو علائقو کسي ورتو ۽ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. پر 100 سالن بعد وري هتان جي حڪمراني ايران جي بادشاهن وٽ هلي وئي. 711 عيسوي ۾ محمد بن قاسم ان علائقي تي قبضو ڪيو. هندستان جي مغل بادشاهن جي زماني ۾ اهو علائقو مغليا سلطنت جو حصو رهيو. جڏهن 16 هين صديءَ ۾ پرتگيزن، مڪران جي ڪيترن ئي علائقن . جن ۾ هيءُ علائقو به شامل هو، تي قبضو ڪري ورتو. 1581 ۾ پرتگيزن هن علائقي جي ٻن اهم تجارتي شهرن پسلي ۽ گوادر کي ساڙي ڇڏيو. هيءَ علائقو ڪيترن ئي مقامي حڪمرانن جي وچ ۾ تختِ مشق بنيو رهيو ۽ ڪڏهن ان تي بليدي حڪمران رهيا ته ڪڏهن رندن کي حڪومت ملي. ڪڏهن ملڪ حڪمران بنيا ته ڪڏهن گچڪين ان تي قبضو ڪيو، پر اهم حڪمرانن ۾ بليدي ۽ گچڪي قبيلا ئي رهيا.بليدي خاندان کي ان وقت گهڻي پزيرائي ملي جڏهن هنن ذڪري فرقو اختيار ڪيو. جيتوڻيڪ گچڪي به ذڪري فرقي سان ئي تعلق رکندا هئا. 1740 تائين بليدي حڪومت ڪندا رهيا. ان کان پوءِ گچڪين جي هڪ عرصي تائين حڪمراني رهي. پر خانداني اختلافن جي ڪري جڏهن ڪمزور ٿي ويا ته خان قلات مير نصير خان (اول) ڪيترا دفعا چڙهائي ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ انهن ٻنهي علائقن ۽ ان علائقي مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي پاڻ ۾ ورهايو. 1775 جي ويجهو مسقط جي حڪمرانن وچ ايشيا جي ملڪن سان واپار لاءِ هن علائقي کي استعمال ڪيو ۽ گوادر جي بندر کي عرب علائقن سان وچ ايشيا جي ملڪن کي واپار لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. جن ۾ گهڻو ڪري هاٿيءَ جا ڏند ن ۽ ان مان ٺهيل شين ، گرم مصالحن، اوني ڪپڙي ۽ آفريڪي علامن جي تجارت ٿي. 1783 ۾ مسقط جي بادشاهه جي پنهنجي ڀاءُ سان جهڳڙو ٿي پيو. جنهن تي سعد سلطان ، خان آف قلات کي خط لکيو، جنهن ۾ هن هتي اچڻ جي خواهس ظاهر ڪئي. خان نه صرف سلطان کي فوري طور اچڻ جو چيو پر گوادر جو علائقو ۽ اتي جي آمدني به لا محدود وقت لاءِ سلطان جي نالي ڪري ڇڏي. جنهن بعد سلطان گوادر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. 1797 ۾ سلطان واپس مسقط هليو ويو ۽ اتي پنهنجي وڃايل حڪومت حاصل ڪيائين. 1804 ۾ سلطان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ حڪمران ٿيو. ان دور ۾ بليدين هڪ ڀيرو وري گوادر تي قبضو ڪري ورتو. جنهن تي مسقط مان فوجين اچي ان علائقي کي بليدين کا واپس ڪرايو.1838 جي پهرين افغان جنگ ۾ برطانيا جو توجهه هن علائقي تي ٿيو. برطانيا جي برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپنيءَ جي جهازن ، گوادر ۽ پسني جي بندرگاهن جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. 1963 ۾ گوادر ۾ پهريون تار گهر (ٽيلي گرام آفيس) قائم ٿي. جڏهن ته پسني ۾ به تار گهر ٺاهيو ويو. 1894 ۾ گوادر ۾ پهرين پوسٽ آفيس کلي جڏهن ته 1903 ۾ پسني ۽ 1904 ۾ اروڙامڙا ۾ پوست آفيس قائم ڪيون ويون. 1947 ۾ جڏهن برصغير جو ورهاڱو ٿيو ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي نالن سان ٻه ملڪ وجود ۾ آيا ته گوادر جا علائقا قلات ۾ شامل هئا. 1955 ۾ هن علائقي کي مڪران ضلع بنايو ويو. 1958 ۾ مسقط 10 ملين ڊالرن ۾ گوادر ۽ ان جو علائقو پاڪستان کي ڏنو. ۽ پاڪستان گوادر کي تعلقي جو درجو ڏئي ان کي ضلعي مڪران ۾ شامل ڪيو. پهرين جولاءِ 1870 ۾ جڏهن ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ۽ بلوچستان به هڪ صوبي جي حيثيت اختيار ڪئي ته مڪران کي به ضلعي اختيار ملي ويا. 1977 ۾ مڪران کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو ۽ پهرين جولاءِ 1977 تي تربت، پنجگور ۽ گوادر کي ضلعو بنايو ويو. اڄ هي گوادر جو ننڍو شهر جنهن جي آبادي سرڪاري انگن اکرن مطابق 50 هزار آهي پر آزاد ذريعن مطابق هن شهر جي آبادي هڪ لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هن شهر کي ٽنهي طرفن کان سمنڊ گهيريل آهي. ۽ هر وقت سامونڊي هوائون لڳنديون رهن ٿيون. جنهن جي ڪري هڪ خوبصورت ۽ دلفريب منظر پيش ڪري ٿو. هونئن به گوادر جي معنيٰ (هوائن جو دروازو) آهي. ‘گوا’ معنيٰ هوا ۽ ‘در’ جو مطلب دروازو آهي. گهري سمنڊ کان علاوه شهر جر اوسي پاسي مٽي جا بلند پهاڙ نما موجود اٿس. هن شهر جر رهواسين جو گذر سفر مڇيءَ جي شڪار تي آهي. ۽ ٻيون اقتصادي ۽ معاشي ضرورتون پاڙيسري ملڪن ايران، متحده عرب امارات ۽ اومان مان پوريون ڪن ٿا. (22 جون، 2015 روزانه شام)